ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قومي تهذيب ۽ اشرافيا طبقو

سنڌ جو وزير اعليٰ مراد علي شاھه پنهنجي تڪ ۽ ضلعي دادو جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي يا جائزو وٺندي ٻوڏ متاثرن کي بحالي جي حوالي سان جيڪي آٿتون ڏيندي انهن جي اميدن کي سگھاري ڪرڻ جي بجاءِ جيڪي مايوس ڪن ڳالهيون ڪندي رويو اختيار ڪيو آهي انهيءَ جي اميد ته سنڌ جي عوام کي پهريان ئي هئي پر ٻوڏ متاثر يقينن وڌيڪ مايوس ٿيا هوندا جڏهن کين سڌو هي ٻڌڻ ۾ آيو ته “بحالي تمام گھڻي ڏکي آهي گھر تعمير ڪري ڏيڻ جي لاءِ گھڻي رقم جي ضرورت پوندي ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين وغيره وغيرو …..”
انهيءَ دوري دوران هن هي به ورجايو آهي ته “سنڌ پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي وارث ۽ هڪ مضبوط تاريخ رکندڙ آهي انهيءَ کي ورهائڻ جي ڪا به سازش سنڌي قوم برداشت نه ڪندي ۽ نه اسان اها سازش ٿيڻ ڏينداسين.”
تهذيب ڏانهن حڪمران طبقي جو رويو ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو آهي انهي کي سمجھڻ تمام سولو ۽ آسان هجي ٿو جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي گلوبلائيزيشن ڏانهن وڌي ٿي تيئن قومي تهذيبون پنهنجي بقا ۽ جياپي جي لاءِ وڌيڪ جاکوڙيندي پنهنجي اندر جدت پيدا ڪندي انسانيت جي هيڪڙائي جي طرف وڌڻ جي سفر ۾ ڪوشان آهن پر انهيءَ سفر جي ڌارا ۾ رهندي ڪمزور ۽ غلام قومن جون تهذيبون وڌيڪ دٻاءَ ۽ خوفن ۾ مبتلا رهندي بقا جي اها جنگ وڙهي رهيون آهن ۽ هي حقيقت تاريخ جو هڪ مضبوط بنياد به اسان کي نظر اچي ٿو ته ڪيتريون ئي قومون ارتقا جي ان سفر ۾ پنهنجي مظلوميت ۽ غلامي جي خلاف ويڙھه وڙهندي پوري قوم پنهنجي تهذيب جي هٿيار کي هڪ طاقتور ۽ موثر طريقي سان استعمال ڪيو غلامي جي دور ۾ رهندي به ڪيتريون ئي قومون پنهنجي اجتماعي ڪردار ۾ تهذيب کي ئي بنياد بڻايو پر هن خطي جي تاريخ تمام گھڻي الجھيل ۽ تضادن جو شڪار رهندي آئي آهي هن سب ڪانٽيننٽ جي اندر گھٽ قومون اهڙيون نظر اينديون جيڪي تهذيب جي طاقت کي نه رڳو بچائيندي نظر اينديون پر انهن هر دور ۾ ان ئي تهذيب جي بنيادن کي پنهنجي سماجي ۽ سياسي طاقت ۾ تبديل ڪيو آهي.
سنڌ جي تهذيب ان سڀني تهذيبن ۾ نمايا حيثيت ٿي رکي جو سنڌ هر دور جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيندي پنهنجي تهذيب جي ڌارا کي اڳتي وڌايو آهي، پر هي حقيقت به اسان کي ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته هن پوري تهذيب جي بقا جي جنگ ۾ هڪ واضح ۽ چٽو طبقاتي ڪردار به نظر اچي ٿو. جيڪو اشرافيا طبقي ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ واضح لڪير ڪڍندي سفر ڪندي اڳتي وڌيو آهي، سنڌ جو اشرافيا طبقو جيڪو گھڻي ڀاڱي جاگيردارن ۽ ڀوتارن سان گڏوگڏ مذهبي مولوين ۽ پنڊتن تي مشتمل هو انهن اشرافيا طبقي جي فردن جو اڪثريتي رويو عوام دوستي ۽ عوام سان لاڳاپيل هجڻ جي بجاءِ هر دور جي حملا آورن سان ٻانهن ٻيلي ٿيندي انهن جي تهذيب ۽ ٻولي سان پنهنجو پاڻ کي گڏڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو هنن کي هڪ فائدو هي رهيو ته انهن کي قابض حملا آورن کان تمام گھڻيون رعايتون مليون ۽ اهڙي اطاعت ڪرڻ سان حملا آورن اهو ٺيڪ سمجھو ته هو هنن جي اقتداري مفادن جي خلاف ڪڏهن به ٽڪراءَ ۾ نه ايندا.
اهو الميو سنڌ سان گڏوگڏ مجموعي طور تي هن خطي جو رهيو آهي خاص ڪري ماضي جي گڏيل هندستان ۾ هڪ ڊگھو عرصو غير ملڪي حملا آورن جو رهندي پنهنجي حڪمراني کي بي خوفي سان جاري ۽ ساري رکيو خصوصن مغل شهنشاهيت جو دور جيڪو تقريبن ٽن صدين تائين ڦهليل رهيو ان جي پوري دور ۾ سرڪاري زبان فارسي هئي نه رڳو زبان فارسي هئي پر انهيءَ سان گڏوگڏ مغلن جو لباس اٿڻي ويهڻي ڪلچر به هتان جي تهذيبن کان ۽ قومن کان الڳ ٿلڳ رهندو آيو، هن پوري خطي جي اشرافيا ڪلاس راجائن مها راجائن ۽ پنڊتن پنهنجي مراعتن کي برقرار رکڻ جي لاءِ يا وڌائڻ جي لاءِ انهن جي ٻولي ۽ تهذيب کي من و تن قبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي مفادن کي وڌيڪ مضبوط رکڻ جي لاءِ هنن سان فوجي سهڪار به ڪيو توڙي جو بادشاهي ۽ شهنشاهي دور ۾ جاگيرداري جو اهو اصول هيو ته جاگيردار ان جاگير کي حق ملڪيت نه رکندي سنڀال ڪندي پنهنجي خوشحالي وڌائيندو هو ۽ هو بادشاھه جي درٻار ۾ آمدني جو هڪ وڏو حصو جمع ڪرائڻ سان گڏوگڏ فوجي خدمتون به پوريون ڪندو هو.
اهو اصول هونئن ته پوري بادشاهي دور جو رهيو آهي پر ٻين قومن جي اندر ۽ ٻين ملڪن ۾ خاص ڪري گھڻ قومي رياست جي اندر ۽ شهنشاهيت جي اثرن ۾ رهندڙ خطا گھڻي ڀاڱي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب جي اثرن کي ڪڏهن به نه ڪمزور ڪيو ۽ نه ختم ڪيو اهو وڌ کان وڌ عمل اسان کي هندستان ۾ نظر اچي ٿو ۽ خاص ڪري سنڌ جي اندر ته اها شيءِ تسلسل سان ۽ وڌيڪ شدت سان رهي آهي مثال ٽالپرن جو دور يا انهيءَ کان پهريان ڪلهوڙن جي دور ۾ به سرڪاري ٻولي فارسي هئي انهن حڪمران طبقي جو لباس ۽ انداز گھڻي ڀاڱي مغليا رنگ ڍنگ ۾ رهيو انهي پوري تسلسل سان حڪمران طبقي جي نفسيات عوام جي قومي ڌارا ۾ گڏجڻ جي بجاءِ پنهنجو پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکيو.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ ته اسان کي حيرتناڪ حقيقت هي به نظر اچي ٿي ته انگريزن هن خطي جي ٻولين کي ۽ تهذيبن کي پنهنجي اصليتي بنيادن تي طاقتور بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون سنڌ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندي نظر آئي جو نه رڳو سنڌ کي ٻولي جي لپي ملي يعني سنڌي لپي پر سرڪاري ٻولي جو درجو به سنڌي کي مليو ڪورٽ ۽ ٿاڻن ۽ آفيسن جي زبان سنڌي ڪئي وئي ۽ انهيءَ تي ان حد تائين سختي ڪئي وئي جو جيڪي انگريز آفيسر سنڌ ۾ مقرر ٿيندا هئا اهي ڇھه مهينن يا سال تائين جيڪڏهن سنڌي نه سکي سگھندا هئا ته عهدن تان هٽايو ويندو هو. پر هتان جي رولنگ ڪلاس جو تهذيبي انداز ۽ ڍنگ اهوئي پنهنجي طبقاتي ڪردار کي ادا ڪندي نظر آيو جو هو پنهنجي گھرن ۾ ۽ پنهنجي ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ ۾ جنبجي ويا ڪيترن ئي خاندانن جي اندر ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائيندي دقت محسوس ڪندي نظر ايندا هئا ۽ هن وقت به اها عادت، انداز ۽ تهذيب نظر اچي ٿي.
ٻئي پاسي عوام جي تهذيب جيڪا لباس ٻولي کان وڌيڪ پنهنجي سماجي ايڪتا ۽ اخلاقيات جي بنيادن تي بيٺل هئي انهيءَ ۾ اڳواڻي ۽ فخريا ڪردار هتان جي شاعرن، عوامي ڏاهن ادا ڪيو خاص ڪري سنڌ جي اندر صوفي بزرگن پنهنجو پيغام رڳو تصوف جي فلاسافي جي بنيادن تي نه ڏنو پر انهيءَ سان گڏوگڏ عوام جي معاشي ۽ سياسي پيڙائن ۽ دردن کي به کنيو. مثال شاھه عنايت جنهن پنهنجي خانگاهھ جي زمين هارين ۾ ورهائيندي چيو ته “جيڪو کيڙي سو کائي” اهو نعرو ۽ معاشي سياسي نظريو يا تصور هن پوري خطي ۾ ٻئي ڪنهن نه ڏنو ڀلي اهي ڪيترا به عوام دوست هئا. ڀٽائي تهذيب جي لباس ۽ اخلاقيات کان اڳتي وڌي قومي خودداري هيڪڙائي ۽ اخلاقيات جو جيڪو نظريو ڏنو ۽ وڌايو انهيءَ سنڌ جي وحدانيت کي قائم رکڻ ۾ تاريخ جو هڪ وڏو رول ادا ڪيو آهي جو اڄ به ٽي صديون گذرڻ کان پوءِ جديد دور جي نظرين ۽ فڪرن کي پڙهندي پنهنجي قومي جذبي انساني احساس ۽ فڪري پختگي وڌ کان وڌ پيغام لطيف ۾ سمجھون ٿا.
لطيف جو فڪر ۽ پيغام ئي آهي جو پوري سنڌ پنهنجي قومي شعور ۽ ٻڌي ۾ پختگي سان بيٺل نظر ٿي اچي اسان سادي قومي تهذيب جي تشريح جيڪڏهن ڪرڻ چاهيون ته اها هي ڪري سگھون ٿا ته تهذيب رڳو لباس ٻولي ريتون رسمون روين کي ئي نه سمجھڻ کي گھرجي پر تهذيب جو پهريون بنياد معاشي ۽ سياسي آهي جنهن سان قوم پاڻ ۾ گڏ به ٿئي ٿي ته پنهنجي بقا به قائم رکندي جديد کان جديد ٽڪرائن مان گذري پنهنجو پاڻ ۾ نواڻ پيدا ڪندي اڳتي وڌندي آهي حڪمران طبقو جنهن کي اسان اشرافيا طبقو چئون ٿا انهيءَ جو قومي تهذيب جي باري ۾ تصور ٻولي، لباس ۽ هلڪيون ڦلڪيون ريتون رسمون ۽ موسيقي ۽ تعليم جو مٿاڇرو رکندي نظر ايندو اشرافيا طبقو قوم جي معاشي ۽ سياسي فڪر سان پنهنجو پاڻ کي ناهي جوڙيندو ڇو ته ان سان ان جي پنهنجي مفادن کي نقصان پهچي ٿو خاص ڪري سنڌ جي اندر ته اها صورتحال چٽي آهي انهيءَ ڪري هو تهذيب جي نظريي جو ۽ عوامي رشتي جي قائل هجڻ جي بجاءِ تهذيبي رونشي کي اهميت ڏيندو آهي يعني سياست جي بجاءِ ميلي کي ترجيح ڏيندو عوامي مفادن جي بجاءِ پنهنجي گروهي ۽ ذاتي مفادن کي بنياد بڻائي سياسي ۽ سماجي عمل ۾ نظر ايندو. اسان وزير اعليٰ کان اهو لازمي سوال ڪنداسين ته هو جڏهن سنڌ جي پنج هزار سال تهذيب جو ذڪر ٿو ڪري تڏهن انهيءَ جو استمعال هو پنهنجي سياسي ووٽ جي لاءِ ڪري ٿو يا هن جي سيني ۾ هن برباد ۽ تباھه حال سنڌ جو درد به آهي ڇا هو ان بربادي کي يعني قومي بربادي کي سنڌ جي پنج هزار سالا تهذيب جي بربادي نه ٿو سمجھي؟ يقينن انهيءَ جو جواب هو پاڻ ته نه ڏيندو پر هي قوم سمجھي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button