غير درجه بندي

روزگار کان محروم اقليت ۽ عورتون

ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جي شرح وڌڻ کان پوءِ نوجوانن ۾ جيڪا بي چيني آهي، ان کي حڪومت سدائين نظرانداز ڪندي رهندي آهي. ان وٽ بيروزگاريءَ جو دفاع ڪرڻ جا ڪيترائي بهانا موجود هوندا آهن، پر ڪنهن به حڪومت جي اها ذميواري هوندي آهي ته اها نه رڳو ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪندي پر بيروزگاريءَ جو پڻ خاتمو ڪندي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جهڙي ريت ادارن مان ماڻهو ڪڍڻ ۽ ادارن کي تالا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو، ان سان جيڪو نقصان ٿيو هو، ان جو ازالو هاڻوڪي حڪومت ۾ به نه ٿي سگهيو آهي. پر ڇا هاڻوڪي حڪومت به پي ٽي آءِ جي نقش قدم تي هلي رهي آهي. ان به اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ملڪ مان بيروزگاري ختم ناهي ڪرڻي ۽ نه ئي وري نوجوانن کي عزت ڀريو روزگار ڏئي انهن جي زندگي بهتر ڪرڻي آهي. ملڪ ۾ هڪ پاسي معاشي حالت بهتر ناهي ته ٻئي پاسي ان جي بهتر ٿيڻ جا امڪان به گهٽ نظر اچي رهيا آهن. ان هوندي به جڏهن نوجوان ڪن ادارن ۾ جڏهن خالي ٿيل جاين جا اشتهار ڏسن ٿا ته اهي روزگار ماڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تازو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سالياني رپورٽ صدر عارف علويءَ کي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اقليتن جي ڪوٽا کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن صدر کي پنهنجي سالياني رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي ڪوٽا، سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا ۾ عورتن جي سيٽن ۽ بلوچستان لاءِ مخصوص جاين جي نه ڀرجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙيون جايون معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ترجيحي بنيادن تي ڀرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو اعليٰ ترين امتحاني ادارو آهي، ان کي هر لحاظ کان بهترين هجڻ گهرجي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. ايف پي ايس سي جو سيڪريٽري سيد حسنين مهدي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ صدر سيڪريٽريٽ جا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر سرڪاري عهدن تي ڀرتي لاءِ امتحان جي طريقيڪار کي وقت سر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته انٽرويوز لاءِ معياري سوالن جي چونڊ ۽ جائزو وٺندي جوابن کي شمارياتي ۽ سائنسي بنيادن تي جانچڻ گهرجي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ بهترين طريقن سان سکڻ، تعصب ختم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ امتحان ۽ چونڊ جي معيار کي مسلسل بهتر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايف پي ايس سي کي بهترين شهرت ۽ لاڳاپيل تجربو رکندڙ هڪ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن ته جيئن ايف پي ايس سي کي پنهنجي امتحان ۽ چونڊ جي معيار جو جائزو وٺڻ، گهربل بهتري جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي دنيا جي بهترين چُونڊ ۽ ڀرتي وارين ايجنسين جي برابر آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر چيو ته ڀرتي جي عمل کي جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي شامل ڪري وڌيڪ اثرائتو ۽ شفاف بڻايو وڃي. هن چيو ته ايف پي ايس سي اعليٰ ترين پرک وارو ادارو هجڻ جي ناطي حڪومت جي لاءِ معياري انساني وسيلن جي دستيابي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ۽ چونڊ عمل کي عالمي معيار موجب اپ ڊيٽ ڪري.
هن خبر مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان جا ادارا ڪهڙي ريت ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪهڙي ريت اهي روزگار جهڙي اهم معاملي کي ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم تحت خالي پيل جاين کي هر صورت ۾ ڀرڻو آهي پر رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي جايون اڃا تائين ڪونه ڀريون ويون آهن. ملڪ ۾ جيڪڏهن بيروزگارن جو لشڪر وڌي وڃي ته اهو نه رڳو ذهني مونجهارن جو شڪار رهندو آهي پر اهو ملڪ لاءِ نقصانڪار به ثابت ٿيندو آهي. تنهنڪري اهڙي هڻ وٺ کان بچڻ جو طريقو اهو آهي ته انهن کي روزگار سان لڳايو وڃي. ان کان سواءِ اقليتن لاءِ جيڪي سيٽون رکيل آهن، انهن ۾ دير ڪرڻ ۽ نه ڀرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟
اسين سمجهون ٿا ته روزگار جهڙي اهڙي معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجي. وفاقي سطح جي اهم ترين اداري ۾ خالي پيل جاين کي صدر پاران جاري ڪيل حڪم جي روشنيءَ ۾ ڀريو وڃي. ڇاڪاڻ ته اڄ به ملڪ جي هر صوبي ۾ رهندڙ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون روزگار چاهين ٿا. جيڪڏهن انهن کي روزگار نٿو ملي ته ان جو مطلب اهو آهي ته انهن کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button