ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سمورا ڪارڊ حڪومت جي هٿ ۾

اهو تاثر موجود آهي ته عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين ٽوڙڻ جو اعلان ڪري، هڪ طرف تاريخ تي تاريخ ڏيڻ واري پنهنجي خلاف تاثر کي نيوٽرلائيزڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي پاسي، نااهلي کي روڪڻ لاءِ عدليا توڙي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اعلان کان پوءِ جيڪي سياسي اڳڀرايون سامهون آيون، انهن عمران خان لاءِ خطرا گهڻا وڌائي ڇڏيا آهن. ان سان گڏ هن ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن کان جيڪي استعيفائن تي صحيحون ورتيون آهن، اهي به ڪنهن ڪاڳر جي ڪوري ٽڪري کان سواءِ ڪجهه به نه هونديون.
لاهور جيڪو، سياسي جوڙ توڙ جو مرڪز بڻيل آهي، اتي اهڙا اهڙا فيصلا ٿي رهيا آهن، جيڪي عمران خان جي اعلان کي بي اثر ڪري سگهن ٿا. عمران خان 23 ڊسمبر تي اسيمبلين ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان کان اڳ ۾ هن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نااهلي جي ڪيس ۾ پاڻ کي آجو ڪرائڻو آهي. هن جي نالي پٺيان ٽيريان نالي جنهن ڌيءَ جو ذڪر ملي ٿو، ان کي عمران خان پنهنجن نامزدگيءَ جي ڪاغذن ۾ اولاد جي لسٽ ۾ شامل نه ڪيو آهي. هي ڪيس تمام گهڻو پراڻو آهي، پر هاڻ باقاعدگيءَ سان ان جي خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ هن کي اليڪشن ڪميشن ۾ وڃڻو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ به معاملا سڌا ناهن. ضروري ناهي ته سمورين عدالتن ۾ عمران خان جي خلاف فيصلا سامهون اچن، پر سياسي ميدان ۾ معاملا ان کان وڌيڪ خراب آهن. لاهور جي زمان پارڪ ۾ عمران خان ۽ هن سان ملاقات ڪندڙ سياسي اڳواڻن يا اتحادين جي اچ وڃ جاري آهي. استعيفائن جي تاريخ جي اعلان وقت عمران خان، جيڪا تقرير ڪئي، ان تي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو ردعمل اچي ويو آهي ۽ هن عمران خان کي عاق ڪري ڇڏيو. هن جنرل باجوا کي نه فقط عمران خان جو پر پنهنجو به محسن قرار ڏنو، جنهن جي ٿورن کي هو وساري نٿا سگهن. ان ڳالهه تي معاملا گهڻا گڙٻڙ ٿي چڪا آهن، اها به سڀني کي خبر هوندي ته لاهور ۾ عمران خان سان ملاقات کان هڪ ڏينهن اڳ چوڌري پرويز الاهي، پروٽوڪول ۾ ڪنهن اهم شخصيت سان ملاقات لاءِ ويو. اها اهم شخصيت ته هن سان ملي نه سگهي، پر ان جي ٻئي اهم عهديدار ملاقات ته ڪئي، جنهن چوڌري پرويز الاهيءَ جي ڪردار تي مايوسي ظاهر ڪئي. چوڻ وارا چون ٿا ته هن کي ايترو به چيو ويو ته هاڻ چوڌري صاحب توهان عاقل، بالغ ٿي ويا آهيو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڇو نٿا ڪريو؟ چوڌري صاحب ادارن سان پنهنجي ڊگهي وفاداري ڳڻائي، پر عمران خان جي تقرير پنجاب جي وڏي وزير جي سمورين “نيڪين” تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
لاهور ۾ وزير اعظم شهباز شريف به هڪ پاسي پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف سان صلاح مشورا ڪيا، ان کان پوءِ اوچتو اڳوڻو صدر آصف زرداري شريفن جي گهر پهچي ويو. ان دوران وزير اعظم ۽ چوڌري شجاعت حسين سان معاملا طئي ٿي ويا. آصف زرداري، شهباز شريف کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ پهريان چوڌري پرويز الاهي، پنهنجي پٽ مونس الاهي جي دٻاءُ سبب پنهنجي سئوٽ سان بيوفائي ڪئي. وڏ وزارت جي چڪر ۾ اتحادي حڪومت کي ڏنل زبان تان ڦري ويو، هاڻ وارو چوڌري شجاعت حسين جو آهي. ان ڪري پرويز الاهي، اڳ ئي چئي چڪو آهي ته هن جا پنهنجي سئوٽ چوڌري شجاعت حسين سان ڪي به اختلاف ناهن. ان ڪري فيصلا به هن کي ئي ڪرڻا آهن. چوڌري شجاعت کي معاملا خراب ڪرڻا هجن ها ته ان کي اشارو ڏنو پئي ويو ته هو پرويز الاهيءَ کي وڏ وزارت کان الڳ ڪرڻ لاءِ ان جي حمايت ڪندڙ ايم پي ايز خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي جي درخواست داخل ڪري، پر هن ائين نه ڪيو. اليڪشن ڪميشن اڳ ئي چوڌري شجاعت حسين کي (ق) ليگ جي پارلياماني پارٽيءَ جو سربراهه مڃي چڪي هئي. ان ڪري هاڻ پرويز الاهي استعيفيٰ واري ڪاغذ تي صحيح ڪرڻ باوجود، ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.
پنجاب حڪومت جي حوالي سان اتحادي حڪومت وٽ هڪڙو آپشن هي هو ته هو صوبي جي گورنر کي چون ها ته اهو چوڌري پرويز الاهيءَ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي. ٻيو آپشن اهو هو ته هن جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي وڃي، جيڪا قانوني ماهرن سان مشوري کان پوءِ آخري مرحلي ۾ هئي ۽ ان کي عمران خان جي اسيمبلين ٽوڙڻ جي تاريخ سان مشروط ڪيو ويو. پر هاڻ ٽيون آپشن سامهون اچي ويو آهي. چوڌري شجاعت حسين، آصف زرداري ۽ وزير اعظم ۾ اتفاق ٿي ويو ته پرويز الاهي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو. جيڪڏهن هو ائين نٿو ڪري ته (ق) ليگ جي 10 ايم پي ايز مان 6 چوڌري شجاعت حسين جي حمايت ڪندا. ان سان چوڌري پرويز الاهي جي اڪثريت ختم ٿي ويندي. جيڪي ايم پي ايز، چوڌري شجاعت فارمولي تي لبيڪ چوندا. انهن جي نااهلي وارو معاملو به ٽري ويندو، جڏهن ته چوڌري پرويز الاهيءَ جي حمايت جي صورت ۾ (ق) ليگ جا ميمبر نااهل ٿي سگهن ٿا.
سياسي پنڊت ٻڌائين ٿا ته ان جا امڪان وڌيڪ آهن ته عسڪري هائوس جي دٻاءُ يا اشاري جي نتيجي ۾ چوڌري پرويز الاهي ميدان ۾ بيهي نٿو سگهي. چوڌري پرويز الاهي جي استعيفيٰ سان هڪ طرف پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان بچي ويندي ته ٻئي پاسي ممڪن آهي ته عمران خان ڪي پي ڪي جي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي وڃي. عمران خان جي حوالي سان اهي خبرون گردش ڪن پيون ته هن ٻنهي اسيمبلين ٽوڙڻ لاءِ جنهن تاريخ جو اعلان ڪيو، ان دوران هو سمجهي ٿو ته ان جا اهم معاملا طئي ٿي سگهن ٿا. هن کي هينئر به سنگنلز جو انتظار آهي. ان حوالي سان هن پس منظر ۾ تمام گهڻيون ڪوششون به ڪيون آهن، پهرين اڻ سڌي ريت ۽ ان کان پوءِ سڌي رابطي جي به ڪوشش ڪئي، پر صورتحال جيئن جو تيئن آهي، جنهن پي ٽي آءِ جي قيادت کي گهڻو مايوس ڪيو آهي.
هينئر جيترا خطرا عمران خان کي آهن، اهي يقين سان حڪومت کي ناهن. اتحادي حڪومت لاءِ وڏو مسئلو معيشت کي سڌي رستي تي آڻڻ آهي. ان حوالي سان عمران خان چئي ٿو ته جيڪڏهن هن جي مطالبن کي نه مڃيو ويو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو. هن جي دور ۾ ڊيفالٽ جو پنج سيڪڙو ۽ هاڻ نوي سيڪڙو خطرو آهي. حڪومت جو موقف بلڪل ان جي ابتڙ آهي. واڳ ڌڻي، جيڪي پنهنجن غلطين جو اعتراف ڪري چڪا آهن. انهن جي پهرين اوليت معاشي صورتحال کي رستي تي آڻڻ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ تي آهي، هي ڪم انهن جو ناهي، پر ملڪ ۾ استحڪام ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ انهن جي فرض ۾ شامل آهي. ان سان گڏ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جيترا حق ۽ واسطا آهن، انهن کي به استعمال ڪندا ته جيئن معاملا سڌا ٿي سگهن.
عمران خان، هينئر تائين جيترا فيصلا ڪندو رهيو آهي، انهن جو ٽوڙ سامهون آيو آهي. سڀني کان وڌيڪ اهم فيصلا اتحادي حڪومت جي اهم ٿنڀ آصف زرداري ڪيا آهن. هن ميان نواز شريف سان گڏجي اڳ به معاملن کي درست ڪيو ۽ هاڻ جنهن نئين فارمولي تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿيون آهن،انهن پٺيان به اڳوڻو صدر ئي آهي. (ق) ليگ، جنهن کي ٽرمپ ڪارڊ جي حيثيت حاصل آهي، ان کي گس تي آڻي درست فيصلا ڪرڻ جو ٽاسڪ آصف زرداري کي مليل آهي. چوڌري شجاعت حسين جي جيتري انڊراسٽينڊنگ نظر اچي ٿي، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هو زرداري فارمولي تي عمل ڪندا.
چوڌري ڀائرن جو جنرل باجوا جي حوالي سان جيڪو موقف سامهون آيو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو طاقتور ڌرين سان ڦٽائڻ نٿا چاهين، انهن جي طاقت جو ذريعو به اهي ئي آهن. عمران خان، معمول مطابق جنرل باجوا جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪيون پئي، بقول چوڌري پرويز الاهيءَ جي ته اهي هن تي دل ۽ دماغ تي هٿوڙن جيان لڳي رهيون هيون. ان ڪري مستقبل ۾ هو پهريون شخص هوندو، جيڪو عمران خان کي جواب ڏيندو. عمران خان ۽ چوڌري پرويز الاهيءَ ۾ اڳ ئي اسيمبلين ٽوڙڻ واري معاملي تي اختلاف هئا، پر پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسيمبلي عمران خان جي امانت هئي، جيڪا هن واپس ڪري ڇڏي. هينئر چوڌري پرويز الاهي لاءِ ٻيو ڪوبه گس نه بچيو آهي ته هو آصف زرداري فارمولي تي اتفاق ڪن. هن کي محسوس ڪرايو پيو وڃي ته جيڪڏهن هو اڳ جلد بازي نه ڪري ها ته اتحادي حڪومت سان گڏجي هو صوبي ۾ مضبوط حڪومت ٺاهي سگهيو پئي، جنهن ۾ وڏ وزارت به هن وٽ ئي هجي ها، پر هاڻ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. سياسي پنڊت سمجهن ٿا ته آصف زرداري جيڪو ٽربل شوٽر آهي، ان اڳ به نااهلي واري قانون کان بچندي اهڙو فارمولو متعارف ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ چوڌري پرويز الاهي لاءِ رستو صاف ٿي ويو هو. ان کان اڳ ۾ حمزا شهباز کي وڏو وزير بنائڻ لاءِ (ن) ليگ به ساڳي جلدبازي ڪئي هئي.
ان ڪري هينئر صورتحال جيئن جيئن واضح ٿيندي پئي وڃي، ان مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته عمران خان جي فيصلي جي گهڻي قيمت چوڌري پرويز الاهي کي ئي ادا ڪرڻي پوندي. ان سان گڏ پنجاب ۾ تبديلي ته ايندي، پر ان جو فائدو عمران خان کي به نه پهچندو. عمران خان توڙي جو ڪافي سياسي گُر سکي ورتا آهن، پر سينيئر سياستدانن اڳيان بيهڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن طاقتور ڌرين جو به آشيرواد اتحادي حڪومت کي هجي ته پوءِ اهو ئي ٿيندو، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button