پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ تي 8 گدام سيل، مدي خارج ٻوريون هٿ

ميرپورخاص : ميرپورخاص شھر ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جو ڊي سي نوٽيس ورتو. اي سيز ڇاپا هڻي 8 گدام سيل ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص شھر ۾ ڊيلرن پاران زرعي ڀاڻ جي في ٻوري تي 1000 کان 1200 رپيا وڌيڪ اگھه وٺڻ جو ڊي سي زين العابدين ميمڻ نوٽيس ورتو، ڊي سي جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص حسين کوسو ۽ مختيارڪار راشد ميئو زراعت کاتي جي ٽيم ۽ پوليس سميت ميرپورخاص رنگ روڊ تي مختلف ڊيلرن جي ڀاڻ جي گدامن تي ڇاپا ھڻي 7 گدام سيل ڪري ڇڏيا، جيڪي گدام شھر جي مک ڊيلرن پرڪاش، عابد قائمخاني ۽ راجا جا آھن، گدامن ۾ سونا يوريا، ڊي اي پي، زبردست يوريا ۽ ٻين ڪمپنين جي ڀاڻ جون ھزارين ٻوريون پيل آهن. جڏهن ته راجا سرفراز ڊيلر جي گدام مان مدي خارج ڀاڻ جو سوين ٻوريون ھٿ آيون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر حسين کوسو ٻڌايو ته ڊي سي جي ھدايتن تي ڇاپا هڻي گدام سيل ڪيا آهن، گدامن ۾ پيل ڀاڻ سرڪاري اگهه تي آبادگارن کي ڏنو ويندو، ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقو حسين بخش مري يونس رند پڻ ھڪ گدام کي سيل ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ڊي سي زين العابدين ميمڻ ٻڌايو ته ضلعي ۾ بليڪ تي ڊيلر ڀاڻ وڪرو ڪري رھيا ھئا، ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ ذخيرو ڪيو ويو، شڪايتون ملڻ بعد ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. تعلقن جي سڀني اي سيز کي ھدايت ڪئي آھي ته ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي سرڪاري اگهھ تي ڀاڻ فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button