پاڪستان

توشا خاني مان تحفن جي خريداري، لاهور هاءِ ڪورٽ 75 سالن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ اندر توشا خاني مان خريد ڪيل سمورن تحفن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت ۾ جسٽس عاصم حفيظ توشا خانا مان تحفا وٺندڙن جي تفصيل لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. شهري منير احمد پاران داخل درخواست ۾ سوال ڪيو ويو هو ته توشا خاني مان 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪنهن ڪنهن تحفا ورتا، انهن جا تفصيل عام ڪيا وڃن، عدالت کان اپيل ڪئي وئي ته حڪومت کان تحفا وٺڻ جو تفصيل طلب ڪيو وڃي. شنوائي دوران وفاقي حڪومت توشا خاني جي تحفن بابت تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي سرڪار جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته توشا خاني جي تحفن جي ڄاڻ ڳجهي آهي، تنهن ڪري تفصيل فراهم نٿو ڪري سگهجي. هاءِ ڪورٽ چيو ته جڏهن ٽيڪس ريٽرنز ۾ تحفو ظاهر ٿي ويو ته پوءِ ڪيئن ڳجهو رهي سگهي ٿو؟ اوهان تفصيل پيش ڪريو، اهو عدالت طئي ڪندي ته معاملو ڳجهو آهي يا نه. عدالت وفاقي حڪومت کي 16 جنوري تائين تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button