جيتوڻيڪ هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو جو هُو مَڻيو مِٽ ڪري، پُنهونءَ جو پير وڃائي ويٺلن جا، مَت مُوڙهي سياسي بازار ۾ هڪ ٻئي تي بُهتان ۽ ڳلن ۾ هٿ ڏِسي رهيو هو پر هيل صورتحال ڪجهھ گهڻو ئي ڳنڀير هئي. اهو ان ڪري جو سندس ديس جنهن موڙ تان گُذري رهيو آهي، تنهن ۾ ذاتي مفادن کي مِٺو ڪري پنهنجي لڄادار ۽ مارُو لوڪ سان ويساھه گهاتيون ڪندڙ مَت مُوڙهلن جا هڪ ٻئي مٿان الزام، وطن جي نوجوان عُشاق ٽَهيءَ کي مايوسي ڏانهن ڌِڪي رهيا هئا. ها اهي مَت مُوڙهل جيڪي اڃان تائين انهي ڇَسي سياست ۾ هڪ ٻئي سان وِچڙي رُلي رهيا آهن، جيڪا سياست ورهين پُڄاڻان به اهو بحث ناهي نبيري سگهي ته:
” اول ديس – پوءِ جمهوريت” يا “اول جمهوريت – پوءِ ديس!؟” سو بهرحال هلندي هلندي هن جڏهن ڏٺو ته هتان جا اٽڪلي عاقل ان بحث کي ڄاڻي ٻُجهي ڊيگھه ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن مَستن جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي جيڪي “اول ديس – پوءِ جمهوريت” واري فِڪر جي فرهي هٿ ۾ کڻي، وَستي وَستي ويراڳ جون محفلون رچائيندي، ديس جي رهبر جو اهو نِينهن نياپو پُهچائيندا ٿا وتن ته:
هُئيِنءَ ته گَهڻو هوشِيارُ؟ ڪَل
به هُيَئي ڪانڌَ جي؟
تو ڀانيو موچاري ٿِيان، ڳِچيءَ پائي هار؟
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگار ُ
وَهَمَ لَهي وِينجهارُ، دِليون پَرکي داسَڙو
بھرحال جنهن کي جيڪو وڻي سو وڃي کڻي پر هن ته پنهنجي سياسي سمجهھ جي پهرين وِک کان ئي اهو وچن ڪيو آهي ته هار، ديس ۽ داسڙي جي چونڊ ۾، کيس انهن سان ئي بيهڻو آهي جيڪي مَڻيئي کي نه پر مُحب کي مِٽ سمجهن ٿا.
سو بُهتانن واري بازار کان بيزار ٿي هي ٻرانگهون ڀريندو جيئن ئي آشرم ڏانهن پنڌ پيو ته واٽ تي، هن جي سڀ کان اول آجيان انهي اُتر واءُ ڪئي، جنهن واءُ ۾ اها ڪيميا هوندي آهي، جيڪا لڱن کي سنياس وارو سيڪ ڏيئي، ُرڪ بڻايو ڇڏي. بس پوءِ هن اُتر واءُ کي پرنام ڪيو ۽ ياد ڪيا اهي ڏينهن، جڏهن اهڙي ئي ڪنهن سرد هوائن واري رُت ۾، واريءَ جي پنڌ ڏانهن وک کڻڻ مهل، جانب جوڳ کيس اڪن جي نيرين ڦلين جو هار سوکڙي ۾ ڏيندي چيو هو:
“اچي هي نيرين ُڦلين جو هار
ڳَلي ۾ پائي ڇڏ
جيڪو توکي ُپورب پنڌ ۾ هر لمحي
ڌرتيءَ سان جوڙيندو رهندو
۽ راهه ۾ جِتي به اُتر واءُ توسان ملندو
تڏهن اهو واءُ توکي پنهنجو سمجهي
ايترو ئي سيڪ ڏيندو
جيتري تنهنجي وجود ۾
گُمراهي جي گِهم هوندي
بس ان سيڪ کانپوءِ
جڏهن تون ُسڪي ٺوٺ ٿي ويندين
۽ سموري گدلاڻ ختم ٿي ويندءِ
تڏهن توکي َاڪ کلي کيڪاري
اهو پراڻو راز سمجهائيندا ته
“زهر جو علاج زهر سان ڇو ڪبو آهي؟”
ايئن هو گهڻو ڪجھه ساريندو رهيو ۽ هلندو رهيو ان آسٿان ڏانهن، جتي جي ٻوليءَ ۾ “ڳجهارت” کي “ٻُجهارت” به چوندا آهن. رستي ۾ واءُ لڳندو رهيو، جيوت جا لڱ ڏڪندا رهيا ۽ ڪيترين ئي مسافر محبتن جا قصا ڪکن پنن مان هيئن جهونگاريندا رهيا ته:
“ڪَن ڪَٽ، ڪاپَٽ ڪاپڙِي، ڪَنوٽيا ڪَن چيِر
سَدا وِهن سامُھان، عاشِق اُتر هِير
تَسا ڏيئي تَن کي، ساڙيائون سَريِر
جي فَنا ٿِيا فَقير، هَلو تَڪِيا پَسُون تِن جا”
هن سوچيو ته جڏهن ڪکن پنن کي به اهو پتو آهي ته ڪنھن به قسم جي تڪليف جي خوف کان پنڌ کي نه ڇڏبو آهي ته پوءِ سندس ديس جي انهن پاڻمرادن عاقلن کي اها ڳالهھ ڇو نٿي سمجهھ ۾ اچي؟ اهي آخر ڇو پنهنجو اصل پنڌ ڇڏي، پرائي چوڻ تي اهو ڪجھه ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪا به وقعت ناهي. پوءِ وري سوچيائين ته هو ڪنهن به ٻئي جي عمل جو ذميوار ناهي، هن کان جيڪو به پڇاڻو ٿيندو، سو سَندي عمل ۽ قدم جو ئي ٿيڻو آهي. تنهن ڪري هن ٻين جي باري ۾ سوچڻ ترڪ ڪندي، انهي سج کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جو ساڻس واعدو ٿيل آهي ته:
“تون جڏهن به بخشش ۾ مليل ڪوڙي ڏيک واري حياتي جي حدن مان نڪري، رڻ ڏانهن وڌندين ۽ اُتر واءُ سان ٻکين پوندين ته آئون توکي وچ راهه ۾ ضرور ملندس.”
جيستائين اهو واعدي وارو مهربان سج کيس راهه ۾ ڪٿي ملي، تيستائين هن ساڌو جو اهو سبق ياد ڪرڻ شروع ڪيو:
“سڄڻ ۽ ساڻيھه سان يگاني محبت فقط بهادرن جي ئي نصيب ۾ هوندي آهي. ۽ جيڪي قدم قدم تي اٽڪلون ڪري رڙهندا آهن، تن کان هڪ موڙ تي پنهنجي صورت به رُسي ويندي آهي ۽ اڳيان هلي اهي پنهنجو پاڻ کي به ڪونه سڃاڻي سگهندا آهن. اهڙن لاءِ بس پوءِ رڳو آخر ۾ پڇتاءُ ۽ اندر جي ملامت بچندي آهي. جنهن کان پوءِ هو ڪٿي سرعام نظر ايندڙ ته ڪٿي نظر نه ايندڙ شڪستن تي اهي هٿ مهٽيندي رهجي ويندا آهن، جن هٿن کي هر هر ڌوئڻ جي کين هير پيل هوندي آهي. پر جيڪي هڪ ڀيرو ئي سورهيائي جو سبق ياد ڪري، هريءَ جي نام سان پنهنجو هِردو ڌوئي ڇڏيندا آهن، تن کي ڪڏهن به ڪنهن اندر جي اگهائي جو خدشو ناهي رهندو.
اهي ئي اهڙا سورما هوندا آهن، جيڪي پنهنجو ديس بچائي اهي محبتون ماڻين ٿا، جن محبتن جو تصور رتي ڪاڪ ۾ محفوظ ٿيل آهي.”
ايتري ۾ سندس اندر مان ڪنهن وراڻيو:
“اسان ته توکي پهرين ئي چئي ڇڏيو هو ته:
“ڊڄ نه!! اڳتي وڌ… ڇو ته هن سفر ۾ موٽڻ مهڻُو آهي. ڇا تو مرشد جي اها هدايت نه ٻڌي آهي ته” جيڪڏهن توکي جوڳ سان محبت آهي ۽ تو ان کي پنهنجو ڪيو آهي ته پوءِ سُکن جون سَڌون ڇڏي ڏي. پر جيڪڏهن تو مان سُک جي سَڌ اڃا به نٿي وڃي ته ميان!! سگهو ئي هتان هليو وڃ. متان ڪٿي تنهنجو ڪو عمل سڄي جوڳ کي لڄائي نه وجهي” ۽ ها ته پوءِ جيڪڏهن تو اها هدايت ٻڌي آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جو ڪوئي جوڳ به اختيار ڪري ۽ سُک به طلبي!!”
ايتري ۾ سڄو آسمان جيڪو پهر پهرين ڌُنڌ ۾ وڪوڙيل هو، سو کن پل ۾ روشن ٿي ويو ۽ چئو ڏسائن ۾ هي آلاپ گونجڻ لڳا:
سڙيا ٿي پير جي تنهنجا
لڱن ۾ آڳ جيڪا هئي
متان سمجهين اجائي وئي!!
تنهنجي اميد جيڪا تو
سيني ۾ هيئن سجائي هئي
“سهڻو منهنجو سدا ساجن
ڪندو ڪي ساٺ سڀ مون سان
رهيا جي هيل تائين سُور
سفر ۾ ماٺ سڀ مون سان
سي قرار ٿي ويندا
لڪل سڀ راز سيني جا
ڪامل اظهار ٿي ويندا
سجائي ٿي اها ڏس آس
گهڙي آئي اها آهي
اٿي هاڻ ماڻ سورج کي
سڏيئي جنهن سج کي سو ڏس
هليو آ ڏور کان ڪاهي!!؟
سٽي سُک جو سڌون ساريون
لهي پئو سُور پاڻي ۾
جُڳن جي ڌيان ڇاڻي ۾
وجهي تون ڇاڻ پنهنجو پاڻ
مري جي ماڻ پنهنجو پاڻ
پوءِ تون ڏس ڏسائن کي
سڄو سنسار تون آهين
پنهنجو پاڻ ئي مطلوب
اول – آخر … ظاهر – باطن
سڄو اسرار تون آهين.
۽ بس ان سموري لقاءَ کانپوءِ هن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ هن کي ڪا وسري ويل ڪهاڻي ياد آئي هجي. اها ڪهاڻي جيڪا نه ته هن پنهنجي ارادي سان شروع ڪئي هئي ۽ نه ئي ان جي پڄاڻي جو کيس ڪو پتو آهي. پر ايترو سو آهي ته ان ۾ هن جيڪو ڪجهه به پسيو ۽ محسوس ڪيو آهي، تنهن لاءِ کيس ڪئين ڀيرا جنم آواگون مان گذرڻو پيو آهي.
پر هاڻ هن جنم ۾ جڏهن پنهنجي ان وسري ويل ڪهاڻي جو کيس نئون سرو مليو آهي، تڏهن ان ڪهاڻي جي هو هاڻ ڪا به پڄاڻي نٿو چاهي. هونئن به اهڙي پنڌ جي پڄاڻي ٿي به ڪيئن ٿي سگهي، جنهن پنڌ جي پانڌيئڙن هر هڪ پُور ۾ ديس ۽ داسڙو سمايل هُجن.