پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي مان کنڀيل رهڙڪي واسي کي پنجاب پوليس ماري ڇڏيو

رهڙڪي: ڏهرڪي مان کنڀيل رهڙڪي واسي کي پنجاب پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. تفصيل موجب ڏهرڪي مان مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل رهڙڪي واسي شاهنواز کونهارو کي پنجاب پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو. ان حوالي سان صادق آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڪمن ڀٽا روڊ تي هٿياربندن سان مقابلي دوران شاهنواز کونهارو مارجي ويو ۽ سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن، مارجي ويل شاهنواز مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن. ٻي طرف وارثن جو چوڻ آهي ته شاهنواز کونهارو کي مهينو اڳ ڏهرڪي جي المرتضيٰ هوٽل تان کنڀيو ويو هو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به موجود آهن، پنجاب پوليس رشوت نه ڏيڻ تان اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اطلاع ملڻ بعد شاهنواز کونهارو جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ سندس ما مائي ستڀرائي ۽ مائي سهڻي رحيمار خان روانيون ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button