دنيا ترقيءَ جي بلندين تي پُهچي چُڪي آهي، پاڻ اڃا ارتقا واري مرحلي مان ئي ناهيون گُذري سگهيا. جيڪڏهن اسان عالمي تاريخ جو مشاهدو ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو، جيڪا زندگي پاڻ گُذاريون پيا اُها اوائلي دور جي وحشي انسانن واري آهي، جيڪي اڃا مُهذب ناهن ٿي سگهيا.
حقيقت اها آهي ته پاڻ ڪيتريون ئي صديون دنيا ته ڇا پاڙيسري مُلڪ انڊيا ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ به پوئتي پيل آهيون. ان ۾ سمورو ڏوهه سياستدانن کي به نٿو ڏَئي سگهجي. مسئلو اهو آهي هڪ پڙهيل لکيل فرد سماج لاءِ ڪهڙو فرض نڀائي رهيو آهي. ايئن هرگز ناهي ته پاڻ بيماريءَ جي بستري تان اُٿڻ جي قابل ئي ناهيون، مسئلو اهو آهي ته هر فرد کي پنهنجي ذميواري، ديانتداري ۽ سچائيءَ سان نڀائڻي پوندي. يعني ويندي اعليٰ ايوانن کان لوڪل گورنمينٽ جي ننڍڙي کان ننڍڙي مُلازم توڙي سماج جي فرد تائين.
ڪتاب “واڄٽ ڪن وڻجار” نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري جي ڪالمن جو مجموعو آهي. توڙي جو منهنجي مطالعي هيٺ يوسف جميل جو هي پهريون ڪتاب آهي، پر سندس مضمون اڪثر ڪري آئون تڏهن پڙهندو هُئس جڏهن “هلال پاڪستان” اخبار ۾ لکندو هُئس ته هن نوجوان جا ليک به پڙهڻ وٽان ملندا هُئا. يوسف هڪ محنتي، پنهنجي ڪم سان سچو ۽ سنجيده انسان پڻ آهي. سندس لکڻين ۾ هڪ قسم جي تڙپ آهي، هڪ خواب آهي، هڪ مقصد آهي جيڪو سندس لکڻين مان پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان مُحبت جي اظهار جي صورت ۾ واضح ملي ٿو. سندس ڪالمن جو هيءَ ڪتاب ڪنهن دوست طرفان مون کي تحفي ۾ مليو هو، پر سُسُتي جي ڪري ڪتاب کي رکي رکي مٽيءَ جي دز چڙهي وئي. ايئن ئي ڪتابن جي صفائي ڪندي ڪتاب تي اک پئجي وئي ۽ پڙهڻ ويٺس.
ليکڪ لکڻي بابت ڪجهه نقطا پيش ڪيا آهن. لازمي ناهي هر ڪو ان اسان اتفاق ڪري، جيئن سڀ کان پهرين ڳالهھ ادبي صنف جي پرک، ٻي ڳالھه ادب سان دلي لڳاءُ، ٽين ڳالهھ مطالعو ۽ مشاهدو. آئون ذاتي راءِ رکان ٿو ته هڪ جاندار لکڻي تخليق ڪرڻ لاءِ صنف جي چونڊ، ان صنف جا فني ۽ فڪري پاسن جو گهرو مطالعو ڪرڻ، اُن موضوع سان لاڳاپيل تنقيدي ۽ اصلاحي مشاهدو ڪرڻ ۽ پوءِ ان تي لکي هڪ شاندار تخليق کي جنم ڏئي سگهجي ٿو. پر تخليق لکڻ کان اڳ ئي توهان جي لاشعور ۾ جنم وٺي چُڪي هوندي آهي، رڳو اُن کي “اظهارڻ” جو ڏانءُ توهان کي اچڻ گُهرجي ۽ لکڻ کان اڳ توهان کي شعور کان ڪم وٺڻ گُهرجي پوءِ ئي”برين اسٽارمنگ” وڌجي.
پيپر جي تياري ڪيئن ڪجي بقول ليکڪ جي “اوهان جو ذهن هڪ هنڌ هُجي يا نه توهان مُسلسل پڙهندا ئي رهو، ايئن ڪرڻ سان توهان جي ڌيان جو مرڪز موضوع طرف ويندو.” ان نقطي کي آئون نفسياتي طور بيان ڪندس.
دُنيا جي تعليمي ادارن ۾ ٻار جي ذهن تي زور ڏيڻ بدران، ان کي ان جي “حال” تي جيئڻ ڏنو ٿو وڃي. يعني جنهن وقت توهان محسوس ڪريو، هڪ شيءِ مان توهان بوريت ٿا محسوس ڪريو، توهان ڪنهن ٻي سرگرمي ۾ مشغول ٿي وڃو. يعني ذهن تي ڪنهن به صورت ۾ دٻاءُ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. مُنهنجو ذاتي تجربو به رهيو آهي ته جنهن وقت جنهن ڪم مان يا پيپر جي تياريءَ مان مطمئن ناهيان ٿيندو، ان جو وقت تبديل ڪري ڇڏيندو آهيان. ڇو ته سڄو مسئلو ڌيان جو هوندو آهي، گهڻو وقت پڙهڻ جو نه.
ليکڪ هڪ ٻئي هنڌ لکيو آهي،”شين کي ياد ڪرڻ لاءِ، پنهنا هٿ اکر لکجن.” بلڪل به ايئن ناهي، شين کي ياد ڪرڻ کان وڌيڪ ڌيان سان سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي. هٿ سان لکت اُها بهتر آهي، جيڪا توهان موضوع کي سمجهي پنهنجي “ائپروچ” جي بنياد تي لکو. يعني پَنهنجا خيال هڪ نئين انداز ۾، ليکڪ جي ڳالهه مون کي عام روايتي ٿي ڀانئجي بلڪل ايئن جيئن ٻارن کي طوطن جيان شيون ياد ڪرايون ٿيون وڃن. جيڪڏهن مضمون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته ياد ڪرڻ جي نوبت نه ايندي.
بقول ليکڪ جي “يونيورسٽيءَ ۾ ڪامياب ۽ ڌيان طلب ڪيئن بنجي، ان لاءِ اعتماد، شخصيت ۽ ورتاءُ اهم نقطا آهن.” ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اهي شيون، “سيلف ڊيولپمينٽ” ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پر هن سرمائيداري نظام ۾ سَڄو ورتاءُ پئسي ۽ حيثيت مُوجب آهي. فقط انهن نقطن کي ئي ڪاميابيءَ جو محور نٿو چئي سگهجي. خاص ڪري اسان جي سماج ۾ توهان جا واسطا وڏي اهميت رکن ٿا. توهان جي ذهانت جو قدر ذري برابر به ناهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته رڳو هلندڙ سال ۾ ئي 6 لک کان وڌيڪ ماڻهو روزگار جي سبب جي ڪري ملڪ کي ڇڏي ويا. ذهانت جو قدر ڪيترو آهي هن خطي ۾، ان تي ناڻي واري اڳوڻي خزاني واري وفاقي وزير مفتيٰ اسماعيل 10 نومبر تي ڊان اخبار ۾ “The One Percent Republic” جي نالي مضمون سان لکيو، جنهن مان چڱي ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪامياب ٿيڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي.
ليکڪ موجب “انسان ۽ فطرت ۾ هڪجهڙايون آهن، جيئن زمين تي جبل ايئن منهن تي موهيڙا، جيئن زمين تي زلزلا ۽ انسان کي دل جو دورو، جيئن زمين تي ساوڪ ۽ فصل ڦٽن ٿا ايئن ئي انساني جسم تي وار.” درحقيقت انسان فطرت ۾ پلجندڙ هڪ جيو آهي، يعني هُو فطرت جو ئي حصو آهي، هتي بيان ڪيل هڪجهڙايون ۽ انهن جا ڪم ڪنهن به حوالي سان نه ساڳيا آهن ۽ نه ئي وري انهن ۾ ڪنهن قسم جي هڪجهڙائي آهي. مضمون نگاري سکڻ دوران اسان کي ٻُڌايو ويو ته شين جي ڀيٽ صحيح نموني ڪجي جيئن پاڪستان جي معيشت کي توهان آمريڪا سان نه پر ٽين دنيا جي ملڪن سان ڀيٽايو، يعني مناسب مشابهت هُئڻ گُهرجي.
“مُقدر” هن مضمون ۾ مقدر ڄڻ فطري ٿو ڀانئجي پر اصل ۾ مقدر ڪا قُدرتي ۽ ڪرشماتي طاقت ناهي پر اُهو سڄو ڪاروهنوار اسان جي فعل سان جڙيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي وقت سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. هڪ همراه جي جهيڙو ڪندي ٻانهن ڀڄي پئي ۽ پاڻ چونداسين مقدر ڀلا اٿس جان بچي ويس. اصل ۾ جيڪڏهن اهڙن عَملن کي احتياط ۽ سنجيدگيءَ سان وٺجي ته اهو مقدر نه بلڪه پنهنجي ئي ڪيل فعل جو نتيجو آهي.
ليکڪ گهر بابت لکيو آهي ته اُها جاءِ جتي ڪنهن جو وجود موجود هُجي. مسجد هڪ مذهبي يا عبادت جي جاءِ آهي. پهرين ڳالهه ته مسجد، مندر يا کڻي ڪعبو هُجي عقيدت ۾ عبادتگاهه کي گهر ان ڪري ڪوٺيو ويندو آهي، جو جيئن ماڻهو پابنديءَ سان ان جاءِ تي ايندا رهن. ظاهري طور تي آهن ته عبادت جون جايون، گهر چوڻ مان مُراد ئي اها ورتي ٿي وڃي ته ڪنهن آفاقي هستيءَ کي موجود سمجهيو وڃي ۽ اهوئي سبب آهي جنهن جي ڪري خاص جاين کي ترتيب ڏنو ويو.
هي ڪتاب پڙهڻ لائق آهي، جنهن ۾ مختلف مضمون جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.