پاڪستان

اسيمبليون ٽوڙڻ لا تاريخون نه ڏبيون آهن، حوصلو ڪرڻو پوندو آهي:وفاقي حڪومت

سڌ سما بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪا به نئين ڳالهه ناهي ڪئي، هن رڳو ميڊيا ۽ عوام جو وقت وڃايو، اسيمبليون ٽوڙڻ لا تاريخون نه ڏبيون آهن،حوصلو ڪرڻو پوندو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي ذهن تي اقتدار وڃڻ جو اثر ٿي پيو آهي، سندس کائڻ پيئڻ ئي پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين سان جڙيل آهي، هاڻي پنهنجي چوري جو گوڙ گهٽائڻ لا واويلا ڪري رهيو آهي، عمران کي جمهوري تسلسل جو ڪو به لاچار ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن باجوا سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو ۽ توهان بي اختيار آهيو ته پو کيس بند ڪمري ۾ ايڪسٽينشن جي آڇ ڇو ڪندا رهيا؟ جنهن ڏينهن صوبائي اسيمبليون ٽٽنديون ته 9 ورهين کان پختونخوا ۾ ٿيندڙ چوريون ۽ ڌاڙا سامهون اچي ويندا، جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي به ٽٽي وئي ته پو بني گالا جي رڌڻي ۽ جلسن جو خرچ ڪير ڀريندو، اي ٽي ايم ته هاڻي رهيو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button