رانديون

پاڪستان مٿان ڪلين سوئيپ جي تلوار، انگلينڊ کي 55 رنسن جي ضرورت

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم مٿان انگلينڊ هٿان ڪلين سوئيپ شڪست جي تلوار اڀي ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ تھ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ فتڄ ماڻڻ جي ڏس ۾ باقي رڳو 15 رنسن جي ضرورت آهي ۽ ان وٽ 8 وڪيٽون ۽ پورا 2 ڏينهن پيا آهن. پاڪستاني بيٽنگ لائين ٻي اننگز ۾ انگلينڊ خلاف رڳو 216 رنسن تي ڍير ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڪپتان بابراعظم 54 ۽ سعود شڪيل 53 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن تھ اوپنر عبدالله شفيق 26، شان مسعود 24، آغا سلمان 21، محمد رضوان 7، نعمان علي 15، محمد وسيم 2 رنسون ٺاهي سگهيا آهن، جنهن بعد پاڪستان انگلينڊ کي 167 رنسن جو هدف ڏنو آهي. انگلينڊ جي ريحان احمد پاڪستان جا 5 شڪار ڪيا، جيڪ ليچ 3 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن انگلينڊ جي ٽيم 167 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 2 وڪيٽن تي 112 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن ۾ زيڪ ڪرائولي 41 ۽ ريحان احمد 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ هن راند ختم ٿيڻ تي بين ڊڪيٽ 50 ۽ بين اسٽوڪس 10 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button