ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سستو پيٽرول ۽ مھانگو معاشرو

Editorial-Article- Umer Qazi

شھباز شريف پيٽرول جي في لٽر قيمت ۾ ڏھه روپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا ست روپيا گھٽتائي تھ آندي آھي پر ھن ئي حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي اشاري تي پيٽروليم جون قيمتون آسمان تائين رسايون ويون ھيون، انھن کي نظر ۾ رکي ڏسجي ٿو تھ پھرين واري پيٽرول جي قيمت تائين پھچڻ ۾ نھ معلوم تھ ھن حڪومت کي ڪيترو وقت لڳندو؟ ڇو تھ پيٽروليم جون قيمتون وڌڻ سان معاشري ۾ ھر طرف مھانگائيءَ جي باهھ ٻري پئي ھئي ۽ ان کان پوءِ شھباز شريف حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ ڪجھھ گھٽتائي تھ آندي پر ان سان مارڪيٽ ۾ عام ضرورت جي شين جي وڌيل اگھن تي ڪھڙو فرق پيو؟ ساڳي طرح ھن وقت بھ جڏھن حڪومت سياسي طور تي پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيا گھٽتائي آڻي عوام جي مٿان تمام وڏو احسان ڪيو آھي تھ ان جا بازار جي مٿان ڪھڙا مثبت اثر پوندا؟ ان سوال جو جواب ھن حڪومت کي نھ صرف ڏيڻ گھرجي پر ذميواريءَ سان ڏيڻ گھرجي. ڇو تھ اسان جي مارڪيٽ جو مڪينزم حڪومت جي ھٿ کان نڪري ويو آھي. حڪومت کي بھ ان ڳالھھ جو اعتراف ڪرڻ گھرجي تھ مارڪيٽ ھڪ اھڙي مافيا بڻجي ويو آھي، جنھن سان حڪومت بھ ھٿ ڳنڍڻ کان ڊڄي ٿي.
عام ماڻھوءَ لاءِ صرف ھڪ اسم جي قيمت ۾ ڪجھھ گھٽتائي ڪافي ناھي. ڇو تھ ھن جي زندگيءَ تي گھڻ طرفو دٻاءُ پيل آھي. ھو ھر طرف کان ۽ ھر طرح سان ستايل ھجي ٿو. ھن جي لاءِ ڪا بھ راھه نھ رھي آھي، جنھن تي ھلي ھو ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ڪجھھ نھ ڪجھھ پنھنجي زندگيءَ جا زخم ڀري سگھي. حڪومتن ۾ ويٺل فرد عام ماڻھن جي اھنجن ۽ سورن کي سمجھي نھ ٿا سگھن. انھن کي اھو احساس ئي ناھي تھ مارڪيٽ ۾ ڪيتري نھ مھانگائي آھي ۽ عام ماڻھو پنھنجي پيٽ کي ڪٽي اھڙي قرباني ڏئي رھيو آھي، جنھن جو تذڪرو ھن مھل تائين ڪنھن بھ حڪومت نھ ڪيو آھي ۽ نھ ھن کي اھو معلوم ٿي سگھيو آھي تھ عام ماڻھن جو ڪھڙو حال آھي. جڏھن بھ اڳوڻا حڪمران عوام سان مخاطب ٿين ٿا تھ انھن کي پنھنجيون پراڻيون ڪارڪردگيون عوام جي مٿان ڪڏھن بھ نھ لھڻ جھڙا احسان لڳن ٿيون. جڏھن تھ عام ماڻھوءَ جي دل جي ويجھو وڃجي ٿو تھ ان مان رت جا ڳوڙھا ڳڙن ٿا. انھن کي ڪنھن بھ طرح سان ڪنھن بھ حڪومت ۾ اھو ڪجھھ نھ مليو آھي، جنھن کي اسان ان حڪومت جو عوام دوست ڪارنامو ڪوٺي سگھون. جيڪڏھن اسان ماضيءَ جي ڪنھن بھ حڪومت کي ياد ڪريون ٿا تھ اسان کي سچ پچ بھ اھو محسوس ٿئي ٿو تھ ان حڪومت مھل اڳوڻا حڪمران رڙيون ڪندا ھئا تھ انھن کان اڳ وارا حڪمران ملڪ کي ڀينگ ڪري ويا آھن. انھن جي ھٿن ۾ جھڙي طرح ملڪ آيو آھي، اھو ڪنھن تمام نازڪ حالت واري مريض جھڙو آھي. ساڳيو حال ھن وقت ھن حڪومت جو بھ آھي. ھيءَ حڪومت ھر ڏينھن عمران خان جي مٿان تبرا ۽ تبصرا ڪري ٿي ۽ عمران خان ھن حڪومت کي لاک لاھڻ ۾ ڪا بھ ڪسر نھ ٿو ڇڏي پر ان سموري صورتحال ۾ اسان جڏھن عوام جي طرف تڪيون ٿا تھ اسان کي عوام جي حالت ڏسي تمام گھڻو ڏک ٿئي ٿو. ڇو تھ عوام سياستدانن جي جھيڙي ۾ ھڪ مظلوم تماشائيءَ جھڙي حيثيت اختيار ڪري ويو آھي. ھر حڪمران عوام جي مٿان اڻ ڳڻيا احسان ڪرڻ جي دعويٰ ۾ پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺو آھي ۽ عوام ھن مھل تائين اھو نھ سمجھي سگھيو آھي تھ آخر تبرا ۽ تبصرا ڪرڻ واري سياستدان ان وقت عوام جي لاءِ ڇا ڪيو ھو؟ جڏھن ھن جي حڪومت ھئي. ھو تھ پاڻ ھوائي جھازن ۽ ھيلي ڪاپٽرن ۾ ھلندو ھو ۽ عوام کي اھي سور ۽ پور ھئا.
ھن وقت پيٽرول جي قيمتن کي گھٽائڻ جو ڪريڊٽ ھيءَ حڪومت پنھنجي کاتي ۾ لکي رھي آھي، جڏھن تھ آزاد سوچ ۽ فڪر وارا معاشي ماھر بھ ان راءِ جا آھن تھ تيل جون قيمتون گھٽائڻ ۾ حڪومت جو ڪو بھ ڪردار ڪونھي. اصل ۾ اھو عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آھي. ان ڪري حڪومت کي بھ اگھھ گھٽائڻا پيا آھن. پر جيڪڏھن ڪو حڪومت جو حامي اھا ڳالھھ ڪري تھ عالمي منڊيءَ ۾ تيل جا اگھھ ھيٺ لھڻ جي صورت ۾ بھ جيڪڏھن حڪومت تيل جي اگھن ۾ گھٽتائي نھ آڻي ھا تھ پوءِ؟ اھو نھايت سنگين سوال آھي. اھڙي سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ماڻھوءَ کي پنھنجي طبيعت مٿان ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. ڇو تھ ان قسم جو سوال صرف اھي قوتون پڇي سگھن ٿيون، جن قوتن جي مزاج ۾ مڪمل طور تي آمريت ھجي. جيڪي قوتون تمام گھڻيون مغرور ۽ لاپرواھھ ھجن، صرف انھن حڪومتن کي اھي لفظ چوڻ ۾ ڪجھھ نھ ٿيندو. باقي اھي لفظ ڪنھن عام ۽ ڪنھن بھ عوام جي سڄڻ سياستدان جي وات تي نھ ٿا اچي سگھن. ڇو تھ انھن لفظن ۾ لاپرواھيءَ سان گڏ ھڪ ظلم واري سوچ بھ سمايل آھي. اسان ڪنھن بھ جمھوري سڏائيندڙ سياستدان کان ان قسم جي ٻولي ٻڌڻ جو تصور نھ ٿا ڪري سگھون. ڇو تھ ان قسم جي ٻوليءَ ۾ جيڪو غرور آھي، اھو انھن کي تمام وڏو نقصان پھچائي سگھي ٿو. اسان جا حڪمران ۽ اسان جا اقتدار پرست سياستدان پنھنجي جوھر ۾ ڪيترا جمھوريت پسند آھن؟ اسان کي ان سوال جو جواب معلوم آھي پر انھن جي بھ مجبوري آھي. انھن کي بھ صرف پنھنجو منھن ڇپائڻ جي لاءِ پنھنجي چھري تي جمھوريت جو نقاب پائڻو پوي ٿو ۽ انھن کي بھ پنھنجو تعارف جمھوريت پسند طور ڪرائڻو پوي ٿو. اھا ھڪ عجيب صورتحال آھي. ان صورتحال ۾ انھن حڪمرانن جو ڪردار ٻٽو بڻجي وڃي ٿو. ھو عوام سان ڪنھن بھ طرح وفادار نھ ھجڻ جو جيڪو ناٽڪ ڪن ٿا، ان ناٽڪ ۾ عوام کي تمام گھڻي پيڙا برداشت ڪرڻي پوي ٿي. اھا پيڙا صرف ۽ صرف عوام تائين محدود ھجي ٿي. ان ڪري حڪمرانن کي معلوم ئي نھ ھوندو آھي تھ عوام ڪھڙي ويڌن ۾ آھي.
پاڪستان جي سياست جو ھڪ وڏو الميو اھو آھي تھ سياست ۾ اڪثر سياستدان تمام گھڻا امير آھن. عمران خان پنھنجي مخالف سياستدانن جي متعلق جيڪو ڪجھھ چوندو آھي، اھو تھ الڳ آھي پر پاڻ عمران خان بھ ڪو غريب يا مڊل ڪلاس سان تعلق نھ ٿو رکي. اھڙي ريت ملڪ ۾ جيڪا مھانگائي موجود ھجي ٿي، ان جو تر جيترو بھ بار سياسي اڳواڻن يا انھن مان حڪمرانيءَ جي منتخب ٿيل اڳواڻن جي حصي ۾ نھ ٿو اچي. جيڪو بھ بار پوي ٿو ۽ جيڪو بھ عذاب پيدا ٿئي ٿو، اھو عذاب صرف ۽ صرف عوام جي حصي ۾ اچي ٿو. ان ڪري مھانگائيءَ جو جيڪو حقيقي پيڙا وارو پھلو آھي، اھو صرف عوام لاءِ آھي. حڪمرانن لاءِ مھانگائي تھ انگن اکرن جو کيل ھوندو آھي. ھو جھڙي ريت پنھنجي پنھنجي دور حڪومت کي ساراھڻ جي سلسلي ۾ ڪجھھ مثال پيش ڪندا آھن تھ انھن جو گھڻو تڻو اصرار ان لفظ تي ھوندو آھي، جنھن لفظ کي “پرسينٽ” يا “سيڪڙو” سڏيو ويندو آھي. سرڪار جي لاءِ جيڪو سيڪڙو ھوندو آھي، اھو عوام جي لاءِ سورن جو سامان ھوندو آھي ۽ اھو سورن جو سامان ھر وقت گردش ۾ رھي ٿو پر ان جي گردش بھ گھاڻي جھڙي آھي ۽ ان گھاڻي ۾ گھڻو ڪري عوام کي پيڙھجي ٿو.
پيٽرول جو اگھھ جنھن وقت وڌي ٿو، ان وقت پوري مارڪيٽ کي منفي طرح سان تھ متاثر ڪري ٿو پر جڏھن عالمي منڊيءَ ۾ لاٿ يا ڪنھن ٻي سبب جي ڪري تيل جي قيمت ۾ گھٽتائي اچي ٿي تھ ان وقت پورو مارڪيٽ اھڙي عوامي فائدي کان لاتعلق نظر اچي ٿو. عوام کي نقصان مھل تھ شيون ھڪ ڌڪ سان ۽ ھڪ رخ ۾ متحرڪ ٿي وڃن ٿيون پر جڏھن عوام جي مفاد ۾ ڪوئي عمل ٿيڻ وارو ھوندو آھي تھ ان وقت ائين محسوس ٿيندو آھي تھ ڄڻ اھو عمل بنھھ اڪيلو ھجي ۽ ان سان ٻين معاملن جو ڪو لڳ لاڳاپو ۽ ڪو تعلق نھ ھجي. اھا تمام افسوس جي جوڳي ڳالھھ آھي پر ان کي تبديل ڪري نھ سگھجي. ڇو تھ اھا حقيقت آھي. اھا حقيقت جيڪا عوام جي حق ۾ ناھي. اھا حقيقت ڪڏھن بھ عوام جي حق ۾ نھ رھي آھي. ھن وقت بھ اسان ان معاملي جو لقاءُ عام ماڻھوءَ جي مٿان عذاب جي صورت ڏسي رھيا آھيون. آخر اھو ڏينھن ڪڏھن ايندو، جنھن ڏينھن عوام جي حق ۾ فيصلا ٿيندا. جنھن ڏينھن مھانگائي ناممڪن بڻجي ويندي. جنھن ڏينھن ماڻھن لاءِ معاشرتي زندگي ڪو عذاب نھ ھوندي. اھا ڪو سور نھ بڻجندي. اھا ھڪ اھڙو سرور ھوندي، جنھن سرور ۾ انسان سچو سڪون محسوس ڪندو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button