سنڌ

ٽنڊوباگو ۾ پلال سان ڀريل رڪشا کي باهه،ٻن ڌرين جو هڪٻئي خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو جي پراڻي ٽائون ڪميٽي آفيس ۽ ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو جي اسپتال واري گهٽي ۾ پلال سان ڀريل رڪشا کي باهه لڳي وئي، اهڙي اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي نه پهتي، جنهن کانپو اسپتال عملي، شهرين ۽ صحافين ٽائون آفيسر ٽنڊوباگو ۽ پوليس خلاف سينيئر صحافي ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو، شهزاد ميمڻ، مهراڻ درس جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي باگو واهه پل واري چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي صحافي ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو چيو ته پلال سان ڀريل رڪشا کي هٿ سان باهه ڏئي منهنجي اسپتال کي ساڙڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته ٽائون ڪميٽي جو نااهل ٽائون آفيسر پنجاب جا دورا ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف رستماڻي برادري جي ماڻهن مظاهرو ڪيو. ان موقعي هنن چيو ته رڪشا کي هٿ سان باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي، جنهن ۾ اسپتال جو عملو ملوث آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button