ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ عدالت کانپوءِ عوام کان به معافي وٺي

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سياسي پارٽيءَ جي مکيه اڳواڻ ۽ سيڪريٽري جنرل اسد عمر عدالت جي گستاخيءَ (توھين) بابت ڪوبه شرط لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ئي معافي گهري ورتي آھي. لاھور ھاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي برانچ ۾ جاري ڪيل عدالت جي گستاخيءَ واري نوٽيس خلاف اسد عمر خلاف ٻڌڻي ٿي. جسٽس جواد حسن ذاتي طور عدالت ۾ کيس ستين ڊسمبر تي گھرايو ھو. عدالت، اسد عمر جي وڊيو ۽ ٽرانسڪرپٽ به گهرايو جڏھن ته عدالت پي ٽي آءِ کان عدالت جي توھين جو جواب به ورتو. اسد عمر پنھنجي وڪيل چوڌري فيصل سان گڏ عدالت ۾ حاضر ٿيو. اسد عمر پنھنجي تقرير جي ڪنھن به شرط کانسواءِ معافي ورتي ۽ دعوى ڪئي ته اسان عدالتن جو احترام ڪريون ٿا ۽ ڪندا رھنداسون. معافي دوران سندس چواڻي منھنجي ڪنھن به بيان سان جيڪڏھن ڪا به لائين ڪراس ٿي آھي ته مان معافي وٺان ٿو. جڏھن ته عدالت، ڪيس جو نوٽيس نبيري ڇڏيو. ياد رھي ته اسد عمر 26 نومبر تي راولپنڊيءَ ۾ پي ٽي آءِ گڏجاڻيءَ دوران ججن تي تنقيد ڪئي ھئي.
اھا سچائي آھي ته عمران خان نيازي جڏھن پوڻا چار ورھيه ملڪ جو وزيراعظم بڻيو ھو ته ھن اعتراض جوڳا بيان عام طور ڏنا ھئا، جيڪي مخالف ڌر جي اڳواڻن خلاف ھئا. پاڪستان جي 75 ورھين ۾ اھو پھريون سربراهه ھو جنھن لاڳيتيون ۽ عام طور غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي. بھرحال، سندس ڪارڪردگي عوام جي ڀلائيءَ جي خيال کان به ٻڙِي ھئي ۽ ھاڻي به آھي. سکڻا ۽ لاڳيتا بيان جاري ڪري عام ماڻھن کي اڳ به استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رھندو ھو ۽ اڃا به ڪندو رھي ٿو. شايد عمران خان نيازي سمجهي ٿو ته عام ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جو نبيرو رڳو سکڻن بيانن ذريعي آھي يعني باقاعدي عمل ڪرڻ سان ڪونهي.
جيئن ته پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر عدالت کان، سندس گستاخيءَ ڪرڻ جي معافي ورتي آھي سو جيڪڏھن سندن نيڪ نيتيءَ آھي ته جن جي به ھن يا عمران خان نيازيءَ جي پارٽي بدتميزي ڪئي ھئي يا آھي، تن کان باقاعدي ۽ سچي دل سان اھم ليڊر معافي وٺن پر ھڪ خاص ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اھي معافيون سچي دل سان وٺن ۽ اڳتي ھلي بدتميزيءَ وارا بيان جاري نه ڪرڻ جو باقاعدي قسم کڻن. عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ جا مکيه اڳواڻ گستاخيءَ وارا بار بار بيان جاري ڪندا رھندا آھن، ڪير اعتراض ڪندو رھندو آھي ته انھيءَ کي اھميت ئي ڪونه ڏيندا آھن، البت جيستائين مون کي ياد اچي ٿو ته عدالت جڏھن کين رٿ ڏيندي آھي ته اعتراض جوڳي ٻولي ڇو ٿا ڪتب آڻن ته پوءِ رڳو عدالت کان معافي وٺندا آھن پر اھا به تلخ سچائي آھي ته ھو نوان موقعا ملڻ تي اعتراض جوڳيون ٻوليون بار بار ڪتب آڻيندا آھن.
عمران خان نيازيءَ جي پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ، جيڪي ڪراچي، سنڌ جا آھن سي بنيادي طور سنڌي ڳالھائيندڙ به ڪونه آھن، سي به عمران خان نيازيءَ جي وزيراعظم جي دور يعني پوڻن چئن ورھين دوران غيراخلاقي ٻولي ڪتب آڻيندا رھندا ھئا، جن جو مکيه سبب اھو آھي ته اصل ۾ اھي اعتراض جوڳيون ٻوليون، عمران خان جون جاري ڪيل ھيون، جن کي ھو دھرائيندي فخر محسوس ڪندا ھئا.
هتي ھڪ ڳالهھ جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته عمران خان نيازي پوڻا چار ورھيه حڪمرانيءَ دوران سندس پارٽيءَ جي مختلف اڳواڻن سياسي مخالفن خلاف غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي ۽ اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ به اھو اعتراض جوڳو رويو جاري رکيائون ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازيءَ جي بيانن مان اھو ظاھر آھي ته ھو رڳو سکڻا پر زوردار بيان ڏئي عام ماڻھن کي متاثر ڪندو رھندو آھي. ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ عملي طرح ٽڪو به ڀلائيءَ واو ڪم ڪونه ڪيو ھو. اھو به ياد رکڻ گهرجي ته اليڪشن ڪميشن به عمران خان کي نااھل قرار ڏنو آھي، تنھنڪري کيس پارٽي چيئرمين رھڻ جو به حق ناھي. اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪنور دلشاد جو چوڻ آھي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نااھل قرار ڏنو آھي تنھنڪري کيس پارٽي چيئرمين رھڻ جو حق ناھي.
ڪن ماڻهن جي دعوى آھي ته عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ جي حامين گندي ٻولي لاڳيتي ڪتب آندي آھي. کين ڪيترا ڀيرا جهليو آھي پر ھو نٿا مڙن، سو بھتر آھي ته عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ جي اڳواڻ جيڪا ٻولي استعمال ڪن ٿا تن کي به اها ٻولي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي. بھرحال، ڪن جي عام صلاح آھي ته مخالفن غيرمناسب ٻولي استعمال ڪرڻ مناسب ڪونھي پر پي ٽي آءِ وارا نٿا سمجهن تنھنڪري ڪيترا مجبور ٿي اھا دعوى بار بار ذاتي طور دھرائين ٿا ته پي ٽي آءِ کي به خلاف به گندي ٻولي استعمال ڪريو تڏھن سڌرندا. منھنجي ذاتي راءِ آھي ته جواب ۾ ڪنهن به ريت خراب ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ اخلاق جو دامن ڪنھن به صورت ۾ ڇڏڻ نه گهرجي.
بھرحال، جڏھن عمران خان جي پارٽي ڪريل ٻولي استعمال ڪئي هئي ته اسان مختلف گروپن تي فيس بوڪ تي مختلف پوسٽٽون رکيون هيون ته عوام ان جي مخالفت ڪري ته من عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ جا ماڻھو، سڌري وڃن پر عمران خان نيازي جي پارٽيءَ جا اڳواڻ ڪونه سڌريا آھن، البت فيس بوڪ تي اھڙا ماڻھو به موجود آھن جيڪي عمران جي اهڙي ٻولي توڙي سنڌ ٽوڙڻ جي بيانن باوجود ان خلاف مھم نٿا ھلائين. الٽو سندس حمايت ۾ کوڙ پوسٽون رکن ٿا. سنڌ جي حق ۾ گهري سوچ رکندڙن کي اپيل آھي ته سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جي فائدي خاطر، گارگند ڪندڙن جي سخت مخالفت ڪن. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سنڌ توڙي ان جي عوام جو ڊگھو اخلاقي فائدو شامل ھوندو.
منھنجي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي ليکڪ طور صلاح آھي ته ھن جھڙي ريت عدالتن جي گستاخيءَ جي پنھنجي معافي ڪنھن به شرارت کان سواءِ ورتي آھي سو بھتر آھي ته پنھنجي سڄي پارٽيءَ طرفان باقاعدي سچي دل سان عوام کان معافي وٺي ۽ پنھنجن پارٽي اڳواڻن کي انھيءَ ڳالھه تي راضي ڪري ته ھو غير اخلاقي ٻولي وارو گندو سلسلو ترت ۽ ڪنھن به شرط کان سواءِ بند ڪن. ائين ڪرڻ سان کين ۽ سندس پارٽيءَ کي اڳتي ھلي فائدو ملندو ڇاڪاڻ ته اهڙي ٻوليءَ سان ڪڏھن به ڪو فائدو ڪونه ملندو آھي. البت وقتي طور ماڻھو متاثر ٿيندا آھن پر اڳتي ھلي نفرت جو دائمي ڪاروبار ڪندا رھندا آھن. بھرحال، عمران خان پارٽيءَ کي، اخلاق جو دامن ڇڏڻ نه گهرجي ۽ کين پنھجو غلطيون سچي دل سان مڃي سندس سيڪريٽري جنرل اسد عمر طرفان عدالت کان ورتل معافي وانگيان، عوام کان به معافي وٺڻ گهرجي. جنھن جو اڳتي ھلي پي ٽي آءِ توڙي جو سندن مکيه اڳواڻن کي پڪو پر ڊگهي عرصي وارو فائدو ملندو. ڪاش! اھا سچائي کين سمجهه ۾ اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button