رانديون

عالمي چيمپين ارجنٽينا جي ٽيم جو ڏيهه پهچڻ تي تاريخي استقبال

فٽبال جي نئين عالمي چيمپين ارجنٽينا جي ٽيم جو ملڪ پهچڻ تي تاريخي استقبال ڪيو ويو آهي، جنهن دوران شهرين کي ملڪ جا جهنڊا ۽ جشن ملهائڻ جو سامان هٿن ۾ پڪڙيل هو. ميڊيا مطابق فيفا ورلڊ ڪپ قطر ايڊيشن جي فاتح ارجنٽينا ٽيم بيونس آئرس جي زمين تي پير رکيو تھ هزارين مداح بھ پهچي ويا، قومي هيروز جي شاندار آجيان ڪئي. جڏهن تھ ٽيم جو ڪپتان ليونل ميسي ۽ ٻيا رانديگر جئين جهاز مان ٻاهر نڪتا تھ مداحن جي چهرن تي نھ رڳو مرڪون اچي ويون، پر اهي خوشي ۾ جهومي پيا. جهاز مان ٻاهر ايندڙ پهريون شخص ڪپتان ليونل ميسي هو،

ميسي ۽ ٻيا رانديگر ٽرافي سميت ٽرڪ ۾ سوار آهن

جنهن جي هٿن ۾ ورلڊ ڪپ جي کٽيل ٽرافي هئي. رانديگرن رات ٽريننگ سينٽر ۾ رهڻ بعد ٻئي ڏينهن تي شهر جو ڪيو. هوڏانهن فرانس جي ٽيم وطن واپس پهتي تھ هزارين شهرين ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي آهي. جڏهن تھ ٽيم جي ڪپتان ڪائليان ايمباپي جو چهرو اداس نظر آيو، جنهن تي گڏ ٿيل مداحن کيس آٿت ڏيندا رهيا ۽ ٽيم جي پرفارمنس فخر جوڳي قرار ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button