سنڌ

تلهار ڀرسان باهه سبب 5 پورهيتن جا گهر سڙي خاڪ،لکين روپين جو نقصان

تلهار ويجهو ميرواهه ڪئنال وٽ ڳوٺ نصير ملاح ۾ گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نصير ملاح، بشير ملاح، غلام مصطفى ملاح، اشرف ملاح سميت پنج گهر سڙي ويا. اهڙو اطلاع تلهار فائر برگيڊ کي ڏنو ويو، باهه جي شدت 5 گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باهه بعد گهرن ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جيڪي پنهنجو سر بچائي گهرن کان ٻاهر نڪتيون، تلهار فائر برگيڊ عملي پهچي باهه ضابطو آندو. متاثر بشير ملاح، نصير ملاح، غلام مصطفى ملاح، بختاور ملاح، مريم، صنم، ڪونج، شبانا ۽ ٻين چيو ته اسان جي گهرن کي حاجي ملاح ڄاڻي واڻي باهه ڏني آهي، جنهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. باهه سبب گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، جنهن ۾ نياڻين جو ڏاج، هنڌ، بسترا ۽ کٽن سميت لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button