ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثر حڪومت جي آسري

Editorial

ڪجهه مهينا اڳ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي هئي، اها نه رڳو سڄي ملڪ جي عوام ڏٺي پر دنيا به ڏٺي. اهڙي ريت ماڻهو دربدر ٿيا. انهن جا فصل لڙهي ويا ۽ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ اڃا تائين به ڪٿي ڪٿي ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ ويٺل آهن. جتي اهي نه رڳو پريشان حال آهن پر انهن کي بيماريون وچڙي رهيون آهن. ٻوڏ متاثرن سان جيڪي ڪجهه وهي واپري پيو، ان جون خبرون روزاني بنيادن تي اچي رهيون آهن. اهي ٻوڏ متاثر نه رڳو مقامي انتظاميه پر حڪومت کان مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن. پر هيستائين انهن جي مطالبن کي اڻ ٻڌو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سرڪاري ڪاغذن ۾ ڏسجي ته ائين لڳندو ته هر هڪ ٻوڏ متاثر پنهنجي گهر خيريت سان پهچي چڪو آهي ۽ ٻئي پاسي ٻوڏ جو پاڻي به هر هنڌان نيڪال ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ اهو پڻ نظر ايندو ته جيڪا امداد ٻوڏ متاثرن لاءِ سرڪار کي ملي هئي سا سڄي جا سڄي ٻوڏ متاثرن تي خرچ ٿي وئي آهي. تنهنڪري هاڻ ڪوبه ٻوڏ متاثر ڪونه بچيو آهي، جيڪو امداد جي آسري ويٺو هجي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. اڃا به ڪئين ڳوٺ آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ ٻڏا پيا آهن. اڃا به هزارين ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس وڃي نه سگهيا آهن ۽ اهي حڪومتي انتظاميه جي آسري ۾ ويٺا آهن. ڪٿي اسڪول ٻڏا پيا آهن ڪٿي سرڪاري ادار پاڻي هيٺ آهن ته اڃا تائين رستن به پاڻي مان ظاهر ڪونه ٿا ٿين. تنهنڪري صورتحال اڃا به خراب آهي ۽ ٻوڏ متاثر هن وقت تائين به پريشان حال لڳا پيا آهن. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جيڪي ٻوڏ متاثرن جي پريشانين کي ظاهر ڪري رهي آهي.

عثمان شاھه ھڙي ويجهو يوسي ڊاسوڙي جي قديمي ڳوٺ گل محمد پلي مان 4 مهينا گذرڻ باوجود برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، انتظامي نااهلي سبب ڳوٺ ۾ قائم پرائمري اسڪول به پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جنهن سبب معصوم شاگردن جي تعليم بند آهي، پر تعليم کاتي جي عملدارن ڪو نوٽيس ناهي ورتو. ڳوٺ ٻڏڻ سبب ڪيترائي ماڻهو روڊن رستن تي اڃا به دربدر آهي، جيڪي ڳوٺ مان پاڻي نڪرڻ جي آس ۾ سخت پريشان آهن. مقامي انتظاميا سندن ڪا سار ناهي لڌي، مڇرن جي آزار سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن. متاثرن وٽ کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ضرورت جي سامان جي وڏي کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا جي سروي لا پهتل ٽيم آڏو برسات متاثر ماڻهن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي محمد صديق پلي، عبدالحڪيم پلي، رشيد پلي، موج پلي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو سڀ ڪجهھ برسات جي نظر ٿي ويو، گهر تباهه ٿي ويا، فصل ٻڏي سڙي ويا، مالي ۽ ذهني طور سخت پريشان آهيون، پر ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن مدد ناهي ڪئي، ٿڌ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان لا عوام جي حقن جون ڳالهيون ڪندڙ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي راشن ۽ ٻيون سهولتون ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.
هي رڳو عثمان شاهه هڙي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي حالت آهي، جيڪا مٿي ڄاڻايل خبر ۾ رپورٽ ڪئي وئي آهي پر اهڙيون خبرون روز رپورٽ ٿي رهيون آهن. پر انهن خبرن کان پوءِ ڇا ڪو نوٽيس ورتو وڃي ٿو؟ سرڪار يا مقامي انتظاميه ڪو تحرڪ وٺي ان کي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪڏهن نه ڪري رهي آهي ته ڪوتاهي ڪنهن جي آهي ۽ ان ۾ ٻوڏ متاثرن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جن جا ٻار پُڙهائي کان محروم لڳا پيا آهن. جن کي اچ وڃ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي ۽ جن وٽ کاڌ خوراڪ جي پڻ کوٽ ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت ته اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته ٻوڏ جو پاڻي ٽن مهينن ۾ نيڪال ڪيو ويندو پر هن وقت تائين ته اهڙو ڪجهه به ناهي ٿي سگهيو. نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهن جا حال هيڻا ٿي رهيا آهن پر اهي حڪومت ۾ آس لڳايو ويٺا آهي ته اها ترت انهن جي مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. جيڪڏهن حڪومت انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته حڪومتي وزيرن مشيرن کي اهڙيون دعوائون ۽ اعلان به نه ڪرڻ گهرجن، جيڪي پورا نه ٿي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي ڳوٺ ۽ علائقا هن وقت تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن. انهن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. اتان جي ٻوڏ متاثرن جي مسئلن کي ترت حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن انهن جي زندگي بحال ٿي سگهي ۽ پريشانيءَ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button