ڏٺو وڃي ته چين جي صدر شي جو سعودي عرب وارو دورو 80 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت لاءِ هو، جڏهن ته آمريڪا سان سعودي لاڳاپن جي تاريخ 80 سالن تي پکڙيل آهي.
پر جهڙي ريت چيني صدر جي دوري تي آمريڪا ۽ يورپ ڏانهن نظرون کپايون ويون، ائين لڳي ٿو ته ڪٿي سعودي عوام گڏجي اقبال جو ترانو گڏجي ڳائي رهيا هجن.”چين و عرب همارا” ۽ ان تراني جي آواز ۽ وهمن کان هر ڪوئي ڇرڪي ويو هجي.
ان معاملي کي ڪنهن ڀونچال، ڪنهن تبديلي، ڪنهن نئين موڙ طور ڏٺو آهي، ڪنهن هڪ وڏي خبر جي صورت ۾ ڏٺو. جيڪڏهن ان کي فقط ميڊيا جي سطح تائين ڏٺو وڃي ته پڪ سان هڪ وڏي خبر آهي، پر دنيا ڄاڻي رهي آهي ته ميڊيا کي جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جا پر لڳي ويا آهن، اها تڪڙ ۽ هڻ وٺ ۾ اهڙو ٻڏي وئي آهي جو سنجيدگيءَ سان گڏ شين کي ڏسڻ ۽ ٿڌي دل سان غور ڪرڻ وارو پاسو ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي.
هڪ مسئلو اهو به ٿيو آهي جو ميڊيا جي ان تيز رفتاري ۽ تيز ڪاريءَ سان انڌي طرفداري ۽ ڊگهي بغض ڪاريءَ به ميڊيا وانگر ئي کونگهرا هڻي رهي آهي. صدر شي جي ٽن ڏينهن واري سعودي عرب جي دوري ۾ انهن عنصرن جو عمل دخل رهيو آهي. ڪنهن کي چين عزيز تر هو ته ڪنهن جي رڳن ۾ آمريڪا ڊوڙي رهيو هو. ائين دوري کي سعودي عرب تناظر ۾ گهٽ ڏٺو ويو.
جيڪا ڳالهه سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرمان پاران ڪئي وئي هئي ته چين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو مطلب بلڪل به اهو ڪونهي ته آمريڪا سان لاڳاپا ڪمزور ٿي ويندا. چيني صدر جي سعودي عرب واري دوري کان ترت پوءِ اهو بيان ڪافي اهم آهي، جيڪو ڪيترن ئي انديشن ۽ غلط فهمين کي سولائيءَ سان ختم ڪري سگهي ٿو. پر شرط اهو آهي ته ڪوبه پنهنجن انديشن ۽ غلط فهمين کي ختم ڪرڻ تي راضي هجي. فطري ڳالهه آهي ته ٽن ڏينهن جو هڪ صدر جو سعودي عرب دورو آمريڪا سان لاڳاپن جي 80 سالن جي تاريخ ۽ سهڪار جي ڏسا کي ميساري نٿو سگهي.
جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو صدر شي جو دورو شروع ٿيڻ تي بيان ڏئي ڇڏڻ ۽ اهو چوڻ ته آمريڪا اوپيڪ پلس جي پيداوار ۾ ڪٽوتيءَ جي فيصلي کان پوءِ سعودي عرب سان لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺي رهيو آهي. هڪ اهڙو شروعاتي نقطو آهي، جنهن چيني صدر جي دوري کي هڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوششن کي بنياد فراهم ڪيو.
سعودي وزير سرمائيڪاري، ان باري ۾ وڌيڪ وضاحت سان چئي ڇڏيو آهي ته سعودي عرب ۽ چين جي وچ ۾ 50 ارب ڊالرن جي سرمائيڪاريءَ جي معاهدن تي صحيحون ٿي ويون آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته چين جي صدر جي آجيان به غيرمعمولي رهي. ان جي سعودي فرمانروا ۽ ولي عهد سان سربراهي ملاقات کان سواءِ خليجي ملڪن جي سربراهن سان ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ ان کان سواءِ ڪئين اهم عرب ملڪن جي سربراهن سان سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت اهڙا جيسچر هئا، جن خطي ۾ چين جي اثر کي وڌڻ جو اشارو ڏنو.
چيني صدر به پنهنجي ان دوري کي عرب دنيا ان لاڳاپن جي نئين شروعات سان تعبير ڪيو. پر اهو شڪر ڪرڻ ته اهو ضرور آمريڪا کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش جو حصو هو، اهو ڪنهن اندروني خوف جو معاملو ٿي سگهي ٿو، في الحال حقيقت ڪونهي.
ان خالص ڪاروباري ۽ مفاد پرستيءَ جي قالب ۾ گهڙيل دنيا ۾ جيڪڏهن اهو ملڪ پنهنجي لاڳاپن ۾ مٿي ڄاڻايل عنوانن کي ئي بنياد بڻائي ٿو ته ان ۾ ڪو شرم، ڪو عار محسوس نٿو ڪري ته ڇو جائز ناهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ يا علائقي کي لاڳاپن لاءِ ان اسلوب کي روڪيو وڃي يا ان ملڪ جي نيت تي شڪ ڪيو وڃي.
هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سعودي عرب اوپيڪ پلس جي هاڻوڪي فيصلي کي هڪ خالص واپاري حڪمت عملي تي ٻڌل فيصلو قرار ڏئي چڪو آهي، پر ان هوندي به ان جي ان واپاري نيت، حڪمت عملي ۽ اپائن کي ناڪاري انداز سان ورتو ويو ۽ شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ معياري طرز فڪر ۽ بالغ نظر سفارتڪاري سان ٺهڪي نٿو.
ها ڪي معاملا آمريڪا ۽ يورپ لاءِ غور طلب آهن، يوڪرين تي روسي حملي کان پوءِ آمريڪا ۽ يورپ جي ڳڻتي ۾ دنيا جا ٻيا ملڪ ان سطح تي بلڪل شريڪ ٿيندي نظر نه آيا. جڏهن ته اسرائيل به ان باري ۾ اهو ڪجهه ڪرڻ ۽ چوڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا آمريڪا ۽ يورپ جي خواهش ٿي سگهي ٿي.
اهڙي ريت آمريڪي صدر لاءِ ڪنهن قدر دادلو ٿيندڙ انڊيا به ان لائين کي اختيار ڪندي نظر نٿو اچي، جيڪا آمريڪا ۽ يورپ چاهين ٿا. نيٺ اهڙو ڇا آهي، جيڪو آمريڪا جي اثرپذيريءَ ۾ ڪمي اچي رهي آهي؟
ڇا ان ۾ آمريڪا جي پنهنجي مفادن جي سانچي ۾ گهڙيل سوچ ۽ حاڪماڻي بالادستيءَ کان سواءِ ٻين ملڪن، تعليمي نصاب ۽ ثقافت ۽ سياست جي هر شعبي ۾ مداخلت جي هڪ خاص ذوق جي عادت بڻجي وڃڻ ته ڪونهي.
ڪٿي ائين ته ڪونهي جو آمريڪا سان لاڳاپيل ملڪ اهو محسوس ڪرڻ لڳا هجن ته آمريڪا هاٿي گهرن جي دالانن تائين گهڙي رهيو آهي.
اهو به اهم آهي ته آمريڪا جي باري ۾ اهو تاثر پڪو ٿي رهيو آهي ته آمريڪا ٻين ملڪن جي سلامتي ۽ خودمختياري ۾ دخل ڏئي ۽ حڪمت عملي کان سواءِ زميني حقيقتن تائين رسائي ماڻيندڙ کان پوءِ انساني سلامتيءَ جي باري ۾ قبول ڪيل ذميوارين يا وعدن ۽ معاهدن سان ضرورت آهر هيڏانهن هوڏانهن کسڪي رهيو آهي. ان لاءِ ان تي اعتبار گهٽ ڪرڻ گهرجي.
پڪ سان ڪنهن هڪ دڪاندار جي هڪ هٽي جو ماحول هڪ عرصي تائين قائم رهي سگهي ٿو پر جڏهن بازار ۾ نوان دڪان کلڻ جي شروعات ٿي وڃي ته اڳوڻن دڪاندارن کي پنهنجي هڪ هٽي قائم رکڻ تي اقرار ۽ حقيقت شناسيءَ کان انڪار ان جي گراهڪي ۾ ضرور ڪمي ڪندي آهي.
دنيا جيڪڏهن واقعي گلوبل وليج آهي ته ان ۾ پنهنجي ڀرپاسي وارن ۽ مرڪي ملندڙن سان ميل ملاقات ۾ ڪهڙُو حرج آهي، جڏهن ته ان جو طريقو به ٻه طرفو فائدي، واپار ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي ٻڌل هجي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته آمريڪا ۽ يورپ جنگي ٽيڪنالاجيءَ ۾ گهڻو اڳيان آهن. ان ناتي جتي به جنگ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، لاڳاپيل ڌرين کي ان ڏانهن ڏسڻو پوندو آهي، ان تي ڀاڙڻو به پوندو آهي. اها به حقيقت آهي ته جتي ڪٿي جنگي تباهين جو ميدان سينگاريل آهي.آمريڪا ۽ يورپ جي هٿيارن جو استعمال ٿيڻ لازمي آهي.
پر ان کان سواءِ جي زندگيءَ ۾ ڊگهي معاشي جٽاداريءَ جي ضرورت به هوندي آهي. عرب دنيا پنهنجي معاشي مضبوطي ۽ ترقيءَ کي استحڪام ۾ بدلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
چيني صدر جو دورو ۽ عربن جو “روڊ ۽ بيلٽ انيشي ايٽيو” وانگر دلچسپي ڏيکارڻ، ٻه طرفي سرمائيڪاريءَ لاءِ گرمجوسي ڏيکارڻ ۽ پنهنجي تيل جي دولت کي سنڀالي استعمال ڪرڻ، ان جي ضرورت آهي، مجبوري به ۽ هدف به. ان کي ان پاسي وڃڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.
**
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان