ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثرن جي گهرن واري اسڪيم

سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان پوءِ جنهن صورتحال کي ٻوڏ متاثر منهن ڏئي رهيا آهن، اها بنهه گهڻي خراب آهي. انهن جي نه رڳو اڃا تائين بحالي نه ٿي سگهي آهي پر اهي ڪيترن ئي مسئلن کي پڻ منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ انهن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ لاءِ سهڪار جو يقين ڏياريو هو. پر هاڻ سنڌ حڪومت پنهنجي ئي ڪيل وعدي تان ڦري رهي آهي. حڪومت جو چُوڻ آهي ته اها ٻوڏ متاثرن کي سمورا گهر ٺهرائي ڏيڻ جو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪو خرچ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ هاڻ رکيو آهي، اهو به خرچ نه ٿيندو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي 20 لک گهر ٺهرائي ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، گهرن جي اڏاوت لاءِ هڪ ڏهائي پنج ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، پر متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ لاءِ سمورو خرچ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، متاثرن کي مزدور پنهنجا ڪرڻ سميت ٻيو سهڪار ڪرڻو پوندو، هن اها ڳالهه ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافت کاتي پاران موهن جي دڙي جي کوٽائي کي صدي مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد ڪيل “موسمياتي تبديلين جا قومي ورثي تي اثر” عنوان هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ان سلسلي ۾ سيد سردار شاهه کي ساراهيو ۽ قومي ورثي تي موسمياتي تبديلين جي چيلنجز تي ڪانفرنس جي شروعات ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عالمي بينڪ به فقط ڏيڍ ارب ڊالر ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ سبب 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، اسان دنيا کان ازالي جو نه پر انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا. اسان سنڌو ماٿري جي تهذيب جا وارث آهيون پر موسمياتي تبديلين (بارشن) جي اوچتو ۽ سخت نمونن سبب اها تباهه ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي سازي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي خراب اثرن کي سمجهڻ ۽ ان جو مطالعو محققن ۽ اسڪالرن کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير فخر ڪندي چيو ته اسان سنڌو ماٿري جي تهذيب جا وارث آھيون ۽ دنيا جي سڌريل ۽ صديون پراڻي تهذيب جا باني آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سنڌو ماٿري سميت انهن مان اڪثر تهذيبون اوچتو ۽ موسمي تبديلين جي ڪري تباهه ٿي چڪيون آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي صورت ۾ سامهون آيون هيون ۽ انهن تي وڌيڪ رهنمائي ڪندڙ، تحقيق ڪندڙ ۽ اسڪالرن کي سمجهڻ ۽ مطالعي جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي سطح تي پاليسي سازي ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ان جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته تازي آفت اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، سنڌ حڪومت بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته اسان جي يادگارن ۽ قديم آثارن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ مون ذاتي طور تي اهڙن ڪجهه هنڌن جو دورو ڪيو آهي ۽ موهن جي دڙي جي عالمي ورثي واري ماڳ تي پوندڙ اثر کي به ڏٺو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثر هاڻوڪي ٻوڏ ۾ پنهنجو الهه تلهه وڃائي چڪا آهن. انهن وٽ نه ته هاڻي ايترو پئسو آهي جو اهي پنهنجن نون گهرن تي خرچ ڪري سگهن ۽ نه ئي انهن جون معاشي حالتون ايتريون بهتر آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي، انهن کي گهر جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو حڪومت جو ڪيل وعدو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ سنڌ حڪومت جو فرض بڻجي ٿو.

مٺيءَ ۾ سستو اٽو غائب

دنيا ۾ زرعي ملڪ طور سڃاڻپ رکندڙ پاڪستان جهڙُو ملڪ جيڪڏهن عوام لاءِ اٽي جون ضرورتون به پوريون نٿو ڪري سگهي ته پوءِ اها نااهلي هتان جي حڪمرانن جي آهي، جيڪي ماڻهن کي اٽي لپ به سستي اگهه تي فراهم نه پيا ڪري سگهن. جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ ئي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سستي اٽي جا اسٽال مختلف شهرن ۾ کولرايا آهن، جتان ماڻهو قطار ۾ بيهي سسٽو اٽو وٺي سگهن ٿا پر ڪجهه وقت کان ان سستي اٽي لاءِ به ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن.
مٺي ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳايل سستي اٽي جي اسٽال تان اٽو ايجنٽ مقرر ڪري من پسند ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ خلاف مختلف علائقن کان اٽو وٺڻ آيل شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري اسٽال آڏو ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن ڪري مٺي کان ڏيپلو ۽ اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويو. ان موقعي تي شھرين دانهيندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران لڳايل سستي اٽي جي اسٽال تان سستو اٽُو ضرورتمند شھرين بدران ضلعي جي ڪامورن معرفت مقرر ٿيل ايجنٽن کي ڏنو وڃي ٿو ۽ اهي ايجنٽ اٽو اسٽال تان وٺي منافعي تي واپس مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري رهيا آھن، اهڙي عمل ۾ ڪامورن جي ملي ڀڳت شامل آھي. هنن چيو ته عام شھري سستو اٽو خريد ڪرڻ لا سڄو ڏينهن دربدر ٿي هٿين خالي واپس وڃن ٿا. صبح جو سوير اٽي لا دڪان اڳيان بيهون ٿا، پر اٽو من پسند ماڻهن کي ڏنو ٿو وڃي، اٽي جي اسٽال تان پوليس جي ملي ڀڳت سان اٽو چڪين ۽ سيٺين جي ماڻهن کي وڪرو ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري اسان جا ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.
سنڌ حڪومت هي هڪ ساراهه جوڳو ڪم شروع ڪيو آهي پر جيڪڏهن ان جو لاڀ عوام کي نه ملي رهيو آهي ته پوءِ اهڙي سستي اٽي کي ماڻهو ڇا ڪندو. ان جو اگهه ڀلي ڪيترو به سستو رکيو وڃي. جيڪڏهن انهن اسٽالن تان اٽو من پسند ماڻهن ۽ واپارين کي ڏنو پيو وڃي ته پوءِ عوام جو احتجاج جائز آهي. مٺيءَ ۾ ماڻهن کي سسٽو اٽو فراهم ڪرڻ اتان جي انتظاميه جي ذميواري آهي. تنهنڪري مٺي واسين کي سسٽو اٽو فراهم ڪيو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو به ملي ڀڳت ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button