ڪجهه سال اڳ جڏهن ڀارت ۾ عام چونڊون ٿي رهيون هيون ته عمران خان نيازي دعائون پئي گهريون ته نريندر موديءَ جي پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي اقتدار ۾ اچي. نيٺ اها اقتدار ۾ اچي وئي. ان کان پوءِ وزير اعظم نريندر مودي نه رڳو عمران خان نيازيءَ کي لفٽ نه ڪرائي پر ڪو به اهڙُو تاثر ڪونه ڏنائين جنهن مان اهو لڳي ته هو پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو يا وري ڪنهن به اڳڀرائيءَ ۾ ڪو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته عمران خان نيازي اهو سمجهي ويٺو هو ته مودي اقتدار سنڀاليندي ئي ڪشمير واري مسئلي تي ڳالهائيندو ۽ ان تڪرار جو نبيرو ٿيندو.
هاڻ عمران خان نيازي اقتدار ۾ ناهي رهيو. هن وقت ملڪ تي پي ڊي ايم جي حڪومت آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو پرڏيهي وزير آهي. دنيا ۾ ڊپلوميسي يا سفارتڪاري هڪ فن ۽ هنر سمجهي ويندي آهي. دنيا جا ڪٽر دشمن ملڪ به ڳالهين وسيلي مسئلن کي حل ڪرڻ جي واٽ وٺندا آهن ته جيئن وڌيڪ تڪرار کان بچي سگهي ۽ عوام لاءِ ٻيا ڏچا پيدا نه ڪجن. پر جيڪڏهن رڳو بيان بازي ڪرڻي آهي ۽ اها به اهڙي بيان بازي جنهن مان رڳو اهو ظاهر ٿئي ته دشمني گهٽائڻي نه وڌائڻي آهي ته پوءِ نه رڳو موجوده مسئلا اتي جو اتي هوندا آهن پر مستقبل ۾ ايندڙ مسئلا به وڌي سگهن ٿا.
تازو بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ تقرير ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندر موديءَ کي گجرات جو ڪاسائي چيو آهي ۽ اهو چيو آهي ته گجرات جو ڪاسائي اڃا جيئرو آهي. اهڙي بيان کان پوءِ ڀارت سان دوستيءَ جي خواهش ڪرڻ ۽ ان سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ ڪهڙي ريت ممڪن ٿي سگهي ٿو. ظاهر آهي اها بلاول ڀٽو زرداري جي لائين ڪونهي اها رياستي سطح جي لائين آهي. گجرات ۾ اڄ کان ٻه ڏهاڪا اڳ ڇا ٿيو، ان کان دنيا واقف آهي پر هن وقت اهو ئي نريندر مودي ڀارت جو وزير اعظم آهي. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته اهي ڳالهيون هوا ۾ ته ٿي نٿيون سگهن. ان لاءِ سيڪريٽري سطح يا سربراهي سطح تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. پر ڇا بلاول جي هاڻوڪي بيان کان پوءِ ڀارت وٽ اها گنجائش بچي آهي ته هو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿئي ۽ انهن معاملن تي ڳالهائي جيڪي ڳالهين وسيلي حل ٿيڻ جوڳا آهن. بلاول نه رڳو هڪ فائول پلي ڪيو آهي پر هن پنهنجي سفارتڪاري وسيلي ٻاراڻي ڪئي آهي.
پاڪستان گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ جو شڪار آهي. پر دنيا ان کي ڪنهن ٻي نظر سان ڏسي ٿي. دنيا سمجهي ٿي ته دنيا ۾ دهشتگرديءَ جي ٿيندڙ ڪاررواين ۾ ڪٿي نه ڪٿي پاڪستان جو ضرور هٿ آهي، ۽ ڀارت ته پاڪستان تي الزام هڻندي دير ئي ڪونه ڪندو آهي. هو هر واقعي جو ذميوار پاڪستان کي سمجهندو آهي، تنهنڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن پاڪستان معاشي طور بنهه تباهه حال لڳو آهي. عالمي اڪيلائيءَ مان نڪرڻ لاءِ ملڪ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي ته ان وقت جيڪڏهن ان قسم جا بي واقتائتا بيان جاري ڪيا وڃن ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا، ان جو اندارو هاڻوڪي حڪومت ۽ سياستدانن کي هجڻ گهرجي.
بلاول ڀٽي زرداري چيو آهي ته معاشي طور پاڪستان لاءِ ڏکيو وقت آهي پر پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، دنيا جو موجوده معاشي نظام اسرندڙ ملڪن جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جو آواز هتي پهچايو آهي، دهشتگردي سبب متاثرن ۽ پاڪستاني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آهيون. اسين دهشتگرد نه پر دهشتگرديءَ جا متاثر آهيون. سموري قوم دهشتگرديءَ خلاف متحد آهي. پرڏيهي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ لاءِ هن ڀيري ماضيءَ واريون ڪوتاهيون نه ڪيون وينديون، پيپلز پارٽي ۽ اسان جو حڪمران اتحاد دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته اسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجا وسيلا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪري رهيا آهيون، دنيا اندر گهٽ ۾ گهٽ 100 ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهن، جتي ڪروڙين ماڻهو بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، وڌندڙ موسمياتي سانحا غريب ملڪن کي متاثر ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ تازو آيل ٻوڏ جون تباهيون ان جو هڪ مثال آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي جي-77 پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي صدارت ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان.
هن وقت پاڪستان ۾ ڪهڙي محاذ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان کي غربت، بيروزگاري، معاشي سڌارن ۽ انساني حقن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسين پاڙيسرين سان ڦٽائي سمجهون ٿا ته مٿي ڄاڻايل معاملن تي ڪم ڪري سگهون ٿا ته اها اسان جي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو سڄو ڌيان دشمني نڀائڻ ۾ لڳو پيو هوندو ۽ عوام سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. تنهنڪري پاڪستان جي پرڏيهي وزير ڀلي ڀارت کي دشمن سمجهي ان خلاف بيان بازي ڪندو رهي پر مسئلو وري به اهو آهي ته اسان کي جن مسئلن جي خاتمي لاءِ جنگ جوٽڻ گهرجي ڇا هي حڪومت ۽ ايندڙ حڪومت ان لاءِ تيار آهي.
ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن غربت جي شرح وڌي رهي آهي. مهانگائي ماڻهو جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي ۽ معاشي حالت اهڙي آهي جو ملڪ ذري گهٽ ڊيفالٽ ٿيڻ تي آهي. ان کان پوءِ به اهڙا ايڊوينچر ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي نه رڳو اجايا آهن پر اهي وڌيڪ مسئلن کي دعوت ڏئي رهيا آهن. هن حڪومت وٽ ڪابه اهڙي رٿابندي ڪونهي، جنهن سان غربت کي ٻنجو ڏئي سگهجي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو سگهارو معاشي پلان آهي. جيڪو ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهي.
دنيا اڄ به پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اها ان ڪري به اعتراف ڪرڻ لاءِ ناهي جو حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن ۽ ان کان به اهم ڳالهه اها ته انڊيا هر محاذ تي، اهو سفارتي محاذ هجي يا معاشي محاذ هجي، اتي پنهنجا پتا وڏي عقلمنديءَ سان کيڏي رهيو آهي. تنهنڪري جنهن جنهن ميدان ۾ اسان جي حڪمرانن کي ويڙهه ڪرڻ گهرجي، اتي ڪا گهربل تيار ڪونهي پر جتي ماٺ رهڻو آهي، اتي وري وڏي واڪي ڳالهايو ٿو وڃي.
ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن جو خواب تڏهن ئي ساڀيان ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هڪٻئي خلاف جارحاڻي حڪمت کي پاسيرو رکيو وڃي. جيڪڏهن رڳو چڙ ڏياريندڙ بيان بازي ڪري اڃا به ويڇا وڌائڻا آهن ته پوءِ ان سان نه رڳو مسئلن ۾ واڌارو ٿيندو پر جيڪڏهن مسئلا حل ٿيڻ جي ويجهو آهن، اهي به نه ٿي سگهندا. پاڪستان لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو چيلئنج معيشت جي بحالي ۽ معيشت جي مضبوطي آهي. ڇا هي حڪومت ان لاءِ تيار آهي؟ اها هاڻوڪي معيشت کي مضبوط ڪري عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪنهن ملڪ جا معاشي معاملا ان وقت تائين بهتر نٿا ٿي سگهن جيستائين اهو دهشتگرديءَ جي نشاني تي آهي ۽ پنهنجن پاڙيسرين سان مهاڏو اٽڪايو ويٺو هجي.
تنهنڪري ڪابه اهڙي سفارتڪاري جيڪا جوش ۾ اچي ڪئي وڃي، اها ڪڏهن به بهتر نتيجا نٿي ڏئي سگهي. اهڙي ريت جيڪا ٻولي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائي رهيو آهي، اها ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ته سٺي آهي پر اها پاڪ – ڀارت مسئلن کي ڪڏهن به حل ڪرڻ لاءِ چڱي ڪونهي. بهرحال اهو ته رياست کي طئي ڪرڻو آهي ته اها ڪهڙي انداز سان معاملن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. جڏهن ته اها ڄاڻي به ٿي ته سياسي مسئلن جو حل ڳالهين کان سواءِ ڪوبه ناهي.