ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪنٽرول نه ٿيندڙ مهانگائي

Editorial

هڪ عام ماڻهو جي حڪومت کان اها گهر هوندي آهي ته اها مهانگائيءَ مان جان ڇڏائيندي، بيروزگاري ختم ڪندي ۽ زورمره جي زندگيءَ جي معاملن ۾ رليف ڏيندي، پر جڏهن اهي ڪم ڪابه حڪومت ڪرڻ کان قاصر هجي ته ان جو مطلب آهي ته اها حڪومت عوامي مفادن بدران پنهنجن مفادن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، نتيجي ۾ نه رڳو عوام جي ڀلائي نه ٿي سگهندي آهي پر ان جي مصيبتن ۾ به واڌ ٿيندي رهندي آهي. جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي هئي ته عوام کي ان حڪومت کان اها ئي شڪايت هئي ته ان ايتري مهانگائي ڪري ڇڏي آهي جو عوام جو جيئڻ ئي ڏکيو ٿي ويو آهي پر جڏهن پي ٽِي آءِ جي حڪومت مرڪز ۾ ختم ٿي وئي ۽ ان جي جاءِ تي پي ڊي ايم جي حڪومت وجود ۾ آئي ته ان حڪومت به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو نه عوام لاءِ مهانگائي گهٽ ٿي ۽ نه ئي ان جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهيا. ڇا هاڻوڪي حڪومت جو ڪم رڳو اهو رهيو آهي ته اها عوام کي رڳو آسرا ڏيندي رهي ۽ عوام انهن آسرن تي اعتبار ڪندو رهي. عام ماڻهو جون ضرورتون محدود آهن، جيڪي اهي ضرورتون به حڪومت پوريو نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ڪهڙي ريت ان حڪومت کي عوامي حڪومت چئي سگهجي ٿو. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي نه رڳو عوام لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿي رهي آهي ته ان عوام جي چرپر کي به محدود ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مهانگائي مهينن بدران ڏينهن جي حساب سان وڌي رهي آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن کي پڙهي يقينن عوام جا هٿ مٿي تي هوندا.
يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه، کير، نوڊلز، ڪيچپ، جام، بيبي پائوڊر، بسڪيٽ سميت مختلف برانڊيڊ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڄاڻ موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه، کير سميت مختلف برانڊيڊ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي برانڊيڊ گيهه جي قيمت ۾ 71 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ برانڊيڊ گيهه جي قيمت 397 رپين مان وڌائي 468 رپيا ڪئي وئي آهي. ٻارن لاءِ خشڪ کير جي 800 گرام واري دٻي جي قيمت ۾ 120 رپيا، ٻارن لاءِ خشڪ کير جي 800 گرام واري دٻي جي قيمت 1690 مان وڌائي 1810 رپيا ڪئي وئي آهي. ديسي گيهه 1200 رپين مان وڌائي 1420 رپيا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 200 گرام کير واري ڪريم جو اگهه 21 رپيا اضافو ڪيو ويو، جنهن بعد 153 مان وڌائي 174 رپيا ڪيو ويو آهي، 4 پيڪ نوڊلز جو اگهه 207 رپين مان وڌائي 227 رپيا ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 20 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. 800 گرام ٽماٽو ڪيچپ جو اگهه 30 رپيا مهانگو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 288 مان وڌائي 318 رپيا ڪيو ويو آهي. 800 گرام لوڻ جي قيمت ۾ 10 رپيا، صوف ۽ انب جي جام جي 440 گرام جي قيمت ۾ 29 رپيا واڌ ڪئي وئي، مختلف برانڊن جي بسڪيٽن، مصالحن ۽ ٽوائلٽ صابڻ جي قيمتن ۾ به واڌ ڪئي وئي.
جيڪڏهن مهانگائي وڌڻ جي رفتار اها رهي ته عام ماڻهو پنهنجي رڌڻي جو خرچ به پورو نه ڪري سگهندو ۽ ان کان سواءِ رڳو ماڻهو جا کائڻ پيئڻ جا خرچ ڪونه هوندا آهن، ٻيا به ڪيترائي خرچ آهن، جيڪي ان لاءِ لازمي هوندا آهن. تنهنڪري حڪومت کي هر حال ۾ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ڪابه بهاني بازي نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان کي عوام قبول ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪيا وڃن. انهن جي اگهن ۾ تڪڙي واڌ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي اهو احساس ٿئي ته ان جي به ڪا اهميت آهي ۽ اهو سک سان ساهه کڻي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button