جڳ مشھور امريڪي فلم”فاريسٽ گمپ” ۾ جڏھن ٽام ھينڪس ڪنھن گيڙ ۾ اچي ڊوڙڻ لڳو تھ ھن سان گڏ ڪيترائي ھم وطن بھ ڊوڙڻ لڳا. ان ڊوڙ دوران ميڊيا جا ماڻھو ھن وٽ آيا ۽ ھن کان پڇا ڪرڻ لڳا تھ آخر ھو ڇو ڊوڙي رھيو آھي؟ ڇا ھن کي عالمي امن جو فڪر ٿيو آھي؟ ڇا ھو ماحوليات جي تحفظ جي سلسلي ۾ فڪرمند آھي؟ پر ھو ڪنھن کي بھ ڪو جواب ڏيڻ بدران بس مستقل طور ڊوڙندو رھي ٿو. پر اسان جي ڀر واري ملڪ يعني ڀارت ۾ ديش جي ھڪ سيما کان ٻي سيما تائين تڪڙي واڪ ڪندڙ راھل گانڌيءَ کان ڪو بھ پڇا نھ ٿو ڪري تھ ھن ايڏي وڏي لمبي ياترا ڇو شروع ڪئي آھي؟ ڇو تھ ھر ھندستانيءَ کي خبر آھي تھ راھل گانڌي پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي ناني جي پارٽيءَ ۾ ٻيھر سياسي ساھھ ڦوڪڻ لاءِ ايڏو وڏو ڪشٽ ڪري رھيو آھي. پر اھم سوال اھو آھي ۽ اھو سوال ھن کان بھ پڇا ڪيو وڃي ٿو تھ ڇا ھڪ سڦلتا ماڻيندو؟ ڇا ھو ڪانگريس کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ان اوج ۾ آڻي سگھندو، جنھن اوج ۾ ھوءَ اڳ ھئي؟
ڪانگريس اھا پارٽي آھي، جنھن پوري ھندستان کي ميڙي مٺ وانگر متحد ڪيو. ھن اھو ڪجھھ ڪيو، جيڪو ڪجھھ ڪنھن ٻي پارٽيءَ لاءِ ممڪن نھ ھو. ھن جھڙي ريت انگريز ن کان آزادي ورتي ۽ ھن جھڙي ريت ھندستان کي ھڪ ڀيرو ٻيھر غيرن جي غلاميءَ مان ڪڍي، آجو ۽ آزاد ڪيو، اھو تمام اھم ڪم ھو. ان مشن جي مھڙ ۾ تھ گانڌي ھو پر ڪانگريس کي تنظيمي صورت ۽ ھن ۾ تحرڪ جي سگھھ پيدا ڪرڻ وارو اھو جواھر لال نھرو ھو، جنھن جي جادوئي شخصيت پوري ديس کي موھي وئي ۽ ھو ان حد تائين مقبول ٿي ويو جو ھن کان پوءِ ھن جي ڌيءَ اندرا ۾ بھ گھڻي وقت تائين ڀارت جي سياسي سنگھاسن جي مٿان براجمان رھي. پر اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھن وقت ڀارتيا جنتا پارٽي يعني “بي جي پي” ڪانگريس لاءِ ڀارت جي ڀونءِ سوڙھي ڪري ڇڏي آھي. ھن وقت تمام گھڻي ڪوشش کان پوءِ بھ ڪانگريس ڪنھن پوزيشن ۾ نھ ٿي اچي سگھي. جيتوڻيڪ مشرق يعني اولھھ ۾ اھو عام جام آھي تھ پاڪستان، بنگلاديش کان وٺي سريلنڪا تائين ھر ملڪ ۾ رت جي سياست جو اوج آھي. ھتي خانداني سياست جو جڙون تمام گھڻيون مضبوط آھن. ان حد تائين جو ميانمار يعني برما ۾ بھ آنگ سانگ سوچيءَ جي ھٿ ۾ سياسي واڳ آھي ۽ ھوءَ پوري قوت سان ھن مھل بھ فوجي جنتا جو مقابلو ڪري رھي آھي ۽ ھوءَ تمام تر پابندين جي باوجود بھ تمام گھڻي پاپولر آھي. جڏھن تھ اھا اوج ھندستان ۾ ان پارٽيءَ کي ڪانھي، جنھن پارٽيءَ ھندستان جي صدين جي غلاميءَ جو انت آندو ھو.
ڪانگريس پارٽيءَ جو تھ تمام وڏو اتھاس آھي. ان جي تاريخ تي ھن وقت بھ دفتر ڇپيل آھن. پر پاڪستان ۾ تمام گھڻين بيوقوفين ۽ باوفائين جي باوجود بھ جيڪا پوزيشن پيپلز پارٽيءَ کي آھي، اھا ڀارت ۾ ڪانگريس کي ڪونھي. جڏھن تھ ڪانگريس جو مقابلو ڪرڻ واري قوت ڪا ھن کان وڌيڪ لبرل ۽ جمھوري مزاج رکندڙ پارٽي ناھي. ھن کي مسلسل مات ان پارٽيءَ کان ملي رھي آھي، جيڪا آر ايس ايس جي تعصبي ۽ تمام گھڻي دقيانوسي سوچ مان سرجي آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي. ان حقيقت کي پوري دنيا قبولي رھي آھي تھ بي جي پي ھڪ ڪٽر ۽ بنياد پرست ھندو پارٽي آھي. ھن جو وس پڄي تھ اھا ھڪ پل ۾ ھندستان جي سرزمين کي ڀارتي مسلمانن کان خالي ڪرائي. پر اھا مجبور آھي. ايتري زھريلي ۽ انسان دشمن سوچ رکندڙ ھڪ پارٽيءَ کي ايتري پوزيشن ڇو حاصل آھي تھ اھا مسلسل اقتدار ماڻي رھي آھي ۽ ھن وقت بھ ان پارٽيءَ جو پرڌان منتري يعني وزير اعظم اھو نريندر مودي آھي، جنھن گجرات ۾ مسلمانن کي جيئرو جلايو. پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ اھو پوءِ بھ ڪنڌ کڻي ھلي ٿو ۽ ھن لاءِ ديش جي ٻين پارٽين کي ووٽن ۾ شڪست ڏيڻ آسان آھي. جڏھن تھ ڀارت اصولي طور تي ان قسم جي ڪني ڪلچر جو شڪار نھ ھجڻ گھرجي. اصولي طور تي نھ ھجڻ گھرجي پر عملي طور تي آھي.
ڀارت جي سلسلي ۾ پوري دنيا ڄاڻي ٿي تھ ڀارت تيزيءَ سان لبرل بڻجندڙ ملڪ آھي. ڀارت ۾ تمام گھڻو مڊل ڪلاس پيدا ٿي رھيو آھي. ڀارت اولھھ جي طرز تي اڳتي وڌي رھيو آھي. ان جي انداز ۾ تمام گھڻي آزادي آھي. ان ڪري اصولي طور تي ڀارتي عوام کي گھرجي تھ اھو ڪانگريس جو ساٿ ڏئي پر تمام گھڻي ڪوشش جي باوجود بھ ڪانگريس ڀارت جي جديد عوام کي پنھنجي سياسي جھوليءَ ۾ نھ وٺي سگھي آھي. ان جي ڀيٽ ۾ موديءَ جو نالو ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ مشھور بھ آھي ۽ معتبر بھ آھي. راھل گانڌيءَ گھڻي ڪوشش ڪئي آھي تھ ھو ڪنھن ريت اڀري اچي پر ھن جي مقدر ۾ ھن مھل تائين سوڀ جو ذرو پرزو بھ نھ پيو آھي. ھن وقت تائين شادي نھ ڪندڙ ۽ پنھنجي ڪردار کي پنھنجي ڪڙتي وانگر سفيد ۽ اڇو اجرو رکندڙ راھل گانڌي پوري ريت پاڻ کي پيڙا ۾ رکي جدوجھد ڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي بھ ڪري رھيو آھي پر پوءِ بھ ھن جو پير ڀارت جي ڀوميءَ ۾ نھ کپي ۽ موديءَ جي سياست ھن کي مسلسل چڪرائي ۽ چت ڪري رھي آھي. ان جو سبب ڪھڙو آھي؟
ڀارت جو ماضي تھ تمام گھڻو مختلف رھيو آھي. ھي اھو ملڪ رھيو آھي، جنھن ۾ مذھبي متڀيد کي گھٽ جاءِ ملي آھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڀارت جي مٿان مسلسل مسلمانن ۽ مسلمانن کان پوءِ انگريزن حڪومت ڪئي. اهڙي ريت ھندو ھڪ قسم جي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ضرور رھيا پر اھا احساس ڪمتري اڳي ھلي اھڙي انتقام پسند ٿيندي؟ ان باري ۾ تھ ڪنھن بھ نھ سوچيو ھو. ڇا ڀارت جي ھندو اڪثريتي آبادي مسلمانن ۽ انھن ترقي پسند قوتن کان انتقام وٺي رھي آھي، جن مذھبي سنڌا لئھ مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا ڀارت جي دل ۾ تاريخ جو بدترين انتقام پلجي رھيو آھي؟ ڀارت جي سلسلي ۾ ھڪ سوچ اھا بھ آھي. ڪجھھ دانشور اھو بھ سوچين ٿا تھ ڀارت جو عوام پنھنجي تاريخي اڀيمان يعني بيعزتيءَ جو بدلو وٺي رھيو آھي. ھو اھو بھ سوچي رھيا آھن تھ ھندو پنھنجي ڌرمي سوچ جي سلسلي ۾ اصل ۾ انتھاپسند آھن. انھن جي مٿان ڀلي ڪيتري بھ لبرل لالي لڳل ھجي پر جڏھن بھ ھو پاڻيءَ سان پاڻ کي صاف ڪندا تھ انھن جي ھيٺان ھڪ گيڙو تلڪ لڳل برھمڻ نڪري ايندو. اھو ئي سبب آھي تھ تازو ھڪ انڊين ايڪٽريس جڏھن گيڙو رنگ جا مختصر لٽا پائي رقص ڪيو تھ ھن جي مٿان ھندو انتھاپسند ڏمرجي پيا ۽ ھن کي پنھنجي ڌرم کي برشٽ ڪرڻ جي الزامن جا تير سھڻا پيا. جڏھن تھ مسلمان اداڪارن جو جيئڻ وڏي وقت کان وٺي جنجال آھي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏھن ڪو ٻڙڪ ٻاڦي ٿو تھ ھن جي زندگيءَ کي خطرو درپيش اچي وڃي ٿو ۽ ھن کي دھلي يا ممبئي جي پوليس جو تحفظ گھربل ھوندو آهي. ان ڪري ڀارت ۾ مسلمان مِٺي بھ ماٺ ۽ مُٺي بھ ماٺ واري ڪيفيت مان گذري رھيا آھن. انھن کي ڪنھن بھ ريت اھا آزادي حاصل ناھي، جيڪا غيرمسلمانن ۽ خاص طور تي ھندو آباديءَ کي حاصل آھي. اھا افسوس جھڙي ڳالھھ آھي. پر اھا حقيقت آھي ۽ ان کي قبول ڪرڻ کان سواءِ بحث کي اڳتي وڌائڻ ممڪن ناھي.
ڀارت جو سماج تھ لبرل ۽ آزادي پسند آھي پر ڀارت جي سياست ۾ ايترو تعصب ۽ تنگ نظري ڇو آھي؟ ڇا ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ لبرل سياست جي ڀيٽ ۾ جيڪا تعصب پرست ۽ پٺتي پيل سياست آھي، اھا عملي طور تي تمام گھڻي تيز ۽ ڪل وقتي آھي؟ يا ان جو ڪو ٻيو ڪارڻ تي سگھي ٿو؟ جيڪڏھن بي جي پي سڀ کان وڏي حقيقت ھجي ھا تھ ھن کي دھليءَ جھڙي ڀارت جي دارالحڪومتي شھر ۾ اروند ڪيجريوال جھڙو عام شھري عبرت ناڪ شڪست ڪيئن ٿو ڏئي سگھي ۽ ھن وقت ڪيجريوال جي پارٽي ڀارت جي ٻين شھرن جي بھ سرزمين بھ سياسي طور تي موديءَ کان کسي رھي آھي ۽ موديءَ لاءِ ھن مھل جيڪو خطرو آھي، اھو ڪانگريسي ناھي. ھن جي لاءِ اھم ترين خطرو “عام آدمي پارٽي” آھي. ڇو تھ اھا ھاڻي ٻين رياستن ۾ بھ بي جي پيءَ لاءِ زمين ڪوسي ڪري رھي آھي. جڏھن تھ ڪيجريوال جي ڀيٽ ۾ ڪانگريس اھڙو ڪو عمل نھ ٿي ڪري، جنھن سان ھن کي ماضيءَ واري مھانتا ملي سگھي.
ڪانگريس جو اھڙو حال ڇو ٿيو آھي؟ ڇا سياسي پارٽيون بھ وقت سان گڏ ڪراڙيون ٿي جھري پونديون آھن ۽ انھن جو بھ ائين انت اچي ويندو آھي، جيئن پرٿويءَ تي انسان ۽ حيوان ۽ پسون پکين جو انت اچي ٿو؟ ممڪن آھي تھ ڪو ان طرح سان بھ سوچي ۽ جيڪڏھن ھو سوچيندو تھ ھن وٽ ان سلسلي ۾ ڪافي دليل بھ ھوندا. پر اصل حقيقت ڪجھھ الڳ بھ ٿي سگھي ٿي. جيڪڏھن ڪانگريس پارٽي پنھنجو سياسي ۽ خاص طور تي فڪري جائزو وٺي تھ ھن کي اھا ڳالھھ شدت سان محسوس ٿيندي تھ ھوءَ لبرل پارٽيءَ طور پنھنجو تعارف ڪرائڻ جي باجود بھ پنھنجي عمل ۽ پنھنجي پاليسين ۾ اهڙي ريت ترقي پسند ۽ سيڪيولر ناھي، جو اھا پوري طاقت سان ڀارتيا جنتا پارٽيءَ کي چئلينج ڪري سگھي. ڪانگريس جو سڀ کان وڏو مسئلو اھو آھي تھ ھوءَ موديءَ جو مقابلو ھن جي ميدان تي اچي ڪري رھي آھي. ھوءَ مسلمانن ۽ ٻين ڀارتي آبادين جي حقن جي ڳالھھ ان بيباڪيءَ سان نھ ٿي ڪري جو ڀارتيا جنتا پارٽيءَ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جي وچ ۾ واضح فرق پيدا ٿي سگھي. اھو ئي سبب آھي تھ ڪانگريس پارٽي جديد ڀارت کي پنھنجي سياسي آغوش ۾ سمائي نھ ٿي سگھي.
ڪاش! راھل گانڌيءَ کي پنھنجي موجوده لانگ مارچ دوران اھو احساس ٿي سگھي تھ ھن جي پارٽي سيڪيولر سوچ وساري ويٺي آھي.