پاڪستانعالمي

اسان دهشتگرد نه پر دهشتگرديءَ جا متاثر آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي طور پاڪستان لاءِ ڏکيو وقت آهي پر پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، دنيا جو موجوده معاشي نظام اسرندڙ ملڪن جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جو آواز هتي پهچايو آهي، دهشتگردي سبب متاثرن ۽ پاڪستاني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آهيون، اسان دهشتگرد نه پر دهشتگرديءَ جا متاثر آهيون، سموري قوم دهشتگرديءَ خلاف متحد آهي. پرڏيهي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ لاءِ هن ڀيري ماضيءَ واريون ڪوتاهيون نه ڪيون وينديون، پيپلز پارٽي ۽ اسان جو حڪمران اتحاد دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته اسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجا وسيلا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪري رهيا آهيون، دنيا اندر گهٽ ۾ گهٽ 100 ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهن، جتي ڪروڙين ماڻهو بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، وڌندڙ موسمياتي سانحا غريب ملڪن کي متاثر ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ تازو آيل ٻوڏ جون تباهيون ان جو هڪ مثال آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي جي-77 پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي صدارت ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button