ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خاص رليف پيڪيج وارو فيصلو لالي پاپ نه هئڻ گهرجي

Editorial

جيتوڻيڪ حڪمرانن جا اهڙا ڪيترائي اعلان آهن، جيڪي بظاهر عوام جي ڀلي ۾ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن تي عمل ٿئي ته هوند عوام جا اهنج گهٽجي پون پر ڳالهه عمل جي ئي ته آهي، انهن تي عمل ڪير ڪرائي؟ حڪمرانن جا اهي اعلان جيڪي عوام جي ڀلي ۾ ڪيا ويندا آهن انهن تي تر جيترو به عمل ناهي ٿيندو. بهرحال خبرون آهن ته حڪمرانن عوام کي خاص رليف پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
خبرون آهن ته وزيراعظم شهباز شريف عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مهانگائي کي ڏسندي وزيراعظم شهباز شريف عوام لاءِ خاص پيڪيج جي تياري جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عوام کي اڳوڻي حڪومت مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو، اسان کين رليف ڏينداسين. وزيراعظم نوجوانن لاءِ به خاص پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم نوجوانن لاءِ روزگار فراهمي جو پيڪيج تيار ڪرڻ لاءِ وزارتن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق جمعي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) جو صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت حڪومت پاران رليف تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. عوام کي گئس ۽ بجلي جي بلن جي حوالي سان به رليف قدم تجويز ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اجلاس دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ سياسي ميڙاڪن ۾ حڪومتي معاشي قدمن ۽ رليف کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اتحادي حڪومت تباهه حال معيشت کي اچي سنڀاليو. عمران خان جون پاليسيون ملڪ کي سريلنڪا واري صورتحال ڏانهن وٺي وڃي رهيون هيون. اتحادي حڪومت عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ جا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت ۽ موجوده حڪومت وچ ۾ معاشي قدمن جي فرق کي اجاگر ڪيو وڃي. ورڪرز ڪنوينشن ۾ حڪومتي پاليسين کي مثبت انداز ۾ اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم پارٽي قيادت کي هدايت ڪئي ته حڪومتي معاشي قدمن ۽ رليف کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم پي ٽي آئي خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ خاص مددگارن شرڪت ڪئي.
ڳالهيون ڀليون پر شال اهي سچيون ثابت ٿين ۽ انهن تي عمل ٿئي. جيڪڏهن حڪمرانن جي واقعي به عوام کي مهانگائي جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪا نيت آهي ته سڀ کان پهرين ته پيٽرول جا اگهه گهٽايا وڃن ڇاڪاڻ ته پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته هر شئي جا اگهه وڌي ٿا وڃن. پر حڪمران ان اهم مسئلي تي تر جيترو به رليف ڏيڻ لا تيار ناهن. تازو ئي پيٽرول اگهن ۾ جيڪا لاٿ ڪئي وئي آهي، ان تي رڳو کلي ئي سگهجي ٿو. جڏهن حڪمران تيل جا اگهه وڌائڻ تي ايندا آهن ته هڪ سئو رپين تائين به وڌائي ڇڏيندا آهن پر جڏهن عوام کي رليف ڏيڻ جو موقعو ايندو آهي، ته اتي ڪجهه رپيا لاٿ ڪري، تاثر اهو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هنن وڏو ڪارنامو ڪري ڇڏيو آهي.
هن ملڪ ۾ ڏينهن ته حڪمرانن جا تبديل ٿيندا آهن، عوام لا ته ڪو به ڏينهن تبديل ناهي ٿيندو. عوام لا رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، پر عوام دشمن معاشي پاليسيون جاري رهنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مهانگائي کي پر لڳل آهن. ڪا به شئي اهڙي ناهي جيڪا مهانگائي جي حملي کان بچي هجي. عام واهپي وارين شين جا اگهه آئي ڏينهن وڌي رهيا آهن، ۽ اگهن تي ڪنٽرول جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن. حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت کي به مات ڏئي رهيا آهن. بهرحال اسان اميد ٿا ڪيون ته خاص رليف پيڪيج وارو فيصلو لالي پاپ نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button