عمران خان جي حڪومت ايتري عوام آزار ۽ ايتري غيرذميوار ثابت ٿيندي! ان باري ۾ عمران خان جي مخالفن به نه سوچيو هو. اهو تبصرو عمران خان جي ڪهڙي ڪهڙي ڪم تي ٿي سگهي ٿو؟ ان سوال جو پاڇو وسيع آهي. ان ۾ گهڻو ڪجهه اچي وڃي ٿو. هن وقت “مهانگائي ۽ تبديلي” هم معنيٰ لفظ بڻجي ويا آهن. جڏهن خزاني وارو قلمدان سنڀاليندڙ صاحب اهو چوي ٿو ته آءِ ايم ايف پئٽروليم جون قيمتون وڌائڻ جي لاءِ چيو آهي ته پوءِ هن حڪومت جي آزادي ڪيتري نه محدود ٿي وڃي ٿي. ڇا عمران خان جي حڪومت ۾ ايترو ٻل به ناهي جو اها هڪ مالياتي اداري جو ڪو حڪم نه مڃڻ جي جرئت ڪري!!
عوام جي طرف عمران حڪومت جو رويو ايترو ته بي پرواهيءَ وارو آهي جو ان جي ڪا حد ناهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته “ماڻهو هڙئون وڃي پر وڙئون نه وڃي” اها ڳالهه اکين تي ته مهانگائي عمران خان کان ڪنٽرول ٿيڻ جوڳي ناهي. هونءَ به عمران خان جي معاشي معلومات محدود کان به ڪجهه هٿ هيٺ آهي. پر جيستائين سياسي ذميواريءَ جو سوال آهي، ان ۾ عمران خان سان ڪهڙو اقتصادي مسئلو درپيش آهي؟ عمران خان جي حڪومت ٽي ايل پي جي مٿان جڏهن بندش پئي عائد ڪئي ته ان مهل به ان جا سبب پڇيا ويا هئا ۽ هن کان اهو سوال ڪيو ويو هو ته جنهن پارٽيءَ جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ هجن، ان جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي يا نه؟ پر عمران خان ٽي ايل پي جي سلسلي ۾ ساڳيو ئي “يوٽرن” ورتو. هن وقت اهي بيان ڏيڻ به حڪومت ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندي. حڪومت هر حال ۾ پنهنجي رٽ قائم ڪندي ۽ ٻي طرف ٽي ايل پي جي لانگ مارچ کان هيءَ حڪومت ايتري ته خوف ۾ ورائجي وئي جو جن شهرن جي آس پاس ٽي ايل پيءَ جا احتجاج هئا، انهن شهرن ۾ عوامي زندگي مفلوج ٿي وئي ۽ حڪومت جو اهو حال هو ته صرف روڊن تي رڪاوٽون کڙيون ڪرڻيون هيون ۽ ان مهل به عمران خان کي سمجهه وارن چيو پئي ته هن کي پنهنجا قدم واپس ڪرڻا پوندا. عمران خان جي حڪومت ۾ ايترو دم خم نه هو ته اها هڪ احتجاج جو دٻاءُ به برداشت ڪري سگهي.
ٽي ايل پي جي ٽن اهم مطالبن ۾ هڪ مطالبو ته اهڙو هو، جنهن تي حڪومت ڪنهن به صورت عمل ڪري نه ٿي سگهي. فرانس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ ڪو معمولي قدم ناهي. پاڪستان ته ڪشمير جو مسئلو هوندي به ڀارت جو سفير ملڪ مان نه ٿو ڪڍي سگهي. ان صورت ۾ فرانس جي سفير کي ڪڍڻ ڪنهن به طور تي آسان ڪم ناهي. ان سلسلي ۾ ڳالهه صرف فرانس جي ناهي. يورپي يونين جي به ڳالهه ناهي. اها ڳالهه ته عالمي سطح تي سفارتڪاريءَ جي آدابن جي آهي. اهو پتو ٽي ايل پي کي به هو ته فرانس وارو مطالبو ڪنهن به طور تي تسليم نه ٿيندو. پر پوءِ به پنهنجو دٻاءُ قائم رکڻ جي لاءِ ٽي ايل پي اهو مطالبو ڪيو ۽ ان مطالبي ٻڌڻ کان خوف محسوس ڪندي حڪومت ٽي ايل پي جا اصل مطالبا مڃي ورتا.
ٽي ايل پي جو سڀ کان اهم مطالبو اهو هو ته هن پنهنجي مٿان پيل پابندي هٽائڻ پئي چاهي. ڇو ته ڪنهن به پارٽيءَ جو وجود قانوني طور تي ختم ڪيو وڃي ته اها پارٽي ڪنهن ٻي نالي ۾ ڪيترو وقت ڪاٽي سگهندي. هن وقت ڪا به ڳالهه ڳجهي رکڻ ممڪن ناهي. جڏهن ميڊيا ۽ عوام ساڳيا چهرا ڪنهن ٻي نالي ۾ ڏسي ها ته ان سان ان پارٽيءَ جي مٿان اخلاقي سوال اٿن ها. جڏهن ته ان پارٽيءَ جي وارثي خيرن سان ايتري وڏي آهي جو عمران حڪومت لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته ان پارٽيءَ جي مٿان پابندي عائد ڪري ان کي جهڪائي سگهي.
ٽي ايل پي جي تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڀيٽ ڪرڻ به تمام ڀل جهڙو ڪم ٿيندو. ڇو ته ٽي ايل پي جي هٿ ۾ ڏنڊا آهن ۽ ٽي ٽي پي ته جنم ئي بندوق جي ناليءَ مان ورتو ۽ ٽي ٽي پيءَ دهشتگرديءَ جون ايتريون گهڻيون ڪارروايون ڪيون هيون جنهن جو تذڪرو به لونءَ ڪانڊارڻ جي لاءِ ڪافي آهي. پر ان سان ڇا ٿيو؟ هن وقت به حڪومت پنهنجي زبان سان اهو تسليم ڪري رهي آهي ته افغان طالبان جي معرفت ٽي ٽي پيءَ سان حڪومت ڳالهيون ڪري رهي آهي. اها ساڳي حڪومت جنهن جي هڪ اهم وزير اها هام به هنئي هئي ته افغان طالبان ان ڳالهه جو يقين ڏياريو آهي ته افغانستان جي سرزمين ٽي ٽي پي لاءِ استعمال نه ٿيندي. جڏهن حڪومت ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ٽي ايل پي ته اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽرڊ پارٽي آهي. اها پارٽي جنهن اليڪشن ۾ ڏهه لک ووٽ حاصل ڪيا هجن، ان پارٽيءَ مٿان پابندي مڙهڻ حڪومت لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هو. پر حڪومت پنهنجي هوڏ هلائي ۽ آخر اهو ئي ٿيو، جيڪو هن ملڪ جا سمورا سياسي مبصر چئي رهيا هئا. هن وقت حڪومت ٽي ايل پي جي مٿان پابندي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت جو اهو فرض هو ته پابندي عائد ڪرڻ وقت به عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها ۽ پابندي هٽائڻ جي حوالي سان به عوام کي تفصيلي ڄاڻ ڏني وڃي ها. پر حڪومت سياسي اخلاقيات جو ڪو به خيال نه ڪيو. عوام کي ڪجهه به نه سمجهڻ ۽ عوام جي مرضي ڄاڻڻ کان سواءِ سمورا ڪم ڪرڻ جو اختيار آخر ڪهڙي جمهوريت جي قاعدي ۾ لکيل آهي؟
عمران خان جي حڪومت جو اهو رويو جمهوري اخلاقيات جا سمورا ليڪا لتاڙڻ جي زمري ۾ اچي ٿو يا نه؟ ان سلسلي ۾ ڪو به فرد يا ڪا به ڌر عمران خان جي قدمن کي جمهوري قرار ڏئي نه ٿي سگهي. عمران خان پنهنجي مرضيءَ سان جيڪي به قدم کڻي رهيو آهي، اهي هڪ اهڙي روايت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، جيڪا روايت هن ملڪ ۾ سدائين جمهوريت سان ٽڪر ۾ ايندي رهي آهي ۽ جمهوريت جي خلاف حڪومت جي اها مشق ستم هن وقت به جاري آهي. حڪومت جو اهو فرض آهي ته ڪو به وڏو فيصلو ڪرڻ وقت عوام جي آڏو گهٽ ۾ گهٽ وضاحت پيش ڪري ته جيئن عوام ۾ اهو احساس پيدا ٿي سگهي ته جمهوريت جو مطلب عوام جي حڪومت آهي. ڇا ڪنهن به عوامي حڪومت ۾ اهو ڪجهه ٿيندو آهي؟ عمران خان جون اهي وڊيوز هن وقت به يوٽيوب تي گردش ڪن ٿيون، جن وڊيوز ۾ هن بار بار اهو چيو هو ته هو هڪ ڪمزور وزير اعظم ٿي حڪومت نه ڪندو پر حالتن ۽ حالتن جي حوالي سان حڪومت جي فيصلن مان صاف پڌرو آهي ته عمران خان ملڪ جي تاريخ جو ڪمزور ترين وزيراعظم ثابت ٿيو آهي. هڪ اهڙو وزير اعظم جيڪو ملڪ جي عوام کي ڪنهن به ڪٿ ۾ نه آڻي ۽ پنهنجي طور تي اهڙا فيصلا ڪري رهيو آهي، جيڪي فيصلا عوام سان حڪومت جي مڪمل طور لاتعلقي جو ثبوت پيش ڪري رهيا آهن. آخر هن ملڪ جو اصل مالڪ ته عوام آهي. عمران خان کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته هو عوام جي مرضي ۽ عوام جي اجازت کان سواءِ هر فيصلو عوام جي مٿان مڙهي رهيو آهي.
اها حقيقت آهي ته سياست ۾ سمجهوتا ٿيندا آهن پر هر سمجهوتو عوام جي مرضيءَ سان ڀلي نه ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ عوام کي ان جي ڄاڻ ته هجي. ملڪ جي عوام کي ڪو پتو ڪونهي ته سڀاڻي عمران خان ان جي مٿان ڪهڙا فيصلا عائد ڪندو؟ عمران خان کي عوامي حقن جو خيال رکڻ گهرجي ۽ عوام جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي حق اهو هوندو آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي حوالي سان باخبر هجي. هن کي معلوم هجي ته جيڪو به فيصلو ٿي رهيو آهي، ان جي اصل حقيقت ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن عوام جي اصل حقن کي لت هڻي صرف ۽ صرف پنهنجي من ماني ڪرڻي آهي ته اها حڪومت عوامي نه پر آپيشاهيءَ واري حڪومت هوندي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت آپيشاهيءَ جو هڪ بدترين مثال بڻجي هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪري رهي آهي، جنهن جا سڀاڻي ملڪ جي سياست ئي نه پر سماج تي به تمام گهڻا اثر پوندا.
عمران خان جو منڍ کان وٺي اسٽائيل هڪ سياسي دانشور جهڙو رهيو آهي. ڇا هڪ سياسي دانشور جي حيثيت ۾ هو ٻڌائي سگهندو ته هن عوام کي “آن بورڊ” وٺڻ جي سلسلي ۾ ڇا ڪيو آهي؟ عمران خان جي حڪومت سدائين اها هام هنئي آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي. ڇا عمران خان جي حڪومت اهو ٻڌائي سگهندي ته هن جي حڪومت ۽ عوام ڪهڙي پيج تي آهي؟ ڇا هڪ حڪومت لاءِ اهو ڪافي آهي ته هن سان عسڪري قيادت جو ساٿ هجي. ڇا عوام جي وجود کي ملياميٽ ڪري صرف پنهنجي هلائڻ سان ملڪ سڌي رستي تي هلي سگهندو. هن ملڪ ۾ اصولي طور تي عوامي جي مرضيءَ کي مانُ ۽ شانُ ملڻ گهرجي پر شين جا اگهه وڌائڻ کان وٺي ملڪ جي تاريخ جا اهم ترين سياسي فيصلا ڪرڻ تائين عمران خان جي حڪومت جهڙي طرح سان عوام جي وجود کي نظرانداز ڪيو آهي، اهو تمام گهڻو غلط راهه تي هلڻ وارو عمل آهي ۽ ان عمل جي بنياد تي عوام پنهنجي سياسي سهپ جا آزمائش وارا مرحلا عبور ڪري رهيو آهي. عوام جي مٿان عمران خان جو راڄ سياسي اخلاقيات جو هڪ ٻرندڙ سوال آهي. ڇا عمران خان وٽ ان سوال جو جواب آهي؟
تحريڪ انصاف جي حڪومت اهڙي ثابت ٿيندي؟ اها ايتري متضاد ۽ ايتري تڪراري بڻبي؟ عوام کي ان جو تر جيترو به احساس هجي ها ته عوام جو عمران خان جي حوالي سان چونڊن ۾ فيصلو ڪجهه ٻيو هجي ها. عمران خان عوام سان جيڪي به ڪوڙا واعدا ڪيا، انهن جو عوام جي دلين تي اڄ ڪهڙو اثر آهي؟ عمران خان جي حڪومت تضادن جو مجموعو ٿيندي؟ عوام کي ان باري ۾ ڪو خواب خيال به نه هو. اڄ ملڪ جو عوام پنهنجن حقن جي سلسلي ۾ پنهنجي حد جو پڇاڻو ڪري رهيو آهي!!