سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته ان جي وڏي ۾ وڏي خوش نصيبي اها آهي ته ان جي خدمت لا ٻه سپوت سائين شوڪت شورو ۽ سائين مدد علي سنڌي اهڙا آهن، جن پنهنجو نور نچوئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي خدمت ڪئي آهي. هنن ٻنهي ليکڪن جون ڪهاڻيون ته پنهنجي جا تي اهم آهن ئي آهن ۽ سندن ڪهاڻين جو ذڪر حوالي طور به ايندو رهندو آهي، پر ان کان وڌيڪ هنن ٻنهي سنڌ جي مانوارن ليکڪن، بنا ڪي وڏا نعرا هڻڻ جي چُپ چپات ۾ اهڙو ته ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. ان ۾ سڀ کان پهرين شوڪت صاحب سو سالن جي سنڌي ڪهاڻين کي ترتيب ڏئي ڇپرايو هو. اهو ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپرايو هو. ان کان پو ورهاڱي جهڙي اهم موضوع تي “سرحد جي آر پار سنڌي ڪهاڻي” جهڙي ڪتاب جي پڻ مرتب ڪيو هو. اهي ٻئي ڪتاب مون جهڙن نئين نسل جي پڙهندڙن لا ڪنهن خزاني کان گهٽ نه آهن ۽ انهن ڪهاڻين کي پڙهندي اها به سرهائي ٿي ته اسان جو سنڌي ڪهاڻيڪار دنيا جي هر موضوع تي شاندار ڪهاڻي لکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اسان جي ادبي حلقن ۾ اڪثر اهو بحث هلندو رهندو آهي ته سنڌي ادب کي ٻين ٻولين خاص ڪري انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، جيئن دنيا کي سنڌي ادب کان روشناس ڪرائي سگهجي. اسان جا اڪثر دوست ڳالهيون ته وڏيون وڏيون ڪري ويندا آهن، پر جڏهن ڪم ڪرڻ جو وارو ايندو آهي ته ان ۾ هر ڪو هٿ وجهڻ کان پيو ڪيٻائيندو آهي. ان هوندي به ڪي ڪي وري سائين مدد علي سنڌي جهڙا عظيم ڪردار به آهن، جيڪي ڳالهيون ته گهٽ ڪندا آهن پر ڪم وڏا وڏا ڪري ڏيکاريندا آهن، بلڪل ايئن جيئن سال 2022ع ۾ مدد علي سنڌي صاحب جو انگريزيءَ ۾ ترتيب ڏنل ۽ ايڊٽ ڪيل 1914 کان 2014ع تائين سو سالن جون سنڌي ڪهاڻيون.
هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو ٽرانسليشن بيورو (MIJTB) پاران ڇپرايو ويو آهي. سهڻي نموني سان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هنن سنڌي ڪهاڻين کي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي ڪيڏي نه شاهوڪار آهي.
جڏهن هي ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ هو ته هڪ ادبي پروگرام ۾ مون مدد صاحب کان ان حوالي سان پڇيو ته، هن ٻڌايو:
“هن اهم رٿ کي پورو ڪندي ڪندي ٽي سال لڳي ويا آهن، ان دوران جيڪو سڀني کان ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو هو، اهو ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ هو، اهو ڪم مختلف ترجمي نگارن تي رکيل هو. مون هن ڪتاب ۾ چونڊ ڪيل ڪهاڻين کي ميرٽ تي جا ڏني آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي پنهنجا نوازي يا سفارش نه ٻڌي آهي. هي هڪ اهم رٿ آهي جيڪا دنيا کي سنڌي ادب خاص ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي ويجهو ڪري ڇڏيندي، هن رٿ جو پهريون ڀاڱو تيار آهي ۽ ٻيا ڀاڱا به ايڊٽنگ جي مرحلي ۾ آهن.”
هن ڀاڱي ۾ هند ۽ سنڌ جي مخلتف ليکڪن جون 73 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي شروعات لعل چند امر ڏنو مل جي ڪهاڻي “حُر مکي جا” سان ڪئي وئي آهي. هن ڪهاڻي کي پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي سمجهيو وڃي ٿو. هي ڪهاڻي 1914ع ۾ ڇپي، اها ڪهاڻي انگريزن خلاف شروع ڪيل پهرين حُر تحريڪ (1898ع) جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جڏهن ته هن ڀاڱي جي آخري ڪهاڻي علي بابا جي ڪهاڻي آهي.
هن ڪتاب ۾ مدد علي سنڌيءَ جو لکيل مهاڳ به شاندار آهي ۽ جيڪڏهن ڪو محقق سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان تحقيق ڪندو ته ان لا هي مهاڳ هڪ اهم دستاويز طور ثابت ٿيندو. مهاڳ ۾ هر ڪهاڻيڪار جي حوالي سان ذڪر ڪيل آهي، ويندي اڄ جي دور جي ڪهاڻيڪارن جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
مدد صاحب مهاڳ ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته ورهاڱي تائين سنڌي ڪهاڻي ڀرپور انداز ۾ لکجي رهي هئي، پر ورهاڱي کان پو سنڌي ادب ۽ ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ايئن ڄڻ سنڌي ڪهاڻي مفلوج ٿي پئي هجي. ليکڪن جو وڏو انگ لڏپلاڻ ڪري هندستان هليو ويو ۽ علم ادب سان گڏ ڇپائيءَ جو ڪم به ٺپ ٿي ويو، جنهن جي ڪري هڪ خلا پيدا ٿي پيو. ڪجهه ئي سالن کان پو وري سنڌ ۾ رسالا ڇپجڻ شروع ٿيا، انهن ۾ ماهوار فردوس، نئين زندگي ۽ خاص ڪري ٽي ماهي مهراڻ، جن جي ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو جمال ابڙو کان ويندي ابن الياس سومرو تائين ڪهاڻيڪارن جي هڪ کيپ تيار ٿي. مهاڳ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته امر جليل اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪنهن به سنڌي ڪهاڻيڪار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. جڏهن ته علي بابا وري اهو ڪهاڻيڪار هو جيڪو چوندو هو ڪهاڻيءَ کي ڪهاڻي سمجهي لکجي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي اجائي پروپيگنڊا نه هجڻ گهرجي.
جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻين جي موضوع تي غور ڪجي، انهن ۾ اسان کي ڪيترن ئي موضوعن جا رنگ نظر ايندا. مثال طور، حقيقت نگاري، سماجي حقيقت نگاري، تاريخي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻيون، جديديت ۽ وجوديت تي لکيل ڪهاڻيون، رومانويت، ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ جي حوالي سان لکيل ڪهاڻيون. ڪتاب ۾ ڏنل هر ڪهاڻي پنهنجي موضوع ۽ فني گهرجن جي حوالي سان پڙهندڙ کي حيرتن جي هڪ الڳ جهان ۾ وٺي وڃي ٿي.
ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ جي حيثيت ۾ جڏهن مون هي ڪتاب هٿن ۾ کنيو ته هڪ عجيب قسم جي خوشي جو احساس ٿيو ۽ اهو به لڳم ته جيتري تائين مدد علي سنڌي جهڙا سنڌي ڪهاڻيءَ جا سپوت آهن، ايترا تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي عالمي سطح تائين پهچائڻ جي رستا روڪ ڪير به نٿو ڪري سگهي ۽ سنڌي ڪهاڻي وهندڙ پاڻي جيان پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي، دنيا آڏو پاڻ مڃرائيندي.