پاڪستانسنڌ

سنڌڙي جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن پاران ڌرتي کي ڀيٽائون

سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي جي عبداللطيف جوڻيجو ايليمينٽري اسڪول ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي مناسبت سان هڪ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ شاگردن ثقافتي ويس پائي مختلف ثقافتي گيتن تي جھمريون پائي رقص ڪيو، شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري شادي جون رسمون ادا ڪري گھوٽ ڪنوار کي لانئون مھندي لڳائي پروگرام ۾ واهه واهه ڪري ڇڏي، بعد ۾ شاگردن تقريرون ڪري ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ذيشان علي جوڻيجو، ڄام لاکو، حسين جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته سنڌو ماٿري جي قديم تھذيب جيڪا هزارين سال پراڻي تھذيب رکندڙ آهي ۽ اسان پنھنجي تھذيب سان بي انتھا پيار ڪندڙ آھيون. تقريب ۾ ذيشان علي جوڻيجو، اظھر علي، محمد بخش شر، هيڊ ماستر افتخار هاليپوٽو ۽ ٻين استادن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بھترين پرفامنس ڏيکاريندڙ شاگردن کي ميڊل ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button