پاڪستان هن وقت ٻه طرفي بقائي حملي جي وڪڙ ۾ آهي. پهريون حملو معيشت ڪيو آهي. رياستي خزاني ۾ هن وقت ايترو ناُڻو (6 ڏهائي 7 ارب ڊالر) موجود آهي. جنهن مان فقط چار هفتن جي درآمد جي ادائيگي ٿي سگهي ٿي. پر اها ادائيگي ائين به مشڪل ٿيندي پئي وڃي جو لڳ ڀڳ 340 رپيا في ڊالر قيمت باوجود اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر دستياب ڪونهي. تنهنڪري درآمد ڪندڙ ايل سي کولڻ باوجود پرڏيهي وينڊرز کي وقت سر ادائيگي نه پيا ڪري سگهن. جيڪي درآمدي اسم پاڪستاني بندرگاهن ۽ هوائي اڏن تي اچي چڪا آهن، اهي گودامن مان ڪليئر ڪونه پيا ٿي سگهن.
ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل ناڻو سمجهيو ويندو آهي. پر ڊالر جي سرڪاري اگهه ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ ۾ پندرهن کان پنجويهه روپيا فرق جي ڪري باضابطه بينڪنگ چينلز کان ناڻو اچڻ جي شرح ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي ۽ فيٽف سان ڪيل وعدن جي ابتڙ هُنڊي جو ڪم هڪ ڀيرو وري عروج تي آهي.
چيو پيو وڃي ته ٻاهرين ناڻي جي يقيني ۽ لاڳيتي ترسيل برآمد ۾ واڌ سان مشروط آهي. پر گذريل ڪجهه مهينن کان اهم مقامي صنعتي اسمن جي پيداوار لاڳيتو سسي رهي آهي. گذريل ڇهن مهينن ۾ ان پيداوار ۾ لڳ ڀڳ ٽي سيڪڙُو گهٽتائي نظر آئي آهي. روپئي جي قدر ۾ لاٿ سبب درآمدي صعنتي ڪچي مال جون قيمتون لاڳيتو لاهن چاڙهن جون ٿپڙيون کائي رهيون آهن. تنهنڪري مقامي سطح تي اسمن جي پيداواري لاڳت بقول ڪنهن جي صنعتڪارن کي وارو نٿي کائي.
بجلي ۽ گيس جي فراهميءَ ۾ بيقاعدگيءَ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ ناڪاري اثر سڀ کان وڌيڪ برآمدي صعنت يعني ٽيڪسٽائيل تي پئجي رهيو آهي. ان جي پيداوار ۾ گذريل ٻن مهينن دوران لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
يعني نه درآمدي ضرورتن لاءِ ڪافي پرڏيهي ناُڻو آهي نه برآمد ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ نه ئي سمنڊ پار پاڪستانين پاران ناڻي جي ترسيل اتساهيندڙ آهي. جڏهن ته سياسي بي چيني ۽ عالمي مالياتي ادارن جي عدم اطمينان جي ڪري پرڏيهي سرمائيڪاريءَ ۾ واڌ يا نئين سرمائيڪاريءَ جي ممڪن آمد کي ته ويجهي مستقبل ۾ وساري ئي ڇڏيو.
ٻيو وڏو بقائي خطرو پاڪستان جي اولهه واري سرحد کان پيش اچي رهيو آهي. طالبان کي ڪابل ۾ اقتدار ۾ آئي سورهن مهينا ٿي چڪا آهن. ان عرصي دوران پاڪستان جي سرحدي ضلعن ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ گذريل دور جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي ڇا ٿئي ها الٽو پنجاهه سيڪڙو واڌ ٿي آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تحت ماهرن جي هڪ پينل رپورٽ موجب طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو جنهن پرڏيهي هٿياربند ٽولي کي ٿيو آهي، اهو پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي آهي. ان عرصي ۾ ٽي ٽي پيءَ جي ڪاررواين ڏيڍ سئو کان وڌيڪ پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن.
گذريل ڇهن مهينن دوران پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي پنهنجن ڪاررواين جو دائري ڪار سرحدي علائقن مان وڌائي ڪي پي ڪي جي اندروني ضلعن تائين پکيڙي ڇڏيو آهي. افغان طالبان پاران ٽياڪڙيءَ جي پردي ۾ ٽي ٽي پي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي ڳالهين ۾ مصروف رکيو ۽ بظاهر جنگ بنديءَ جو تاثر ڏيندي پنهنجي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ منظم انداز سان پکيڙي ڇڏيو.
جيتوڻيڪ مالاڪنڊ ڊويزن ۾ مقامي ماڻهن جي مزاحمت سبب ٽي ٽي پيءَ کي اڳ جيان پير ڄمائڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي. پر انهن اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان لڳ بنون ۽ لڪي مروت جهڙن بندوبستي ضلعن ۾ پنهنجو اثر رسوخ تيزيءَ سان وڌائي ڇڏيو آهي. هاڻ شايد ئي ڪو هفتو هجي، جڏهن انهن ضلعن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار راتاهي جو نشانو نه ٿيندا هجن. بنون ۾ گذريل ٻن هفتن ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪارن جا سر قلم ڪيا ويا. هڪ پوليس ٿاڻي تي گذريل هفتي جٿي جي شڪل ۾ حملو ڪري چئن پوليس وارن جي شهيد ڪري ڇڏيو.
(هي سٽون لکڻ تائين بنون ڇانوڻي ۾ قائم پوليس ڪائونٽر ٽريررزم ڊپارٽمينٽ (ٽي ٽي ڊي) جي هڪ پڇا ڳاڇا واري مرڪز جي حراست ۾ ٽي ٽي پيءَ جي انتهائي تربيت يافته ملزمن جاچ عملي کي يرغمال ڪري ورتو. جيستائين هي سٽون توهان تائين پهچنديون، ٿي سگهي اهو ڊرامو انجام کي پهچي ويو هجي) پر داد ڏيڻو پوندو صوبائي حڪومت جي ترجمان کي جنهن ميڊيا کي ٻڌايو ته فقط هڪ ئي جملو ياد آهي. “پريشانيءَ جي ڳالهه ڪونهي حالتون قابو ۾ آهن.” پر ڪنهن جي قابو ۾؟ رياست جي يا ٽي ٽي پي جي؟
ان دوران افغان طالبان انتظاميه پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪارن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ چمن جي سرحدي گذرگاهه چونڊي رکي آهي، اتي سرحد پار کان گذريل پندرهن ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا هٿيار استعمال ڪيا ويا ۽ اٺ پاڪستاني شهري مارجي ويا ۽ چاليهه جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي ويا.
افغان طالبان انتظاميه ڪنهن صورت سرحدي لوڙهي جي اڏاوت مڪمل نٿي ٿيڻ ڏي. اها پنجن سرحدي گذرگاهن تي ايندڙ ويندڙ شهرين جي سختيءَ سان ڪاغذن جي جانچ پڙتال ۽ بائيو ميٽر سسٽم جي به مزاحمت ڪري رهي آهي. ان جو سبب سواءِ ان جي ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته عام افغان شهرين جي ويس ۾ هٿياربند يا تريبت يافته عنصرن جي اچڻ ۾ ڪو خلل نه پئي.
جيتوڻيڪ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پنهنجي گهر اندر افغان پاليسيءَ جي مڪمل ناڪاميءَ جو اعترف ڪندي، ان نئين حقيقت پسنداڻن لاڳاپن تي رکڻ چاهي ٿي، پر افغانستان سان گڏ هڪ خاص حد کان وڌيڪ ڇڪتاڻ ۾ واڌ به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. ڇاڪاڻ ته ٻه طرفن لاڳاپن کي سڌي ريت ڊيل ڪرڻ جي راهه ۾ ڪئين تاريخي، نسلي، جاگرافيائي، نظرياتي ۽ اسٽريٽجڪ ڊيپٿ جون نزاڪتون بارودي سرنگن وانگر وکريون پيون آهن.
انهن حساس رنڊڪن کان به ڀلي نموني منهن ڏيڻ لاءِ هر لاڳاپيل رياستي سطح تي جنهن غيرمعمولي ڏاهپ ۽ تدبر، صبر، ادارتي هم آهنگي ۽ پيشيوراڻي سهڪار جي ضرورت آهي، ان جي سنگين کوٽ نظر اچي رهي آهي ۽ اها ئي بيوسي ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ ۾ هڪ زرخير موقعو بڻجي رهي آهي.
آفرين آهي رياستي ۽ سياسي قيادت تي، جيڪا هن وقت سيلابي خنجر سان سخت زخمي معيشت ۽ طالبان کي ٻه طرفي حملي کي منهن ڏيڻ تي پورو ڌيان مرڪوز ڪرڻ بدران پنهنجي پر ۾ نفس کي مطمئن ڪرڻ جون چسڪيون ڀري رهي آهي. ميڊيا ۽ “ميڊياڪرن” جو پورو ڌيان لاهور جي ڀرپاسي جي سياسي موسم کي قابو ۾ ڪرڻ تي لڳو پيو آهي.
ايندڙ ڇهن مهينن ۾ڇا ٿيڻ وارو آهي، ريڙهي وارو به ڏسي رهيو آهي. اسحاق ڊار بدران پگهادار جي ننڊ اڏامي وئي آهي. اڳواڻي ڪندڙ عنصر ڌاڻن جي شربت جو ڍڪ ڀري رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي پياري رهيا آهن، جڏهن ته ٻي ڌر “سڀ کان پهرين چونڊون نه ته ڪجهه به نه” جي گردان ۾ مڪمل مست آهي.
هاڻي اهي سڀ ڪردار پنهنجي واتان ته اعتراف ڪرڻ کان رهيا ته جاڳندا رهو، اسان جي آسري نه رهجو.