ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇوڪرين جي اسمگلنگ وارو معاملو

Editorial

ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي اغوا ۽ انهن جي اسمگلنگ هاڻي سنگين معاملو ٿيندو پيو وڃي، ان جي روڪٿام لا ڪو جوڳو سرشتو نه هئڻ ڪري هاڻي اهو معمول بڻجي ويو آهي. تازو ئي ڪراچي مان ڇوڪرين جي اسمگلنگ بابت جي آ ٽي قائم ڪئي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي مبينا دلاسو ڏئي شادي ڪندڙ جوابدار جي درخواست ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت اهم آبزرويشن ڏيندي مبينا اسمگلنگ تي گهرو کاتي کي جي آئي ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل سنگل بئنچ جي اڳيان ننڍي عمر جي ڇوڪري کي مبينا دلاسو ڏئي شادي ڪندڙ جوابدار عدنان جي درخواست ضمانت تي شنوائي ٿي. عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جوابدار بيان ۾ چيو هو ته مسڪان جي اغوا سان منهنجو ڪو تعلق نه آهي، هن کي سونيا ڦاسايو هو، سونيا سان فيس بوڪ تي دوستي کانپوءِ شادي ڪئي، سونيا جي ڪم بابت پتو نه آهي. گهران نڪري شادي ڪرڻ جي معاملي تي اهم آبزرويشن ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڇوڪري مسڪان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، ظاهر ۾ لڳي ٿو ته عمان ڏانهن گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي اسمگلنگ ٿئي ٿي، ڪراچي کان 14 ورهين جي گهٽ عمر جي ڇوڪري کي اغوا ڪيو ويو، ڇوڪري جي بيان مطابق 3 ڀيرا هن کي وڪرو ڪيو ويو، هي ڇوڪري ته همت ڪري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڇوڪري بيان ۾ ٻڌايو ته جتي هن کي رهايو ويو هو، اتي 14-15 ٻيون ڇوڪريون به موجود هيون. هي هڪ سنجيده معاملو آهي، ان کي ايئن نٿو ڇڏي سگهجي، پوليس ۽ ادارا جاچ ڪن ته جيئن وڌيڪ ٻارڙين جي اسمگلنگ روڪي سگهجي. عدالت گهرو کاتي کي جي آئي ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت هيومن ٽريفڪنگ جي معاملي تي ايف آئي اي کي به جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ايس ايس پي سٽي، ايف آئي اي آفيسرن کي ايندڙ شنوائي تي طلب ڪري ورتو. عدالت 9 جنوري تي تفصيل گهري ورتو، ڇوڪري جي مبينا اغوا ۽ شادي جو ڪيس عيدگاهه ٿاڻي تي داخل آهي.
اسان سمجهون ٿا اهو هڪ سنگين معاملو آهي جنهن جي روڪٿام لا هاڻي حڪمرانن کي سنجيده ٿيڻو پوندو. سڄي دنيا ان معاملي کي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي پر هتي هر معاملي جيان ان معاملي تي به ڪن لاٽار ڏسڻ لا ملي ٿي، جيڪا هڪ خطرناڪ روش آهي.

ساڪري جا بند پيل اسڪول کولرايو
جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت تعليم دوستي جون دعوائون ته وڏيون ڪندي رهي ٿي پر اڄ به سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند آهن. تعليم جو معيار ڪريل آهي. تازي رپورٽ اها آهي ته تعلقي ساڪري ۾ 332 سرڪاري اسڪولن مان 94 اسڪول مڪمل طور بند ۽ 80 سيڪڙو عمارتون زبون حالي جو شڪار آهن. رپورٽ موجب تعلقي ساڪري ۾ گذريل ڪجھه سال پهريان بائيو ميٽرڪ جو نظام اچڻ کانپو سوين استاد بائيو ميٽرڪ جي خوف سبب وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ وٺي ويا جنهن کانپو سوين سرڪاري اسڪول مڪمل طور تي بند ٿي ويا هن وقت نئين سر استادن جي ڀرتين باوجود به 94 سرڪاري اسڪول مڪمل طور تي بند آھن. تعلقي ساڪري جي اندر قائم سرڪاري اسڪولن شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني، ڌاٻيجي پمپ هائوس هائي اسڪول، ڌاٻيجي مل ايريا پرائمري اسڪول، عارب جت ڪوسٽل هائي وي اسڪول، ڀنڀور گرلز اسڪول، هاشم منڌرو بوائز اسڪول، اسحاق جوکيو، فقير جيئند ڪلمتي اسڪول، بلوچ ڪالوني، گهارو، گجو، ساڪرو، ليٽ، ٻوهارا، غلام الله سميت ٻين ننڍن وڏن علائقن ۾ قائم سرڪاري 80 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون مڪمل طور تي زبون حال آهن. ٻئي پاسي سرڪاري اسڪولن اندر بنيادي سهولتن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، بيت الخلا، راند جي گرائونڊ، ڪمرن جي گهٽتائي ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب معصوم گلڙن جهڙا ٻار سياري توڙي اونهاري ۾ کلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن جڏھن ته هتان جي گهڻي ڀاڱي والدين پنهجا گلڙن جهڙا معصوم ٻار عمارتن ۾ هر روز چاپڙ ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب هزارين پورهيتن جا معصوم ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي ويا آهن.
اها صورتحال سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به موجود آهي جنهن بابت وقتن بوقتن دانهون ٿينديون رهيون آهن. سوال اهو آهي ته جڏهن حڪمران دعوائون به وڏيون ڪن ٿا ته پو اهڙي صورتحال اڃا تائين ختم ڇو نٿي سگهي آهي؟ اسان جو حڪمرانن کان اهو ئي مطالبو آهي ته ساڪري جي سمورن اسڪولن کي فوري طور کولرائي اتي استاد مقرر ڪري، پورهيتن ۽ غريبن جي ٻارن جي تعليم کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي جن جن علائقن ۾ به اهڙي صورتحال موجود آهي، ان جو خاتمو آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button