ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارلوس ماريگيلا لاطيني آمريڪا جي شهري گوريلا مزاحمت جو چمڪندڙ تارو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ڪيوبا ۾ فتحياب رورل گوريلا وارفيئر لاطيني آمريڪا ۾ سامراج مخالف وطن دوست انقلابي ڪميونسٽن کي تمام گهڻو اتساهه بخشيو. اهڙي نموني لاطيني آمريڪا جي انقلابي نسل ڪيوبا جي فتحياب انقلاب کان پوءِ انقلابي جدوجهد جي ڪيوبن ماڊل کي اختيار ڪيو پر اها ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهي. خاص ڪري، چي گويرا جي شهادت کان پوءِ اهو سوال شدت سان اڀريو ته هاڻي جدوجهد لاءِ ڪهڙا نوان طريقا ۽ مرڪز قائم ڪيا وڃن؟ اهو ئي سبب هو جو گوريلا جنگ جي ٻهراڙيءَ وارا مرڪز هاڻي شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت 1960 جي ڏهاڪي ۾ لاطيني آمريڪا ۾ شهري گوريلا وارفيئر جي شروعات ٿي ۽ ان جو آغاز برازيل، يوروگوئي وغيره کان ٿيو. برازيل جي شهري گوريلا نسل جي جنهن سرواڻي ڪئي اهو ڪارلوس ماريگيلا هو. هڪ زبردست وطن دوست ڪميونسٽ ويڙهاڪ. ماريگيلا جي انقلابي قد ڪاٺ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪي سي آءِ اي کيس چي گويرا جو جانشين سڏيو هو.
ڪارلوس ماريگيلا لاطيني آمريڪا جو هڪ بي لوث ۽ اڻٿڪ وطن دوست ڪميونسٽ انقلابي هو. 1911 ۾ باهيا ۾ جنم ورتائين. هڪ ڪل وقتي ڪميونسٽ ٿيڻ لاءِ پنهنجي سلواڊور پوليٽيڪنيڪ يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي ڊگريءَ واري منصوبي تان هٿ کڻي ويو. 1930 جي ڏهاڪي ۾ جيئن ڪامريڊ اسٽالن سوويت يونين ۽ رد انقلابين، غدارن ۽ تخريبڪارن خلاف صفائيءَ جو عمل شروع ڪيو ان طرز تي ماريگيلا به برازيلي ٽراٽسڪائين خلاف بيرحم جدوجهد شروع ڪئي. 1952 ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻيو. چين جو دورو به ڪيائين جتي هن مائوسٽ گوريلا طريقن جو اڀياس ڪيو. 1964 ۾ برازيل ۾ فوجي ڪوديتا کان پوءِ سياسي صورتحال پلٽو کاڌو، ۽ برازيلي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ جدوجهد جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي يا نه ڪجي بابت بحث جنم ورتو. برازيلي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن اها پوزيشن اختيار ڪئي ته اڃا تائين پرتشدد انقلاب لاءِ حالتون تيار ناهن ٿيون. پارٽيءَ جي ان پوزيشن کي رد ڪندي ماريگيلا 1965 ۾ پارٽيءَ کي ڇڏي هڪ شهري گوريلا تحريڪ اي ايل اين (نيشنل لبريشن ايڪشن) جو پايو وڌو. جنهن جي پليٽ فارم تان هن سامراج دوست برازيلي فاشسٽ سرڪار خلاف شهري گوريلا سرگرمين جي شروعات ڪئي.
ماريگيلا جو خيال هو ته شهري ڇاپا مار جنگ ۽ جدل (urban guerrilla warfare) جو ڪم رياستي فورسز کي مصروف رکي ان کي روڪي، فريب، دوکي، هڪ منجهيل صورتحال ۽ قتل جي وارداتن سان فورسز جي مورال کي ڌڪ هڻجي ته جيئن عوام آڏو اهو پڌرو ٿي سگهي ته رياست ۽ سرڪار ڪيڏي ڪمزور، غيرمحفوظ ۽ سنڍ آهي ۽ هڪ منصوبابند اشتعال پيدا ڪجي جنهن سان سرڪار مڇرجي وحشياڻي ظلم ۽ جبر تي لهي اچي، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته عوام سرڪار کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيندو.
ڪارلوس ماريگيلا جي شهري گوريلا جنگ تي بنيادي لکڻي Minimanual of the Urban Guerrilla جي عنوان سان پڌري ٿي، جيڪا برازيل سميت سڄي لاطيني آمريڪي شهري گوريلا انقلابي نسل جو بائيبل بڻجي وئي. نه رڳو برازيل ۽ لاطيني آمريڪا، پر دنيا جي مختلف خطن ۾ سامراجي بربريت خلاف وڙهندڙ گوريلا انقلابين کي ان لکڻي متاثر ڪيو. ڪارلوس ماريگيلا جي انقلابي گوريلن بئنڪون ڦريون ۽ سرڪاري عمارتن کي بم هنيا ۽ آمريڪا جي آرمي آفيسر ڪيپٽن چارلس چينڊلر کي قتل پڻ ڪيو. گوريلن 4 سيپٽمبر 1969 تي آمريڪي سفارتڪار برڪ ايلبرڪ کي اغوا پڻ ڪيو. سندن مطالبو هو ته سرڪار قيد ڪيل گوريلن کي آزاد ڪري. نيٺ برازيل جي فاشسٽ سرڪار گوڏا کوڙيا ۽ گوريلن کي آزاد ڪيو ويو، انهن جي بدلي آمريڪي سفارتڪار کي پڻ ڪو به نقصانن پهچائڻ کانسواءِ آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ فاشسٽ سيڪيورٽي فورسز گوريلن خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو. جنهن ۾ ڪيترائي گوريلا پڪڙيا ويا. فورسز غيرانساني تشدد ذريعي پڪڙيل گوريلن کان ڪارلوس ماريگيلا جي ٺڪاڻي جو پتو به معلوم ڪري ورتو. آخرڪار، برازيل جو هيءُ عظيم وطن دوست ڪميونسٽ 4 نومبر 1969 تي فاشسٽ فورسز سان سائو پائلو جي گهٽين ۾ وڙهندي ماريو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button