ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته حيدرآباد شهر هوائن، ڪن خوشبوئن، خوبصورتي ۽ حسينائن جو شهر نه پر رت جو شهر آهي. يا هي شهر رت وهاڻو بڻجي ويو آهي. اهو رت هڪ ته ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي صورت ۾ وهندو رهندو آهي ٻيو رت حيدرآباد پوليس طرفان وهايو ويندو آهي. پوليس ٻڌائي ٿي ته ڏوهاري هو مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. اها دعوا روزانو يا ڪجهه ڏينهن اندر پريس ريليز جي صورت ۾ ملندي رهندي آهي. حيدرآباد ۾ پوليس ڪو ٻن مهينن اندر 10 کن ماڻهن کي پوليس مقابلن ۾ ماري ڇڏيو آهي. 20 کان وڌيڪ مبينا ڏوهاري زخمي به ڪيا ويا آهن. اهو ڪاٿو 4 مهينن يا وڌيڪ مهينن لا لڳايون ته مارجي ويلن ۽ زخمي جي ڪاسٽ وڌي ويندي. جيتوڻيڪ صحافي ۽ ڪرائيم رپورٽر به پوليس مقابلي جي دعوا تائين رپورٽ ئي ڪري سگهندا آهن. پوليس مقابلي جي انويسٽگيشن به نٿي ڪئي وڃي. اڪثر پوليس مقابلا رات جي وقت دير سان ئي ڪيا ويندا آهن. حيدرآباد سول اسپتال ۾ لاش آڻي وارثن حوالي ڪيا ويندا آهن. وارث احتجاج به ڪن ٿا. دانهون به پيا ڪندا آهن ته پوليس سندس ماڻهن کي کنڀي پو مقابلو ڏيکاري ماريو آهي يا زخمي ڪيو آهي. ساڳئي وقت مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهارين جو پوليس رڪارڊ به آڻيندي رهندي آهي. پوليس جي بيان موجب ته مشهور ڏوهاري هو، حيدرآباد ۾ متاثر شهرين جا نالا ۽ تفصيل به ڏنا ويندا آهن ته هتان ڦر ڪئي وئي ۽ ان ڦر ۾ ملوث ڏوهاري مقابلي ۾ مارجي ويو. حيدرآباد ۾ پوليس تازو زخمي ڪيل مبينا ڏوهاري جي زخمي ٿيڻ دوران دعوا ڪئي ته زخمي جوابدار جو تعلق جميل باسي گينگ سان آهي. جيڪي حيدرآباد ۾ واپارين کي نشانو بڻائي ڦر ڪندا هئا. ان جو مطلب ته حيدرآباد ۾ گينگسٽ به اچي ويا آهن. ساڳئي وقت اسان ڏٺو آهي ته حيدرآباد ۾ پوليس مقابلي ۾ تيزي اچڻ باوجود شهري محفوظ ناهن. ڦر ۽ چورين جا واقعا معمول بڻيل رهيا آهن. حيدرآباد ۾ مصروف بازار گل سينٽر تائين 2 راتيون اڳ دڪان مان لکين روپين جي ڦر ٿي. هن وقت جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان پوليس ڏوهارين تي پهچي به وڃي ٿي. مقابلي ۾ مارجي ويل يا زخمي ٿيل جي وارثن يا وڪيلن طرفان اها به ڳالهه رپورٽ ڪرڻ لا ملندي آهي ته سندن ماڻهو يا نوجوان ڏوهاري هو ته مقابلي ۾ مارڻ بدران کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ٽرائل هلايو وڃي ها. پوليس مقابلن کي عدالت کان مٿانهون قتل به چيو ويندو آهي.
حيدرآباد ۾ مقابلن جا تفصيل:
حيدرآباد ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي مقرري کان پو اڳوڻي ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ کي ماڻهن وساري ڇڏيو هوندو. جنهن جا مقابلا سون ۾ به شمار ٿيڻ لڳا هئا. ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي مقرري کانپو وڏو پوليس مقابلو هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو هو. جنهن ۾ 4 جوابدار مارجي ويا هئا. ان وقت پوليس ٻڌايو هو ته مارجي ويل جوابدارن بينڪ جي گاڏي مان 15 ڪروڙ ڦر ڪيا هئا. اها ڦر جي رقم ڪجهه هٿ به ڪئي وئي هئي. ان مقابلي دوران مارجي ويلن جي وارثن احتجاج پڻ ڪيو هو. ٻيو پوليس مقابلو هڪ ٻارڙي جي قتل ڪيس دوران قتل ڪيس جي جوابدار اسامه کي پوليس ماري ڇڏيو هو. هن مقابلي دوران مارجي ويل جوابدار جي وارثن مسلسل احتجاج به ڪيو هو. هن مقابلي دوران امجد احمد شيخ کي ڪجهه صحافين توڙي ڪجهه سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ساراهيو ويو هو. امجد احمد شيخ کي گلن جا تحفا به پيش ڪيا هئا. حيدرآباد ۾ هونئن به پوليس کي سوشل ميڊيا جي سائيٽ ۽ ٻين هنڌن تي هر وقت ساراهيو ئي ويندو آهي. هڪ دفعي هڪ پوليس جي اعزاز واري تقريب ۾ ڊي آ جي ثنا الله عباسي صحافين کي چيو هو ته اسان پوليس وارا اوهان صحافين جي رپورٽنگ مان ئي سڌارا آڻي يا ٻيون شيون پيا سکندا آهيون اوهان ئي محفلون سجائي پيا تعريفون ڪندا ته پوليس ڇا مان سکندي.
2 ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ پوليس طرفان مبينا 200 ڪارن جي چوري ۽ ڦر ڪيسن ۾ گهربل جوابدارکي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. پوليس طرفان جاري فوٽو ۾ جوابدار جو لاش ڪار جي سيٽ تي ئي پيل هو. پوليس ترجمان موجب ته ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ ڦر جي ارادي سان گهمندڙ جوابدارن سان پوليس مقابلو ٿئي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار ڏهرڪي واسي ذاڪر حسين ڏهر زخمي ٿي پيو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. زخمي جوابدار حيدرآباد سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف پوليس طرفان جاري فوٽو ۾ مارجي ويل جو لاش ڪار جي سيٽ تي ئي پيل آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار 200 ڪار لفٽنگ ۽ ڦر جي ڪيسن سميت 25 ٻين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. جنهن خلاف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيس داخل هئا. پوليس موجب ته جوابدار کي گاڏيون چوري ڪندي سي سي ٽي وي ۾ پڻ ڏًٺو ويو هو. جوابدار هن وقت ڪراچي جي گلشن حديد فيز 1 ۾ رهندو هو. پوليس ترجمان موجب ته جوابدار جي پي فياض ڏهر تي 7 کان وڌيڪ ڪيس، سندس ڀا علي جان ڏهر 2 ڪيس ۽ سئوٽ تي 16 ڪيس داخل آهن. پوليس بيان موجب ته جوابدار 26 فيبروري 2022 تي حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان خالد احمد جي سوڪ ڪار چوري ڪئي. ساڳئي ٿاڻي جي حد مان ڪرولا ڪار چوري ڪئي. 15 جون تي هٽڙي ٿاڻي جي حد مان غلام رسول جويو جي ڪرولا ڪار چوري ڪئي. حسين آباد ٿاڻي جي حد مان منٺار خاصخيلي جي مهراڻ ڪار چوري ڪئي. ڪينٽ ٿاڻي جي حد مان 2 ڪارون چوري ڪيون. عدالت ۾ ايندڙ محمد صالح جي سوزڪي آلٽو ڪار چوري ڪئي. سول ڪورٽ ايندڙ بشرا ڪنول جي سوزوڪي الٽو ڪار چوري ڪئي. جي او آر ٿاڻي جي حد مان سنڌ ميوزم مان محمد عمران جي مهراڻ ڪار چوري ڪئي. اسٽيٽ لائيف بلڊنگ مان الهداد جي مهراڻ ڪار چوري ڪئي. نسيم نگر مان 3 ڪارون چوري ڪيون. پوليس موجب ته جوابدار تي 200 ڪار لفٽنگ سميت 25 ٻيا به ڪيس داخل ٿيل هئا. هن ڪيس جي جوابدار جي مارجڻ کانپو يقينن گاڏين جي چورين ۽ ڦر جي واقعن کي ٻنجو اچڻ گهرجي. پوليس مقابلي ۾ مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ جوابدار دوست محمد کوسو ۽ حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ عامر سومرو به مارجي ويا هئا. پوليس ان وقت ٻڌايو هو ته جوابدارن مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان ٽريڊرس جي دڪان مان ڌاڙو هنيو. سي آ اي پوليس کي جنهن واردات جو اطلاع مليو. پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته ڪاري موري وٽ دوست محمد زخمي ٿي پيو، جنهن سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. سندس ٻيو ساٿي عامر سومرو به مقابلي ۾ زخمي ٿي پيو. جيڪو پڻ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. حيدرآباد ۾ حالي روڊ پوليس ٻن جوابدارن کي مارڻ جي دعوا ڪئي هئي. جنهن ۾ هڪ جوابدار علي نواز عرف علي خان جا پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ڏيکاريا هئا. پوليس پنهنجي بيان ۾ اهو ٻڌايو هو ته حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو.، جوابي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو هو. جڏهن ته مارجي ويلن سان گڏ رپورٽ ڪندا رهون ٿا ته زخمين جو تعداد به گهٽ نه هوندو آهي. پوليس مقابلي ۾ پوليس جي دعوا ڀلين سچي هجي يا ڪوڙي پر مقابلن کي روڪڻ لا ڪا به پلاننگ ناهي. پوليس جي مقابلن مان لڳندو آهي ته حيدرآباد شهر ۾ ڏوهه ٿيندا رهندا، جيڪي روڪڻا ناهن. پو هنن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جو خاتمو ته ائين پوليس مقابلن سان ۽ مارڻ جي دعوا سان ئي ٿيندو رهندو. پوليس وٽ هڪ حڪمت عملي ۽ نيٽ ورڪنگ به هجي. ڏوهن کي روڪڻ بدران رڳو مقابلا ئي سامهون ايندا رهندا ته پو حيدرآباد سميت ڪٿي به امن امان جو مسئلو چئلينج ئي بڻيل رهندو.