پاڪستانپنجابخيبرپختونخوا

عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 23 ڊسمبر جمعي جي ڏينهن تي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته صوبائي اسيمبليون تحليل ڪرڻ بعد 123 ميمبرن جي استعيفائن لا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. عمران خان زمان پارڪ مان وڊيو لنڪ ذريعي لاهور جي لبرٽي چوڪ، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پي ٽي آ چيئرمين سان پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ وزيراعليٰ خيبر پختونخوا محمود خان به گڏ موجود هئا. عمران خان چيو ته مون کي خدشو آهي ته هي ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ڪرائيندا، ڇاڪاڻ ته هي چيف اليڪشن ڪمشنر سان گڏجي ڪو نه ڪو آئيني نڪتو يا جواز ڪڍي ايندا، پئسي جو قدر گهٽجندو ته هنن کي فائدو ٿيندو ڇو ته سندس پئسو ٻاهرين ملڪ ۾ پيل آهي، هنن کي پاڪستان سان ڪو غرض ناهي. هن اعلان ڪيو ته قانوني ماهرن سان صلاح مشوري بعد ايندڙ جمعي جي ڏينهن 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ پختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، جڏهن ته 123 ميمبر استعيفائن جي تصديق لا قومي اسيمبلي ۾ ويندا ۽ اسپيڪر کان استعيفائن جي تصديق جو مطالبو ڪندا، جنهن بعد اسان نين چونڊن جي تياري ڪنداسين، استعيفائن بعد ملڪ جي 66 سيڪڙو تڪن تي اليڪشن ٿيندي، آئون چاهيان ٿو ته اليڪشن ذريعي پي ڊي ايم جو نالو نشان به مٽائي ڇڏيان، اسيمبلين بابت فيصلي ۾ ساٿ ڏيڻ تي وڏن وزيرن محمود خان ۽ پرويز الاهي جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو ته ملڪ جي سڄي تباهي جو ذميوار فقط هڪ شخص جنرل (ر) باجوا آهي، اسان جي حڪومت به باجوا ئي ڪيرائي، جنهن کي مون پهريان ان ڪري ڪجهه به نه چيو ڇاڪاڻ ته هو فوج جو سربراهه هو، آرمي چيف کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان اسان جي فوج کي نقصان پهچي ها، ايترو ظلم مشرف جي دور ۾ به نه ٿيو جيترو باجوا اسان تي 7 مهينن ۾ ڪيو، ڇا آئون ملڪ دشمن اهيان جو منهنجي گهر جي فون کي ٽيپ ڪيو ويو، مون کي سازش بابت هڪ سال اڳ ئي پتو پئجي ويو هو، ان بابت جنرل باجوا کان پڇيم ته هن سدائين صاف انڪار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته قوم کي مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي ۽ هن حالت ۾ ملڪ ڇڏڻ جي ضرورت به ناهي، توهان کي هن وقت ثابت قدم ٿي بيهڻو آهي، اسان گڏجي انشا الله پاڪستان کي سڀني مسئلن مان ڪڍي وٺنداسين، اقتدار تان هٽائڻ بعد مون کي الله تعاليٰ پهرين کان به وڌيڪ عزت ڏياري، جڏهن اسان ملڪ جي زوال طرف وڃڻ تي سوال ڪريون ٿا ته اسان کي ماريو وڃي ٿو پر مان ڪنهن به صورت ۾ هار نه مڃيندس ۽ قوم لا جدوجهد ڪندو رهندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button