ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ تشدد جون ڪارروايون

Editorial

جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪن ۽ عدالتون انصاف ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳائي ڇڏين ته پوءِ ڪنهن به ڏوهاري ڪارروائي دوران جڏهن ڏوهاري ميڙ جي ور چڙهندا آهن ته اهي پنهنجي مرضي موجب انهن خلاف ڪارروائي ڪندو آهي. اهڙي ريت ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ ۾ اهڙي نوعيت جا واقعا ٿيڻ لڳا آهن، جن ۾ ميڙ پنهنجي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ ڪنهن کي به مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. اهو ميڙ پنهنجو پاڻ کي منصف سمجهندو آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن تي پٿرن جو وسڪارو ڪري قتل ڪرڻ جائز هوندو آهي. پر ان سماجي رويي کي ائين هلڻ ڏجي؟ جيڪڏهن سڀ ڪجهه ڪنهن ميڙ کي ڪرڻو آهي ته پوءِ ملڪ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تالو هڻي ڇڏجي ته بهتر ٿيندو. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي.

ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ ٻيو قتل ٿي ويو، جڏهن ته شهرين هٿان هڪ مبينا جوابدار به تشدد جي نتيجي ۾ مارجي ويو. پوليس ۽ ريسڪيو اختيارين موجب ڦورن مزاحمت ڪندڙ 23 ورهين جي اظهر مسعود کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جو پيءُ ۽ هڪ رهواسي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڪورنگي ساجد امير سدوزئي ٻڌايو ته ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن اظهر مسعود کان سندس گهر ٻاهران موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي نوجوان کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جو 50 ورهين جو پيءُ مسعود اختر گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ جوابدار کي پڪڙي ورتو، پر جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هو ۽ 30 ورهين جو اسامه نالي هڪ شهري پڻ زخمي ٿي پيو. واقعي کانپوءِ شهرين جا هجوم واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ جوابدار کي پڪڙي ورتو، بعد ۾ ميڙ جي شديد تشدد جي نتيجي ۾ جوابدار پڻ موقعي تي ئي مارجي ويو. ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار جي عمر 30 سال هئي، جنهن جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او عوامي ڪالوني موجب شهرين جي تشدد تي مارجي ويل ڊڪٽي جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هن قسم جا واقعا ڪنهن به سماج توڙي ملڪ لاءِ بنهه گهڻا خطرناڪ آهن. ان ڪري انهن کان بچڻ لازمي آهي، پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن قانون ڏوهارين خلاف ترت ڪارروائي ڪندو رهي، اهو ڏوهارين کي پڪڙي انهن کي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ عدالت ان کي سزا ڏني. ٻي صورت ۾ گلين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ميڙ قانون هٿ ۾ کڻي پنهنجي عدالت لڳائي ماڻهن جو قتلام ڪندو رهندو.

آر او پلانٽ آپريٽرن کي پگهار ڏيو

ٿر ۾ وڏي وقت کان آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن، اهي پلانٽ ان ڪري لڳايا ويا هئا ته جيئن ٿر واسين کي صاف سٿرو پاڻي ملي سگهي ۽ انهن کي ڪنهن تڪليف مان نه گذرڻو پوي پر انهن آر او پلانٽن جا به ڪيترائي مسئلا ظاهر ٿي پيا آهن. هڪ پاسي ته اتي مقرر ٿيل ملازمن کي پگهارون ڪونه پيون ملن ته ٻئي پاسي وري ڪئين آر او پلانٽ آهن جيڪي خراب ٿيندا پيا وڃن. ڪو هڪ آر او پلانٽ به خراب ٿئي ٿو ته ان سان وڏي انگ ۾ آبادي پاڻيءَ جي نعمت کان محروم ٿي ويندي آهي ۽ اها پاڻيءَ لاءِ پريشاني پئي ٿيندي آهي. آر او پلانٽن جي خرابي کي ترت ختم ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن ماڻهن کي صاف سٿرو پاڻي ملي سگهي.
ڇاڇري ۾ آر او پلانٽن جي ملازمن منظور راهمون، ولي مڱريو، حڪيم سميجو، اقبال،شڪور، ڀگوانداس ميگھواڙ، غلام راهمون ۽ ٻين وڏي انگ ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڇاڇرو-عمرڪوٽ روڊ تي ٽائر ساڙي مظاهرو ڪيو. آپريٽرن آر او پلانٽن جي ٺيڪيدار، خانگي ڪمپني اوسلو ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج سبب روڊ بلاڪ تي ويو ۽ ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي ٺيڪيدارن چيو ته سنڌ سرڪار جي ٺيڪيدار نواز پاليسي سبب ٿر ۾ لڳل 750 آر او پلانٽن جو منصوبو ٻن سالن کان ناڪاره ٿي قبرستان بڻجي چڪو آهي. اسان آر او پلانٽن جا ملازم 28 مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب روڊن تي دربدر آهيون، دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ٿر جي چونڊيل نمائندن سميت ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، اسان جي گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، معصوم ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، سنڌ سرڪار ٻيهر وري ساڳي اوسلو نامي ڪمپنيءَ کي نالو تبديل ڪري ٺيڪو ڏئي نوازيو آهي، جيڪو ٿر جي غريب ماڻهن سان ظلم آهي، ٿر جي عوام اڳ ۾ آر او پلانٽس بند ٿيڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان بڻيل آهي. سڄي معاملي تي سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي. آپريٽرن چتاءُ ڏنو ته اسان جون 28 مهينن جون پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.
اسين سمجهون ٿا ته ٿر ۾ جتي جتي به آر او پلانٽ لڳل آهن، انهن جي سار سنڀال لهڻ ضروري آهي ۽ ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته انهن آپريٽرن کي وقت سر پگهار ڏني وڃي، جيڪي ڪيترن مهينن کان پگهار کان محروم لڳا پيا آهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٿر واسي مٺي پاڻيءَ کان محروم نه ٿي سگهن ۽ پلانٽ هلائيندڙ آپريٽرن کي به وقت سر پگهار ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button