ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

امن وڏي شيءِ آھي

Editorial-Article- Yousif Rind

زندگيءَ جي ترجمان شاعري، جيڪا عوام جي ٻوليءَ ۾، عوام لاءِ آھي. اھا شاعري انساني دلين جيان لافاني آھي.
ان شاعريءَ جي الھڙ جوانيءَ کي ڪو لھر لوڏو نه آھي. ڀاڙيائپ جون ڀڀڪيون، اناپرستيءَ جا علم کڻي ھنبوڇيون ھڻندڙ نام نهاد دانشور، فراموشيءَ جون ڪاريون لٽون، اھڙي شاعريءَ جي اجري جسم تي ڪوبه داغ نه ٿيون ڏئي سگھن.
ائين چئي سگھجي ٿو ته ٽڙڪاٽ ڪري ٽٽل انساني ھڏن جي داستان ۽ تاريخ جي رڻ ۾ ٻاريل ظلم ۽ بربريت جي باهه کي چٿيندڙ شاعري بي قدريءَ جي طوفانن واري دور ۾ وڌيڪ مھڪندي آھي.
جھوريون نيٺ ته جھنڊا ٿينديون،
تون به اتي ئي مان به اتي ئي،
صدما نعرا بڻجي ويندا،
لڙڪن جي تنظيم به ٿيندي،
سورن جي سرواڻي ٿيندي،
سڏڪا حق جو ليکو ٿيندا.
علي آڪاش سنڌي شاعريءَ جو مٿي جو اھو جھومر آھي جنھن وٽ الھڙ جوانين کي ميدان ملھائڻ لاءِ اتساهه به آھي ته اميد به آھي.
پنھنجي ڀاڪر ۾،
ديس جھليندي ماپي ويندو،
ڳڀرو!
پنھنجون ٻانھون کول،
توکي ڪنھن به نه روڪيو آھي.
ھڪ شاعر کڻي ڪنھن به نظرئي سان تعلق رکندو ھجي پر ھو عالمگير مثبت سوچ کان گھڻو پرڀرو ناھي بيھندو. اھو ئي سبب آھي جو ھڪ ئي گھاڻي ۾ پيڙھبل سماج شاعر کي ايبنارمل تصور ڪندو آھي.
علي آڪاش عالم انسانيت جي فلاح ۽ بھبود جي سوچ به رکي ٿو ته عالمگيري نظرئي نيشنلزم جو پرچار ڪندي ڏسي سگھجي ٿو ۽ جڏھن پنھنجي قوم ۽ وطن جي ڳالھه نڪري ٿي ته ھو دشمن سامھون جبل ٿي بيھي رھي ٿو.
ھي ڌرتيءَ آرتي آ
مائرن جو ماڳ آھي
ڀينرن جو ڀاڳ آھي
پيار جو پرساد آھي
ساڪھڻ چاھين به، ڇا سگھندي ڪھي؟
ھونئن به ھڪ جينيئس شاعر پنھنجي ڳالھه ڪرڻ وقت انجام جو ناھي سوچيندو ۽ شاعر ئي ھوندو آھي جيڪو جڏھن وطن تي مختلف قسمن جون يلغارون ٿينديون آھن ته ھڪ ئي وقت انھن سامھون سينو سپرد ٿي بيھندو آھي.
ھن وقت به جڏھن اسان کان پنھنجي زمين پيرن کان کسڪندي پئي وڃي، جنھن وقت صوفيت جي لبادي ۾ ويڙھيل اھڙا ماڻھو متعارف ڪرايا پيا وڃن جيڪي سنڌي ماڻھن کان پنھنجي صوفين جو رستو، (ھڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار. يا مان جو ئي آھيان سو ئي آھيان، جو کيڙي سو کائي)
ڇڏائڻ جي سوچ کي هٿي ڏيڻ ۾ رڌل آھن ۽ عين ان وقت ڊگھي غلامي ڳچيءَ ۾ وجھي وطن جو نالو زبان تي کڻڻ ڪاريھر تي پير جيان ڪيو ويو آھي. ان وقت ھي شاعر ئي آھي جيڪو پنھنجي سين ھڻي ٿو.
تون جي چوندي
ديس سمورو منھنجو آھي
تنھنجو ئي سو ٿي پوندو
ھا، ھا ٻيھر جي پوندو
ڳڀرو ڳالھه اھا ئي آھي.
ھي به اھڙي ئي سماج ۾ جي رھيو آھي جنھن ۾ اڪثر ماڻھو پنھنجي اندر ۾ مفتي آھن ۽ ساڄي کيسي ۾ مھر ھنيل فتوائن جا ڦرڙا کنيو وتن ۽ ڪڏھن به ڪنھن به وقت رسول ميمڻ جيان ڪنھن نه ڪنھن تي فتويٰ ڏئي ان کي ماٺو ڪرائڻ لاءِ رڌل آھن. ھي اتي بيھي چئي ٿو.
تنھنجي فتني جي فرقي کان انڪار آ
ويڙھه فتوا فروشي تون پنھنجي ميان،
سنڌ خاطر مران
ماءُ خاطر جيان،
ھو اھو تخليقڪار آھي، جيڪو اھا رڙ ڪري ٿو ته اسان جا مسئلا نه پر مسئلو آھي
اسان جا مسئلا حل ٿي ويندا. جڏھن سرخ سويرن جو خواب پورو ٿيندو. جڏھن ھڪ اھڙي صبح جو سورج اڀرندو جيڪو نج اسان جو پنھنجو ھوندو. اسان ڪنھن فاتح جو مفتوح ڪيل علائقو تصور نه ٿينداسين ۽ ھن وٽ آجپي جي اھا اميد اڄ به سج جيان روشن آھي.
مونکي کپي اھڙي مٽي
جا چڪ تي چاڙھي ڪريان
ھر خواب جي صورتگري
مونکي کپي اھڙي ھوا
جا حاجتن جي ڌپ کان آجي ھجي
جا آجپي جي مھڪ ۾ آلي ھجي.
حوس پرستيءَ جي شڪار ۽ پدرشاھي واري ھن سماج ۾ جتي عورت لاءِ ڪنڌ کڻي جيئڻ وهه جو ڍڪ پيئڻ برابر آھي. اتي ھڪ شاعر جي دانھن جيڪا ھڪڙي نظم ۾ ڪيل آھي (نياڻين لاءِ ھڪ نظم)
جيڪڏھن اسان جي پرائمريءَ جي نصاب جو حصو ھجي ته ھڪ نئين سوچ جنم وٺي سگھي ٿي!
جن ماڻھن جو اھو خيال ھجي ته شاعري جو سماج لاءِ ھاڻ ڪوبه خاص ڪارج ناھي رھيو ته يقينن اھا انھن جي غلط فھمي چئبي.
اڄ به ماڻھو وٽ دنيا جون سموريون لذتون ھوندي بي سڪوني ھوندي آھي ته شاعري ان جي احساسن جي تڪميل لاءِ سڀڪجهھ نه ئي سھي پر گھڻو ڪجهھ ضرور ثابت ٿيندي آھي،
علي آڪاش جيڪو پاڻ نه صرف سٺو شاعر نثر نويس آھي. اتي شاعريءَ جو سٺو نقاد پڻ آھي.
ھو سينيئر ۽ جونيئر واري تضاد مان ڇال ڏئي نڪتل سنڌي نوجوان ٽھي جو اھو پيغمبر آھي جنھن وٽ نوجوانن کي اڳيان آڻڻ ۽ ترجيح ڏيڻ جو اونو ھر وقت ٽڪيل رھيو آھي.
علي آڪاش جي شاعريءَ جو ڪتاب (ھستي درپن سنڌوءَ جو) سنڌي شاعريءَ جي جھول ۾ ھڪ گلاب جو واڌارو آھي.
شاعر امن جا پيغامبر ھوندا آھن ۽ ائين ئي علي آڪاش به بدامنيءَ جي باهه ۾ ڌڪيندڙ ھر پاپي سان ھن طرح نفرت جو اظھار ڪيو آھي.
امن وڏي شيءِ آھي
جن ماڻھن کي
بيدردي سان ڪچليو آھي
ماريو آھي
رت پاڻي جيئن ھاريو آھي
ھتيارا سي ھيرا ناھن
تن جي ڪيئن وڏائي ڳايان؟!
جنگي وحشي
آدمخورن کي ساراھيان؟
لکن ڪروڙن مقتولن جي لاشن جو،
سودو ڪيئن ڪريان
تاريخن ۾
ڪوڙ نسورو لکيو پيو آ،
ڌوڙ نصابن منجهھ سٿيل آ
انڌ پڻو آ گمراھي آھي
تن ۾ سچ گھٽيو ويو آ
سڀ جلاد قصاب انھن ۾
جوڌا آھن
شودا سارا عالم آھن
اتساھن جي ورقن تي جن
ڌاڙيلن کي
رکوالن جي جاءِ ڏني آ
جن ڌرتي جي ڇاتي ۾
گوليون ۽ بارود ڀريو آ
گھوڙن سان يا توبن سان
ورسيل وسنديون
ساڙيون جن به لتاڙيون آھن
تن تي مان ڦٽڪار وجھان ٿو
تن کي جوڌو ڪونه مڃان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button