پاڪستانسنڌ

بڪيراشريف لڳ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

ٽنڊوالھيار: بڪيرا شريف ويجهو امام بارگاهه جيجان حور ڀرسان رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ بڪيرا شريف ڀيل پاڙي جو رهواسي 40 سالن جي ڪرشن ڀيل تڏي تي فوت ٿي ويو، پوليس پهچي لاش کڻائي پي پي ايڇ آئي بڪيرا شريف آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس رڪشا ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button