خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو. پر هاڻوڪين معاشي حالتن ۾ اهڙي بيان سان ملڪ جو ڊيفالٽ ٿيڻ وارو معاملو ٽري سگهي ٿو؟ جڏهن ملڪ معاشي طور آءِ ايم ايف جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هجي ۽ ان مان نڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو حل نه هجي. اها لاڳيتو قرض مٿان قرض کڻي رهي هجي ۽ آءِ ايم ايف جي هر شرط کي اکيون پوري قبول ڪندي هجي ته پوءِ معاشي حالتون سڌرڻ بدران بگڙي ضرور سگهن ٿيون.
تازو اسان سريلنڪا کي ڊيفالٽ ٿيندي ڏٺو آهي، جتي عوام ماني ڳڀي لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا ڌٻڻ هاڻوڪي حڪومت لاءِ تيار ڪئي هئي، ان ۾ هي حڪومت ڦاٿل نظر اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته مختلف وزيرن جا بيان اچي رهيا آهن ته انهن وٽ پنهنجن کاتن جي ملازمن کي پگهار ۽ پينشن ڏيڻ لاءِ پئسا ڪونه بچيا آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيڪي معاشي تجربا ڪيا ويا، اهي نه رڳو ناڪام ويا پر انهن تجربن وسيلي عمران خان نيازي سوڌو ان وقت جي سڄي ڪابينه عوام کي گمراهه پڻ ڪندا رهيا. پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي سڄي حڪومتي مدي دوران جيڪي ترقيءَ جا انگ اکر بيان ڪيا اهي نه رڳو غير حقيقي هئا پر اهي معاشي زوال جو اهڃاڻ پڻ هئا. اهڙي ريت پي ٽي آءِ جيڪو معاشي پلان عوام لاءِ آڻڻ جو ارادو ڏيکاريو هو، اهو ڪڏهن به عمل ۾ نه اچي سگهيو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جنهن زماني ۾ اپوزيشن ۾ هوندي هئي ته اها پيٽرول سستو ڪرڻ کان وٺي عام استعمال جون ڪيتريون ئي شيون سستيون ڪرڻ جا مطالبا ڪندي رهندي هئي، پر جڏهن پي ٽي آءِ کي اقتدار مليو ته ان مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ اها سدائين مهانگائيءَ جو دفاع به ڪندي رهندي هئي. پر ڪڏهن به ان جي وزيرن مشيرن اهو قبول نه ڪيو ته عوام مهانگائي سبب پريشان آهي ۽ اهي مهانگائيءَ کي ڪنٽرول نه پيا ڪري سگهن.
تازو ئي وزير اعظم شهباز شريف به ان ڳالهه کي قبول ڪيو آهي ته سندس حڪومت جا هٿ آءِ ايم ايف ٻڌي ڇڏيا آهن. وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته جنيووا ۾ ٿيندڙ ڊُونرز ڪانفرنس ۾ ڪشڪول کڻي نه وينداسين، پنهنجو حق وٺڻ لا آواز اٿارينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ ايئرپورٽ سول ايويئيشن جي آڊيٽوريم ۾ “حيدرآباد کان سکر M6 موٽروي منصوبي” جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن بلديا اعلى حيدرآباد لا وفاقي وزير امين الحق جي مطالبي تي وفاق پاران هڪ ارب ۽ صوبائي حڪومت پاران هڪ ارب روپيا روپين جو خاص ترقياتي پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته معاشي تباهي پوئين حڪومت ڪئي، هاڻ آ ايم ايف جون تمام سخت شرطون آهن جن باقاعده پيرن ۾ زنجيرون پارائي ڇڏيون آهن.
آءِ ايم ايف جون زنجيرون پاڪستان جي پيرن ۾ هر حڪومت دوران ٻڌل رهيون آهن. حڪومت آمرن جي هجي يا وري سويلين جي هجي، ٻنهي سدائين آءِ ايم ايف ڏانهن هٿ ٽنگيا آهن ۽ پنهنجي معيشت کي ڪڏهن به پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت اڄ جنهن بحران مان گذري رهي آهي، ان جا چٽا امڪان هئا.
هن صورتحال ۾ پي ٽي آءِ نه رڳو معاشي بحران کي انجواءِ ڪري رهي آهي پر اها ان بحران جي ذميوار هوندي به اهو قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته آءِ ايم ايف جي جن شرطن کي هاڻوڪي حڪومت قبول ڪري عملي اپاءَ وٺي رهي آهي، اهي معاهدا پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪيا ويا هئا. ان وقت جڏهن اپوزيشن پارٽين ۽ معاشي ماهرن ان پاسي ڌيان ڇڪايو پئي ته شوڪت ترين سوڌو سڀئي پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو ئي چوندا رهيا ته آءِ ايم ايف سان جيڪي به ڳالهيون يا معاهدا ٿيا آهن، اهي عوامي مفادن ۾ آهن. پر شبر زيدي پنهنجي هڪ تقرير ۾ پي ٽي آءِ جي سڄي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو هو.
پي ٽي آءِ هن وقت معاشي صورتحال جو حل جلدي چونڊون تجويز ڪري رهي آهي. ترت چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن فرض ڪجي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچي به وڃي ته ان وٽ اهڙو ڪهڙُو جادوئي ڏيئو آهي، جنهن سان اها ملڪي معيشت کي آسمان تي پڄائي ڇڏيندي. ان وٽ ساڳيو اسد عمر آهي، ان وٽ ساڳيا شوڪت ترين ۽ حماد اظهر آهن. جن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هو. ان کان سواءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪا ٻاهرين سيڙپڪاري هئي سا پڻ رڪجي وئي آهي. سي پيڪ وارا سڀ منصوبا پي ٽي آءِ جي دور ۾ لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا آهن. عمران خان نيازي انهن تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ئي ڪونه ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته سي پيڪ نواز شريف جي دور ۾ شروع ٿيو هو. ملڪي معيشت کي حڪومتي تبديليءَ سان حل نٿو ڪري سگهجي پر ان کي معاشي پاليسين جي تبديليءَ وسيلي حل ڪري سگهجي ٿو.
اسان ويجهڙ ۾ ئي هڪ ٻئي پويان ٻه حڪومتون (پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم) تبديل ٿيندي ڏٺيون آهن. پر اهي ٻئي حڪومتون ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي قابل نظر نٿيون اچن. ڇاڪاڻ ته اهي ملڪي معاشي پاليسيون تبديل ڪرڻ جي قابل نه آهن يا انهن کي ڪرڻ ڪونه پيون ڏنيون وڃي. جڏهن معيشت عوامي مفادن وٽان نه هجي ۽ اها ڪنهن هڪ خاص طبقي جي مفادن کي پورو ڪندي هجي ته پوءِ ملڪ جو ڊيفالٽ ٿيڻ، معيشت جو تباهه ٿيڻ ۽ قرضن جو بار چڙهڻ عام ٿي ويندو آهي.
ملڪ ۾ غيرپيداواري خرچن کان وٺي وزيرن مشيرن جي پروٽوڪول ۽ مراعتن جي مد ۾ جيڪو پئسو خرچ ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اهو پئسو بچايو وڃي ته معيشت کي وڏو ٽيڪو اچي سگهي ٿو. پر هتي ته صورتحال ئي ڪجهه ٻي لڳي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته وزير شاهي پروٽوڪول کان سواءِ هلي نٿا سگهن. سرڪاري ملازمن جا پروٽوڪول به بنهه وڏا آهن. ججن جون مراعتون ڪنهن به ريت گهٽائي نٿيون سگهجن. ٿلهي ليکي سماج جي رهڻي ڪهڻي به ايتري سادي ناهي جو اهي شيون فرد به سمجهي سگهن.
ملڪي معيشت تي ڳڻتي ۾ ورتل اسان جا سياستدان انهن جا حل پيش ڪري سگهن ٿا پر انهن کي عمل ۾ نٿا آڻي سگهن. عمران خان سڄي نظام کي ڪرپٽ سڏيندو رهيو پر هو پاڻ ڪرپٽ نڪتو. توشي خاني مان گهڙي چورائي وارو ڪيس سندس ڳچيءَ ۾ آهي. جڏهن ڪرپشن خلاف ڳالهائيندڙ ۽ واويلا ڪندڙ ۽ عدالتن پاران صادق ۽ امين سڏرائيندڙ عمران خان پاڻ اهي ڪم ڪري جن جا الزام هو ٻين تي هڻندو هجي ته پوءِ اهو طئي آهي ته ملڪي معاملا ائين نٿا هلائي سگهجن.
ملڪ جي معيشت کي هن وقت جيڪي چيلئنجز درپيش آهن، انهن کي آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالي ادارن کان قرض کڻي حل نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري معاشي خرابيون بهتر معاشي ۽ سياسي پاليسين وسيلي ئي اچي سگهن ٿيون. ڇا حڪومت ان لاءِ تيار آهي؟