سنڌ

دڙو ڀرسان زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل همراهه فوت

دڙو ويجهو ڳوٺ علو ملاح جي ٻن ڌرين ۾ زمين جو تڪرار ٻيھر تيز ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل علي غلام ملاح زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن. 3 هفتا اڳ ٻنهي ڌرين جي جهيڙي ۾ هڪ ڌر جو هڪ نوجوان نور محمد لوٺيو قتل ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس ستن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو هو. هوڏانهن زمين جي تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. هوڏانهن مقتول جو مڙهه ڳوٺ آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جنهن کي جنازي نماز کانپو مٽي ما حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button