سنڌ

دوداپور جي ها اسڪول قادرپور ۾ ڪرڪيٽ راند جو هفتو ملهايو ويو

دوداپور ويجھو گورنمينٽ ها اسڪول قادرپور ۾ ڪرڪيٽ راند جو ھفتو ملھايو ويو. ان موقعي تي سخت مقابلي بعد ڇھين ڪلاس جي ٽيم ڏھين ڪلاس جي ٽيم کي شڪست ڏيئي فائنل کٽي ورتي. آخر ۾ اسڪول جي اڳوڻي انچارج استاد خدابخش بروھي، اعزازي مھمان استاد نياز احمد شيخ ۽ ٻين راند کٽيندڙ شاگردن ۾ انعام ورھايا. ان موقعي تي استاد محمد خان ٻٻر چيو ته شاگردن کي گھرجي ته راند سان گڏو گڏ شاگرد پنھنجي تعليم تي به وڌ کان وڌ ڌيان ڏين. هن چيو ته مان شاگردن کي اھو ئي مشورو ڏيندس تہ “علم پرايو ۽ ملڪ سنواريو”.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button