پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان شگر مل ۾ قتل ڪيل نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌرڻو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو لڳ ٽي ڏينھن اڳ الائنس شگر مل ۾ قتل ٿيل نوجوان جنيد ملڪ جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پرويز ملڪ، ڪامريڊ الياس ملڪ، عبدالسميع ملڪ، فقير ڪمال مهر، شبير احمد ملڪ مين ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ٽريڪٽر ٽرالين جون قطارون لڳي ويون. جڏهن ته ڪاروبار پڻ بند ٿي ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اوٻاوڙو پوليس شگر مل انتظاميا خلاف ڪيس داخل نه ڪري نوجوان جو قتل لوڙھڻ چاهي ٿي، ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود سيڪيورٽي انچارج کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي سي سي ٽي وي فوٽيج اسان کي ڏيکاريا ويا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سيڪيورٽي انچارج مظھر ملھي خلاف نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button