ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾نوان صوبا ٺاهڻ واري مهم!

Editorial-Article- Ali Mohammad Memon

ملڪ جا صوبا ختم ڪري ون يونٽ ٺاهڻ ۽ هاڻي وري صوبن کي ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي وڌيڪ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ واري نئين مهم اڳوڻن منصوبن جو نئون سلسلو آهي جنهن تي جادوگرن طرفان مختلف وقتن تي ڪم ۽ ڪارروائيون ڪيون وينديون رهيون آهن ۽ اهڙا معاملا ملڪ کي ڪجهه هٿن جي ڪنٽرول، اختيارن يا هٿ وس رکڻ لا لڪل خواهشن جي اڀري مٿي اچڻ واري صورت ۾ ڪيا ويندا رهيا آهن. ملڪ جي جادوگرن ۽ رانديگرن طرفان گذريل ڪجهه سالن ۾ تيار ڪيل هڪ هٿرادو ليڊر ڪپتان خان ۽ سندس جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف کي قائم ڪرڻ جو پڻ اهو ئي مقصد هو ته ملڪ تي رانديگرن ۽ جادوگرن جي مستقل حڪمراني قائم ڪئي وڃي ۽ ملڪ جي پارليامان ۽ جمهوري سرشتي ۾کاٽ هڻي، ملڪ جي جمهوريت کي يرغمال بڻائي عوام جي پارلياماني جمهوري سرشتي کي تبديل ڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام رائج ڪيو وڃي ۽ سموري ملڪ کي هڪ صدر جي آمراڻي حڪمراني قائم ڪري ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ ان بعد رياست جي سموري طاقت ۽ اقتدار اعليٰ پارليامينٽ ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن کان منتقل ڪري هڪ گروهه جي حوالي ڪيو وڃي. ان بعد ملڪ ۾ وري ون يونٽ قائم ڪيو وڃي يا ٻي صورت ۾ سمورن صوبن کي ايترن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي عوامي طاقت کي ڪمزور ڪيو وڃي جو وري ملڪ ۾ عوام جي حڪمراني يا پارلياماني جمهوري سرشتو پنهنجي حيثيت ۽ طاقت وڃائي ويهي رهي.

سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حڪومت طرفان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن کي ورهائي سامونڊي علائقن تي مشتمل هڪ نئون صوبو ٺاهڻ واري منصوبي تي پڻ ڪارروائيون شروع ڪيون ويون هيون.
قومي اسيمبلي ۾هڪ ڀيرو وري پي ٽي آ جي ايم اين اي رميش ڪمار طرفان صوبن کي ورهائڻ ۽ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري رٿ قومي اسيمبلي ۾ بحث لا پيش ڪئي وئي آهي، سنڌ مان پي ٽي آ جو ڄاڻايل ايم اين اي پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو پڻ مشهور ڪندو رهيو آهي، اسپيڪر طرفان پارليمان جي رواج ۽ ضابطي موجب هن معاملي تي ڇنڊ ڇاڻ لا پارلياماني جماعتن جي ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن جو سربراهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد خورشيد شاهه کي مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ساڃهه وندن، صحافين ۽ سياسي ڌرين ۾ صوبن جي ورهاڱي واري هن پراڻي معاملي جي وري پيش ٿيڻ تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي 1973ع واري آئين تي ٻڌل وفاقي پارلياماني سرشتي موجب ڪنهن به صوبي کي ورهائڻ جو فيصلو صرف انهي ئي صوبي جي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي منظوري سان ئي ممڪن آهي. وفاقي حڪومت يا ٻئي ڪنهن به قوت کي ڏاڍ ۽ جبر سان صوبن کي پنهنجي مرضي سان ورهائڻ جي آئيني ۽ قانوني طور تي ڪابه حيثيت ۽ اختيار حاصل نه آهي. يقيني طور تي پي ٽي آ واري پراڻي منصوبي کي پي ٽي آ جي هڪ ايم اين اي طرفان پيش ڪري پنهنجي مٿان پيل جادوگرن جي بار کي ضرور اڳتي وڌايو ويو آهي پر انهي رٿا تي صرف خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آ جي اڪثريت جي حڪومت هئڻ ڪري ته ڪي امڪان ٿي سگهن ٿا پر سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان صوبن ۾ ان معاملي تي ڪابه ڪارروائي ممڪن ئي نه آهي. ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رٿ جي پوئيواري ۾ اهو ضرور ممڪن آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پنجاب کي ورهائڻ ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ واري منظور ٿيل رٿا تي ضرور عملدرآمد ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button