رانديون

ارجنٽينا ۾ لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، هر هنڌ جشن

قطر ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جو ميگا ايونٽ وڏا رڪارڊ ٺاهي پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، جنهن بعد عالمي چيمپيئن بڻجي ويل ارجنٽينا ۾ هر گهٽي ۽ گام جشن ملهايو پيو وڃي، جنهن دوران شهري خوشي ۾ رقص ڪندي نظر اچي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ فرانس کي شڪست ڏئي 36 سالن بعد چيمپيئن بڻجڻ تي ارجنيٽينا ۾ لکين ماڻهو خوشي ۾ روڊن تي نڪري آيا، جتي روڊ رستا ماڻهن سان ڀرجي ويا آهن.

مداح جهنڊا کڻي جشن ملهائيندي

جڏهن تھ خوشي ۾ چراغان ڪرڻ سان ملڪي جهنڊو کڻي خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ بهترين گول ڪيپر، نوجوان پليئر، گولڊن بال جا ايوارڊ ارجنٽينا جي رانديگرن ماڻيا، جن مان گول ڪيپر ايمي مارٽينز گولڊن گلووز، انزو فرنانڊز کي بهترين ينگ پليئر ۽ بهترين پليئر طور گولڊن بال ليونل ميسي کي مليا آهن. جڏهن تھ فرانس جو ڪائليان ايمباپي ٽورنامينٽ جا 8 گول ڪري گولڊن بوٽ حاصل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button