ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمران جماعت جا مهانگائي بابت عذر

Editorial

حڪمران جماعت عوام سان ڪيل وعدن کي ته ناهي پاڙيو پر اها عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل به نه رهي آهي. هڪ پاسي ملڪي معيشت جي تباهه حالي آهي ته ٻئي پاسي وري عوام لا جيئڻ جا رستا سوڙها ٿي رهيا آهن. وزير اعظم عمران خان هر بيان ۾ اهو چوندو آهي ته کيس مهانگائي جو احساس آهي ۽ هو ملڪي مهانگائي کي دنيا جي ٻين ملڪن جي مهانگائي سان ڀيٽيندو رهندو آهي. پر ان سان عوام تي آيل مهانگائي جو بار گهٽائي ته نٿو سگهجي نه ئي ان جي مالي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي. عوام کي رليف تڏهن ملي سگهندو، جڏهن عملي طور اپا ورتا وڃن. پي ٽي آ جا وزير مشير اڄ به ملڪي معيشت ۽ وڌندڙ مهانگائي جو ڏوهه اڳوڻين حڪومتن کي قرار ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته هن وقت حڪومت جون واڳون پي ٽي آ جي هٿن ۾ آهن. تنهنڪري اها ان جي ذميواري آهي ته اها عوام کي پيش آيل هر مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪوششُون ڪري پر حڪومت جان ڇڏائڻ ۾ پوري آهي. ان کانسوا جڏهن ان صورتحال ۾ پي ٽي آ وزيرن جا جيڪي بيان سامهون اچن ٿا، انهن سان به عوام جي دل آزاري ٿئي ٿي. تازو ئي اسد عمر ۽ شوڪت ترين جيڪي بيان ڏنا آهن، انهن کي ٻڌي ماڻهن کي کل ضرور آئي هوندي.

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جو بحران رڳو سنڌ ۾ آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽڙي جي سچل گرائونڊ تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ هڪ جمهوري نظام آھي، مختلف جمهوري حڪومتون آھن ۽ مڪاني حڪومتون پڻ آھن، 18هين ترميم جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ حڪومت ڪهڙي ذميواري ادا ڪئي آهي. ڪورونا وائرس ۾ سنڌ حڪومت روپيو خرچ نه ڪيو، وفاق سنڌ جي ماڻهن لا 650 ڪروڙ ڪيش ايمرجنسي رليف ڏنو، ويڪسين جي ذميواري صوبن جي هئي پر وفاقي حڪومت سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 18 لک ويڪسين ڏني. هن چيو ته بلاول کي سنڌ جي ماڻهن جو فڪر ناهي، سنڌ جي نوجوان کي پيرن تي بيهارڻ لا ڪامياب جوان پروگرام ۾ 19 هزار 9 سو هنرن مندن کي تعليم ڏني آھي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ وفاقي يونيورسٽي جو بنياد رکون پيا، نئين يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ٺاهينداسين پر سنڌ حڪومت مخالفت ڪري رهي آهي، سينيٽ ۾ بل جي مخالفت ڪئي وئي، اسان سکر حيدرآباد موٽر وي ٺاهيون پيا، سکر حيدرآباد موٽر وي لا رقم رکي آھي. هن چيو ته ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ صوبا خود مختيار آھن پر سنڌ ۾ ڪڻڪ هوندي اٽو مهانگو ڇو آھي، سنڌ ۾ اٽو 80 روپيا ڪلو ڇو پيو هلي. ان جو وزير اعليٰ جواب ڏئي، ھاڻ بيان اچن پيا ته اربين روپين جي سنڌ جي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ کي ڪوئا کائي ويا آھن، هي موقف سنڌ حڪومت جو آھي، کنڊ جو بحران سنڌ ۾ آهي، سنڌ جون شگر ملون آصف علي زرداري جون آھن. کنڊ مهانگي ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جو هٿ آھي. هي ٽوپي ڊرامو پيا ڪن، هاڻ ٽوپي ڊرامو بند ڪرڻ گهرجي ۽ کين شرم ڪرڻ گهرجي. اسد عمر چيو ته هي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ اندر ووٽ وٺڻ ويندا ته کين سنڌ جي عوام پاران اهو جواب ملندو ته مرسون مرسون ووٽ پ پ کي نه ڏيسون، هي مارچ جي تاريخ ڏئي مٽائين پيا پر حڪومت ختم نه ٿيندي، ايندڙ اليڪشن 2023 ۾ ٿيندي، پوري ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آ جي هوندي. جڏهن ته ٻئي پاسي وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته ملڪ سمورن شعبن ۾ ترقي ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته زراعت، مصنوعات، روانگي واپار ۽ ٽيڪس اوڳاڙين سميت سمورن شعبن ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. انگ اکر ڪڏهن به ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا ۽ ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي. هن چيو ته هاڻي اسان ضرورت کان وڌيڪ چانور، مڪئي ۽ ڪپهه پيدا ڪري رهيا آهيون.
اسد عمر شايد اها ڳالهه وساري ويٺو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول اسم جا اگهه سنڌ حڪومت طئي نه ڪندي آهي ۽ نه ئي بجلي ۽ گيس جون قيمتون سنڌ حڪومت وڌائيندي آهي. کنڊ جو اگهه به سنڌ حڪومت طئي ناهي ڪندي يا اهو چوڻ ته سنڌ ۾ شگرملون آصف زرداري جون آهن، ان ڪري کنڊ مهانگي ٿي وئي آهي، ڪجهه عجيب منطق آهي. آصف زرداري جون شگرملون ته ڪيترن ئي سالن کان آهن، اها اڄ جي ڳالهه ناهي، ان وقت کنڊ مهانگي ڇو نه ٿي؟ ان کانسوا اٽي جو بحران ان وقت پيدا ٿيو هو، جڏهن وفاقي حڪومت ڪڻڪ افغانستان منتقل ڪئي هئي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ لڳي پئي هئي. هتان جي ماڻهن جي پورت ڪانه پئي ٿي پر وفاقي حڪومت ڪڻڪ افغانستان موڪلي ڇڏي. تنهن کان پو ڪڻڪ به ٻاهران گهرائي وئي ۽ ائين هڪ زرعي ملڪ جي ماڻهن کي اٽو به مهانگي ترين اگهه تي ملڻ لڳو. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت تي الزام هڻي پاڻ کي آجو نٿي ڪرائي سگهي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي جي ذميواري وفاقي حڪومت آهي، جيڪا رات جي اونداهي ۾ پيٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيندي آهي ۽ عوام ٻئي صبح تي اٿڻ کان پو مهانگي اگهه تي پيو شيون خريد ڪندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته اسد عمر ۽ شوڪت ترين جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهي عوام کي گمراهه پيا ڪن ۽ عوام آڏو سچ بيان ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پي ٽي آ پنهنجين ڪوتاهين کي قبول ڪري ۽ اهو مڃي ته اها مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ عوام کي رليف نٿي ڏئي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button