گذريل ھفتي ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ڪتابي ميلو ٿي گذريو، جنھن کي ھڪڙي اندازي مطابق ھزارن نھ پر لکن ماڻھن گھمي ڏٺو ۽ ڪتاب خريد ڪيا. ڪتابي ميلو ايترو تھ شاندار ھو جو آخري ڏينھن تائين بھ ماڻھن جي پيھه ڏسڻ وٽان ھئي. جتي تمام گھڻي تعداد ۾ ڪتاب ھئا ۽ ھر قسم جي مواد وارا ڪتاب ھئا، اھا ھڪ انتھائي سٺي ڳالهھ سان گڏ ان ڳالهھ جي گواھي بھ ڏيئي رھيا ھئا تھ سنڌ جي دل ڪراچي صرف مار ڌاڙ، ڦرون يا لٽڻ جو شھر نھ پر تھذيب جو گھوارو ۽ علم و ادب سان چاھه رکندڙ آھي. علم و ادب کي پاليندڙ ۽ ان جي پرورش ڪندڙ شھر آھي. ظاھر آھي سون سالن جي ارتقا ۾ سموري سنڌ ڌرتي جي تھذيب ۽ تمدن ان شھر کي اڏڻ ۾ صرف ڪيو ھوندو ۽ پنھنجي ھر طرح جي پرورش سان ڪراچي جي اھا سڃاڻپ ٿي آھي. ان ۾ صرف ڪراچي نھ پر سنڌ ڌرتي جي سمورن شھرن جو پگھر ۽ رت ست شامل آھي. شھر انفرادي قوت سان نه پر اجتماعي صورتحال مان جنم وٺندا آھن ۽ ان ساخت ۾ سموري سرزمين يعني تھذيب جو حصو ھوندو آھي. ھڪ پاسي شاندار سنڌوءَ درياءَ جو پاڻي ۽ ھزارن ۽ لکن سالن جي شاندار تھذيب جو ان ۾ رت ست شامل آھي تھ ٻئي سنڌي سمنڊ جو تمام وڏو ڪنٽريبيوشن آھي. سمنڊ جنھن کي لطيف سائين انتھائي نفاست ۽ محبت سان نھ صرف ڳايو آھي پر ان سان ڄڻ تھ احساسن کي جوڙي اٽٽ اظھار جو رستو ڏنو آھي. لطيف سائين سمنڊ کي پنھنجائڻ جي حوالي سان پوڄا جي حد تائين وڃڻ جي ڳالھه بھ ڪئي؛
سيوا ڪر سمنڊ جي، جتي جر وھي ٿو جال،
سوين وھن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،
جي ماسو جڙئي مال، تھ پوڄارا پُر ٿئين.
لطيف سائين جا ماڻڪ موتي لال اھي تھذيب ۽ تمدن جا رستا آھن، جيڪي معاشي خوشحالي جي ڪري ھٿ ايندا آهن. ماڻھو خوشحال ھوندا تھ سوين ايڪسپو سينٽرز وجود ۾ ايندا ۽ ماڻھو ماسو جوڙي بھ پُر يعني شاھوڪار ٿي ويندا. پر ڇا اسان اڃا اھو ماسو بھ حاصل نھ ڪري سگھيا آھيون يا ان ماسي يا سمنڊ جي سيوا جو درس نھ اپنايو آھي، اھو سوال ضرور اڀري ٿو جيڪو انھي ڪتابي ميلي جي لقائن مان ظاھر ٿيو.
انھي ڪتابي ميلي ۾ جيڪا سٺي ڳالهھ نظر آئي اھا ممتاز بخاري يا ماءِ پبليڪيشن طرفان نھ صرف ٻن ڪتابن جي نون ڇاپن جي رونمائي يا تعارفي پروگرام ھو پر ڪتابي ميلي ۾ سنڌي ڪتابن جو اسٽال بھ ھو جيڪو پنھنجائپ جو احساس ڏياري رھيو ھو. جيتوڻيڪ سمورا دڪان پنھنجا ۽ سمورا ڪتاب پنھنجي تھذيب جا نمونا ھئا پر سنڌ ڌرتي جي پنھنجي ٻولي جو احساس اتي ٿي رھيو ھو. اھي ٻھ ڪتاب ھئا، “ادبي تنقيد جي تاريخ” محترم اڪبر لغاري جو ۽ ناول “ڪلاس فور جي محبوبا” محترم ممتاز بخاري جو ھو. ڪتابن تي جيڪي ڳالھيون ٿيون اھي پنھنجي جاءِ تي پر سنڌي ڪتابن جي ويھڪ جي ابتدا ٿي وئي. اڪبر لغاري جو ڪتاب پنھنجي تنقيد جي بحث ۾ ھڪ بھترين ڪتاب ھجڻ سان گڏ ھڪ بحث مباحثي جي حيثيت رکندڙ دستاويز ان جي ڪري بھ آھي تھ ان ۾ سمورا باب يا ادبي تنقيد جا لاڙا ايئن تقابلي طرح ڏيکاريا ويا آھن جھڙوڪ اسين سمورن لاڙن جو ھڪٻئي لاڙي سان ابتڙ ۽ ھڪجھڙايون پيا پڙھون. ساڳئي نموني سان ھر تنقيدي لاڙي جا جيڪي سرواڻ يا نقاد آھن ڄڻ تھ انھن جي ذاتي آتم ڪٿا سان گڏ تنقيد ۾ ڪنٽريبيوشن بھ سٺي نموني ڏيکاريل آھن. ٻيو تھ اڪبر لغاري جو گھڻو تڻو واسطو فلسفي ۽ سنڌي ادب سان بھ رھيو آھي تھ ان ڪري ھر ادبي لاڙي ۾ فلسفي جي بحث جي کوٽ بھ پوري ڪندي نظر اچي ٿو ۽ سنڌي ادب يا ٻاھرين ادب سان لاڳاپيل ڳالھيون بھ آھن. اھڙي طرح ڪلاس فور جي محبوبھ ناول بھ پنھنجي جوھر ۾ رومانوي ناول ھجڻ سان گڏ سماجي صورتحال جي دستاويز بھ آھي، جنھن کي سوشل ريئلزم يا تحليل النفسي يا سماجي ساختياتي لاڙي تحت بھ ڏسي سگھجي ٿو.
اڪبر لغاري جو ڪتاب جتي عام طور ادبي تنقيد جي تاريخ عالمي ليول سان سلھاڙيل آھي اتي ان ڪتاب ۾ لاڙن جي اطلاق جي گھرج بھ محسوس ٿئي ٿي تھ ساڳئي وقت انھن لاڙن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌي ادب تي اثر جو حصو بھ ھڪ گھرج طور محسوس ٿئي ٿو. بلڪل اھڙو ڪم جھڙو ڊاڪٽر ساجده پروين جو ڪم آھي جنھن جو ڪتاب “جديد ادبي تنقيدي لاڙن ۽ نظرين جو سنڌي ادب تي اثر” آھي اھڙي ئي ڪم جي گھرج اڃا وڌي ٿي وڃي، جيڪا اڄوڪي دور جي انتھائي اھم ضرورت آھي. ٻي ڳالهھ تھ انھن ٻنھي سيشن ۾ ماڻھن جي شرڪت جھڙوڪ نھ ھجڻ جي برابر ھئي، ان جا بظاھر ڪيترا ئي سبب ڀلي ڳڻائجن پر اھا صورتحال ڏکائيندڙ ضرور ھئي. ڪراچي جتي سنڌ ۽ سنڌيت ساھه کڻي ٿي اتي سنڌين ڳالھائيندڙن کي ڪراچي جي ھر شيءَ کي پنھنجائڻ گھرجي ايئن جيئن ماءِ پبليڪيشن جي محترم ممتاز بخاري ۽ سنڌيڪا وارن پنھنجا اسٽال لڳائي ان ميلي کي پنھنجايو ۽ اڳتي بھ ايئن ڪندا رھن تھ ڪراچي جي رھواسين کي پنھنجي سنڌي ٻولي کي پنھنجائڻ جو رستو ملي پوي. ڪراچي جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد توڻي استاد، ملازم پيشھ طبقو يا ادبي سٿ وارا ھٿ ھٿ ۾ ڏئي ان کي ڀرپور پروگرام ڪري پئي سگھيا جيئن منتظمين کي اھو پيغام وڃي ھا تھ سنڌي ٻولي يا سنڌي ڪتابن جا سيشن ڪتابي ميلي يا ايڪسپو سينٽر جي سونھن ۽ ضرورت ٿي پون ۽ اھا سندن مارڪيٽ جي مجبوري بھ ٿي پوي تھ ايندڙ پروگرامن ۾ دعوتون ڏئي بھ سنڌي پروگرام ڪرائين ھا. دعوتون ڏيئي بھ سنڌي ڪتابن جا اسٽال لڳائين ھا. ممتاز بخاري کان پڇڻ کانپوءِ خبر لڳي تھ سنڌي ڪتابن جو وڪرو ڪو خاص نھ ٿي رھيو ھو، توڻي صفا گھٽ بھ نھ ھئو پر جيترو ھجڻ گھرجي ھا اوترو نھ ھئو جڏھن تھ ٻئي طرف ڪتابن جي اسٽالن تي وڃي خبر پئي تھ خاص طور اردو ڪتابن جي ۽ انگريزن ڪتابن جي اسٽالن تان روزانو جي بنياد تي گھٽ ۾ گھٽ 5 لکن جي ڪتابن جو وڪرو پئي ٿيو. اھا ڳالهھ پنھنجي جاءِ تي خوش آئند ڳالهھ بھ آھي. انھي پسمنظر ۾ اھو بھ سوچڻ جو موقعو آھي تھ اسان بھ انھي وڪري جو حصو ٿي ٿا سگھون جيڪڏھن اسان جا سنڌي ڪتاب اردو يا انگريزي ۾ جھجھي تعداد ۾ ترجمو ٿين ۽ معياري ڪتاب ترجمو ڪري مارڪيٽ ۾ مھيا ڪجن تھ اسان انھي وھڪري ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ٿي سگھياسين. ٽرانسليشن بيوروز قائم ڪري ترجمي جا پراجيڪٽ ڏئي اسان ان سموري مارڪيٽ جو حصو ٿي ٿا سگھون.
ٻي جيڪا ڳالهھ ڪتابي ميلي ۾ محسوس ٿي اھا ھي آھي تھ ميلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب مذھبي پبلشرن جا ھئا ۽ مذھبي ڪتاب ھئا، ساڳئي وقت ميلي ۾ شرڪاءُ جو بھ جھجھو تعداد مذھبي ماڻھن جو ھو جيڪو ڀلي حُب ۾ ھئا يا بغض ۾ پر اھي تمام گھڻي تعداد ۾ ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ سعودي يا امريڪي فنڊن جي نتيجي ۾ ماڻھن جي ذھن سازي اھڙي ٿي آھي جو اھي مذھبي ماڻھو گھڻي تعداد ۾ ھئا ۽ ھاڻي اھا ڳالھه مارڪيٽ جو حصو ٿي وئي ھئي. بيشڪ ايمانداري ۾ پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن جي ڀيٽ ۾ صفا باٽم لائين تي ھجي پر ديکا ديکي مذھبي اسٽال يا مذھبي ماڻھو ڏسي ڏندين آڱريون پئي آيون.
ان سموري ماجرا ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي پاڻ ڳولڻ ۽ سڃاڻڻ جو سڏ آھي جيڪي مارڪيٽ ۾ وڃي پنھنجي وجود جو سوال کڻي بيھن تھ اسان ڪٿي بيٺا آھيون؟ قوت خريد يا پنھنجي قومي شناخت جي اھميت ڪيتري اھم آھي ان ميلي مان سمجھي سگھجي ٿي.