ملڪ جي تاريخ ۾ 16 ڊسمبر ھڪ اھڙو ڏينھن ھو جيڪو نه رڳو دکدائڪ ھو پر اھو سڄي حياتي ملڪ جي عوام کان ڪونه وسرندو. ھئڻ ته ائين کپي ھا ته 16 ڊسمبر واري ڏينھن جو ڏک ڀريو داستان ياد ڪري، ملڪ جون مکيه خاميون دور ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان سوچجي ھا پر افسوس ته ائين ڪونه ٿو ٿئي.
انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته 16 ڊسمبر تاريخي ۽ دکدائڪ ڏينهن آهي، سو اسان جي حڪمرانن کي به اهو سوچڻ گهرجي ته گڏيل ملڪ يعني متحد پاڪستان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ، بنگالين ايڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون، جڏھن ته اصل ۾ انھن جي قربانين کانسواءِ، پاڪستان جو وجود اچڻ ظاھري طور ناممڪن هو. بھرحال گھڻائيءَ ۾ هئڻ جي باوجود اھي الڳ ملڪ ٺاهڻ تي نيٺ ڇو مجبور ٿيا؟ اهڙي ريت آزاد ملڪن ۾ گھڻائيءَ طرفان ٿورائيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو دنيا ۾ شايد اهڙو پهريون مثال آهي.
گڏيل پاڪستان جي صوبي اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ جيڪي ڪجھه ٿيو هو تنهن جي باري ۾اسان جي نئين نسل کي شايد ڪا گهڻي ڄاڻ ناهي. ملڪ وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اردو کي ملڪ جي اڪيلي قومي ٻولي ڪيائون، ڪو مڃي يا نه پر اها هندي ٻوليءَ جو نئون روپ آهي.
ملڪ جي گھڻائيءَ واري ٻولي يعني بنگاليءَ کي شروع ۾ قومي ٻولي بڻائڻ کان انڪار سبب نفرت پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. 21 فيبروري سال 1952ع ۾ ڍاڪا شهر ۾ بنگاليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاءِ نڪتل جلوس تي گوليون وسايون ويون جنهن ڪري شروع ۾ چار نوجوان شاگرد شهيد ٿيا، اهڙي ريت ٻوليءَ جي تحريڪ ۾ بنگالين جو پهريون ڀيرو خون شامل ٿيو. مون اھا جاءِ ڏٺي آھي. اڳتي هلي گڏيل قومن جي اداري يونيسيف ان کي بين الاقوامي مادري ٻولين جو ڏينهن مڃيو جيڪو دنيا ۾ اڄ به ملهايو ويندو آهي.
پاڪ ـ ڀارت جنگ جي نتيجي ۾، 15 ڊسمبر 1971ع تي شام جو پنجين لڳي هڪ هليڪاپٽر جنهن ۾ هندستاني فوج جو تڏهوڪو سربراهه جنرل اروڙا سوار هو، سو ڪلڪتي کان اڏامي، ساور (ڍاڪا کان اٽڪل 40 ـ 50 ڪلوميٽر پري) جي علائقي ۾ لٿو جتي پاڪستان جي ايسٽرن فوجي ڪمانڊ جي تڏهوڪي سربراهه جنرل ايَ.ايَ.ڪيَ نيازي مرحوم سان سندس ملاقات ٿي ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارا شرط تيار ٿيا. ان کان اڳ، جنرل ايَ.ايَ.ڪيَ نيازيءَ (جيڪو ٽائيگر نيازي طور ڄاتو ويندو هو) تنھن جا اهي لفظ اڄ به مون سميت ڪيترن دوستن جي ڪنن ۾ گونجندا هوندا جن ۾ چيو هئائين ته هندوستان جون ٽينڪون منهنجي لاش مٿان ڍاڪا ۾ داخل ٿينديون پر سگھو ئي پوءِ بي بي سيءَ جي چواڻي ميجر جنرل رائو فرمان علي، گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل کي اپيل ڪئي ته اسان اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن ۾ ساڻن سهڪار ڪريو.
مان جڏهن به بنگلاديش گهمڻ ويندو آهيان ته سڀ کان اڳ، ڍاڪا شهر ۾ ٻوليءَ جي شهيدن جي يادگار تي ضرور حاضري ڀريندو آهيان ۽ پوءِ شهيدن جي قومي يادگار ڏسڻ لاءِ ساور ويندو آهيان. ساور ۾ گڏيل قبرون به موجود آهن.آزاديءَ جي ويڙهه دوران، اهڙيون ڪيتريون قبرون هٿ آيون جن ۾ سوين بنگالين کي ماري ڦٽو ڪيو ويندو هو. جن کي پوءِ ساور جي علائقي ۾ دفن ڪيو ويو. ٻيو ته ٺهيو پر هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري رات کان اڳ، بنگالي دانشورن کي ڪَٺو ڪري اٽڪل ڏيڍ سو ڄڻن کي ماريو ويو جن ۾ بي بي سيءَ جو نمائندو به شامل هو. 32 ورهين جي هڪ صحافي عورت سيلينا جي لاش جو فوٽو، مون پاڻ ڍاڪا جي ميوزيم ۾ڏٺو.
بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان ريپ ڪيل عورتن کي، ڍاڪا ۾ جلوس ڪڍائڻ کانپوءِ “آزاديءَ جون سورميون” قرار ڏنو، جن سماج ۾ ٿيندڙ متڀيد خلاف اهڙو احتجاج ڪيو. شيخ مجيب ته سندن نئين سر آبادڪاريءَ جا ڪيترا مرڪز به کوليا جن ۾ اهڙين عورتن جي مالي مدد به ڪئي وئي. ڪيترن ماڻهن انهن سان شاديون به ڪيون ۽ سرڪار کان مالي مدد به ورتائون پر ڪيترا اهڙا به هئا جن مالي مدد وٺي شاديون ته ڪيون پر پوءِ انهن کي ڇڏي ڏنائون، ڇاڪاڻ ته سندن مقصد رڳو ڏوڪڙ ڪمائڻ هو. اهڙين سورمين ته پنهنجي عزت به ڌرتيءَ تان قربان ڪري ڇڏي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ذهن ۾ اهو خيال ايندو آهي ته شيخ مجيب رضاڪاراڻي گرفتاري پيش ڪري ها ته سندس گرفتاريءَ وقت ڍاڪا ۾ هزارين ماڻهو نه مرن ها. پرڏيهي ليکڪن جا ڪيترا ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته شيخ مجيب انتهاپسندن جي اڳيان مڪمل لاچار ٿي پيو هو، جنهنڪري گرفتار ٿيڻ جي پاڻ ئي، بار بار خواهش ڏيکاري هئائين.
ڍاڪا جي شڪست کان پوءِ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، جسٽس حمودالرحمان ڪميشن ٺاهي جنهن جا ڪجھه حصا تن ڌينهن ۾ شايع ٿيا ۽ بعد ڪجھه حصا پاڪستان جي چوٿين ڊڪٽيٽر ۽ سنڌين سان نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) مشرف جي دور ۾ هندوستان ۾ ڇپيا هئا، سي پوءِ هت به ڇاپيا ويا پر مڪمل رپورٽ اڄ ڏينهن تائين ڇپجي نه سگھي آهي. جيڪا رپورٽ ڇپي تنھن ۾ ھڪ معمولي بيان جي غلطيءَ کان سواءِ شھيد ڀٽي کي بيگناهه سڏيو ويو.
بنگالين جي ڪوس ۾، جماعت اسلاميءَ مکيه حصو ورتو جنهن ۾ ٻه ويڙهاڪ تنظيمون البدر ۽ الشمس تيار ڪرڻ به شامل هو، جن جو مقصد بنگالين جو خون وهائڻ هو.
سال 1970ع ۾ جنرل يحى خان جي وقت ۾، پاڪستان جي تاريخ ۾ ٿيل سڀ کان بي ريا عام چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ قومي اسيمبليءَ جي ڪل 300 سيٽن مان 160 سيٽون کٽيون، اتي رهيل ٻه سيٽون نورالامين ۽ آزاد اميدوار راجا تري ديو راءِ کٽيون پر ان جي باوجود سازشن سبب اڪثريتي پارٽي عوامي ليگ کي اقتدار ڪونه ڏنو ويو، جنهن ڪري آپريشن دوران لکين بنگالي مارجي ويا ۽ وڏي انگ ۾ عورتون حمل سان ٿي ويون، جن جا ناجائز ٻار ڪيرائڻ لاءِ آسٽريليا جي مدد سان ڪيمپون برپا ڪيون ويون، جيڪي 24 ڪلاڪ ڪم ڪنديون رهيون.
بنگلاديش جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ڪمال حسين جي ساڙهي پهريل سنڌياڻي زال حميدا بيگم (اصل دادوءَ جي آخوند فيملي) پهريون ڀيرو ڍاڪا ۾ مون کي ملي جنهن سان ملڻ لاءِ مان سندس گھر تي ڪهي ويس ته اسان سنڌين جي مسقبل بابت سنڌيءَ ۾ ڳالهايو. سندس خيال هو ته اوهان کي ڇوٽڪارو سولائيءَ سان ڪونه ملندو.
بنگلاديش جي گاديءَ وارو شهر ڍاڪا جنهن کي مسجدن جو شهر به ڪوٺيو ويندو آهي تنهن ۾ آزاديءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو ويس ته غربت ايتري ڏٺم ته سڀني سائيڪل رڪشا هلائڻ وارا پيرين اگھاڙا هئا ۽ کين ٻن ڪهين واري چپل به ڪونه پاتل هئي پر پوءِ جي دورن ۾ڏٺم ته سڀني کي چپلون پيل هيون. پوءِ بنگلاديش پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ترقيءَ جون وڌيڪ منزلون پار ڪيون آهن جو ٻيو ته ٺهيو پر اتان جي ڪرنسي جيڪا اڳ اڌ روپئي جي برابر هئي، سا هاڻي وڌي ٻه رپيا 18 پيسا ٿي وئي آهي. اها بدقسمتي هئي ته جڏهن اوڀر پاڪستان اسان سان گڏ هو ته دنيا جي 66 سيڪڙو سڻي پيدا ڪرڻ جي باوجود اتان جا ماڻهو، مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا سڪندا هئا.
جيئن مون مٿي لکيو آهي ته 16 ڊسمبر، پاڪستان لاءِ سبق پرائڻ جو ڏينهن آهي ته حڪمران غلطين ۽ ڪوتاهين جو ڳوڙهو اڀياس ڪن ۽ عملي طرح اهڙا اُپاءَ وٺن ته جيئن ساڳي صورتحال وري نه دهرائجي. سکڻو ايترو چوڻ ته بنگالين جي الڳ ٿيڻ ۾ اسان جون پنهنجون ڪوتاهيون هيون، سو ڪافي نه آهي. هئڻ ته ائين گھرجي ته پنهنجن ڪوتاهين مان سبق پرائي، رهيل ملڪ جي آئيندي جي خاطري ڪئي وڃي پر لڳي ٿو ته اسان تاريخ کان سبق پرائڻ لاءِ هرگز تيار ناهيون. اڃا به وقت ويو ناهي پر جيڪڏهن هاڻ به چاهيون ته ماضيءَ جي غلطين کي اڳيان رکي، اسان بهتر آئيندي جي خاطري ڪري سگھون ٿا پر ائين ڪرڻ لاءِ ڳنڀيرتا سان نيت صاف رکڻي پوندي.