سوويت يونين جي ڊهڻ کان پوءِ دنيا يوني پولر ٿي چڪي هئي، يعني پوري دنيا جو معاشي، سياسي ۽ دفاعي لحاظ کان هڪ پاسي ٿي وئي هئي. اها آمريڪي اثر رسوخ هيٺ اچي وئي. دنيا جي تقريبن سمورن ملڪن جي واڳ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي هٿ ۾ اچي وئي هئي. دنيا جا سڀئي وڏا ادارا به انهن ئي ملڪن جي گرفت ۾ اچي ويا هئا، جيڪي سڀ جا سڀ آمريڪي مفادن کي مد نظر رکي پنهنجون پاليسيون جوڙيندا رهيا. جتي آمريڪا جي دلچسپي هوندي هئي، اتي انهن ادارن جي دلچسپي هوندي هئي. دنيا کي غلط ۽ صحيح، سٺي ۽ خراب، جائز ۽ ناجائز جي وصف ۽ تشريح به مغرب کان ملندي هئي. دهشتگرد ۽ هيرو جو فرق اسان کي آمريڪا ئي سمجهائيندو هو. گڏيل قومن سميت سڀئي عالمي ادارا آمريڪا جي هٿ ٺوڪين اصولن جي پوئواري پيا ڪندا رهيا آھن. نه فقط عالمي ادارا پر گهڻا ملڪ به آمريڪي آشيرواد تي هلي رهيا هئا.
پر ڪائنات جي هر شيءِ متحرڪ ۽ ارتقا پذير آھي. سو دنيا به ساڳي ريت متحرڪ آھي، اها بيٺل ڪونهي. ان ڪري ان فطري اصول تحت دنيا جا معاملا به هڪ جاءِ تي بيھڻ بدران ارتقا جو سهارو وٺي اڳتي هليا ويا ۽ دنيا ۾ هڪ زبردست ڪايا پلٽ جو دور اچي ويو. جنهن جو نظارو اسان ڪجهھ سالن کان عالمي سياست جي ڀڃ ڊاهه جي شڪل ۾ ڏسي رهيا آھيون. جتي هڪ ڏھاڪو اڳ ۾ دنيا يوني پولر سڏبي هئي، اتي هاڻي باءِ پولر بدران ملٽي پولر جو اصطلاح استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪٿي چين ۽ آمريڪا مان ڪنهن هڪ جي چونڊ تي بحث هلي رهيو آھي ته ڪٿي وري يوڪرين بحران تي آمريڪا ۽ روس مان ڪنهن هڪ جي بيانيي جي حمايت تي لب ڪشائي ڪئي پئي وڃي.
نمايان طور تي چين ۽ روس مغربي ورلڊ آرڊر کان هٽي هڪ نئين ورلڊ آرڊر جي جوڙجڪ ۾ ڪوشان آهن. جڏھن ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي پنهنجي پراڻي ورلڊ آرڊر جي وجود جو تحفظ ڪري رهيا آھن. ان کان سواءِ ڪجھه اهڙا به ملڪ آھن، جيڪي اڃان ڪنهن ٻي سوچ جي پوئواري ڪري رهيا آھن. ايئن محسوس ٿي رهيو آھي ته هاڻي دنيا هڪ يا ٻه نه بلڪه گهڻن ورلڊ آرڊرن ڏانهن گامزن آھي. ان قسم جي عالمي منظر کي ملٽي پولر دنيا چئجي ٿو.
عالمي طاقتن جي ان ڊوڙ ڊڪ دوران تازو ٻه اهم اڳڀرايون ٿيون آھن. جنهن ۾ هڪ اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا جو روس کي ڇڏي آمريڪا جو دفاعي پارٽنر ٿيڻ آھي ۽ ٻيو سعودي عرب آهي. جيڪو گذريل مني صديءَ کان آمريڪا جو انتهائي اهم اتحادي ۽ سرد جنگ دوران خطي جو وڏو کلاڙي رهيو آھي. پر هاڻي هن ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جو چين ڏانهن وڌيڪ جهڪاءُ واضح نظر اچي رهيو آھي. يوڪرين جنگ جي ڪري پيدا ٿيندڙ تيل جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا سعودي عرب کي تيل جي پيداوار وڌائڻ لاءِ چيو، جنهن جي جواب ۾ سعودي بادشاهت آمريڪي حڪم جي کلي مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ وائيٽ هائوس طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون پر سعودي ڪنگڊم پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهي.
دراصل واشنگٽن پوسٽ جي ڪالم نگار ۽ صحافي جمال خشوگيءَ جي 2018ع تي ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ٿيندڙ قتل واري واقعي کان پوءِ سعودي عرب ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مسلسل تلخيءَ جو شڪار رهيا آھن. اهو ئي سبب آهي جو ٻئي ملڪ بيان بازيءَ جي جنگ ۾ الاهي اڳتي نڪري ويا. انهي تلخيءَ جو فائدو وٺندي چين سعودي عرب کان تيل وٺڻ جي سوداگريءَ کي مستقل دوستي ۽ دفاعي پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ کي گوارا نه سمجهيو. ان ڏس ۾ ھاڻي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آھي. جنهن جو تازو مثال 8 ڊسمبر تي چيني صدر جو ٽن ڏينهن وارو سعودي عرب جو ڪامياب دورو آھي. هن دوري دوران ٻنهي ملڪن گڏيل مفادن جي بنياد تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، انفرا اسٽرڪچر، هٿيارن جي فراهمي ۽ هائيڊروجن انرجي سميت 34 معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. ان سان گڏ هر ٻن سالن تي ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي گڏجاڻي ڪرائڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو آهي.
چيني صدر جي هن دوري کي دنيا ۾ ان حوالي سان به اهميت ڏني پئي وڃي جو سندس استقبال وڏي گرم جوشيءَ سان ڪيو ويو. جڏھن ته بائيڊن جي جولاءِ واري سعودي عرب جي دوري تي ان قسم جي گرم جوشي نظر نه آئي هئي.
صدر زي جڏھن ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو ته سندس آجيان ڪندي سعودي ايئر فورس جي جيٽ جهازن سان سلامي ڏني وئي. جيڪي ڳاڙهي ۽ پيلي رنگ جي دونهن جا ليڪا ٺاهي رهيا هئا. اهي رنگ چين جي جهنڊي جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. ان مان ان ڳالھه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سعودي عرب چين سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪيتري دلچسپي رکي ٿو. واضح رهي ته سعودي عرب خليجي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو ملڪ آھن. سعودي بادشاهت سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو مطلب سموري عرب دنيا سان خاص طور تيل پيدا ڪندڙ ملڪن سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جي برابر آھي. سعودي عرب سان جٽادار گڏيل تعلق سان چين کي بيلٽ روڊ انيشئٽو کي وچ اوڀر سميت ڏور آفريڪي ملڪن تائين ڦهلائڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوان معاشي اتحادي پڻ ملي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي روس جو پراڻو اتحادي ڀارت هاڻي آمريڪي بلاڪ ۾ داخل ٿيو آھي. انڊيا چين سان لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول بارڊر تڪرار جي ڪري آمريڪا جو دفاعي پارٽنر بڻيو آھي. ان ڏس ۾ انڊيا آمريڪا کان هٿيار به خريد ڪري رهيو آھي ته هماليه جي چين سان ملندڙ بارڊر واري علائقي ۾ آمريڪي، انڊين فوجن جون گڏيل مشقون به ٿي رهيون آھن.
ان کان سواءِ سفارتي سطح تي به ٻئي ملڪ هڪٻئي جي موقف جو دفاع ڪري رهيا آھن. شنگهائي ڪو آپريشن آرگنائيزيشن (SCO) جي سالياني ميٽنگ ۾ وزير اعظم مودي واشنگٽن کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو ته هي جنگين جو زمانو ناهي، تنهنڪري روس کي يوڪرين جنگ بند ڪرڻ کپي. جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي يوڪرين بحران متعلق منعقد ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ انڊيا نيوٽرل واري پاليسي اپنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر نيٺ کيس غير جانبدار رهڻ بدران آمريڪي موقف جي تائيد ڪرڻي پئي.
ظاهري طور ڏٺو وڃي ته هندستان کي روس کان ڪي به تحفظات ناهن، پر آمريڪي آقائن جي رضا خاطر روس جي مخالفت سندس مجبوري آھي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انڊيا کي روس بدران آمريڪا جي حمايت جي ضرورت آخر ڇو پئي؟ ان جو سادو جواب اهو آھي ته هن وقت روس ۽ چين ٻئي هڪڙي پيج تي آھن ۽ ان پيج تي انڊيا قطعي نٿو وڃڻ چاهي جنهن تي چين اڳيئي موجود هجي. ڇو ته چين سان اڄ به انڊيا جو بارڊر تي هٿيارن سان نه ته به ڏنڊن سان جهڙپون هلي رهيون آھن. ٻئي پاسي چين پاڪستان جو دفاعي، معاشي ۽ سفارتي شراڪتدار آھي. نتيجي ۾ چين ۽ پاڪستان سان دشمني انڊيا کي آمريڪا جو دوست بنائي ڇڏيو. آمريڪي دوستي وري نيو دليءَ کي ماسڪو کان دور ڌڪي ڇڏيو آھي.
ڏسڻو اهو آھي ته روس جو پراڻو اتحادي انڊيا انڊو-پئسفڪ ريجن ۾ آمريڪي مفادن جو ڪيترو دفاع ڪري سگهي ٿو ۽ آمريڪا جو پراڻو يار سعودي عرب چين ۽ روس جي نيو ورلڊ آرڊر جي اڏاوت ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪري ٿو. ان لاءِ هن وقت حتمي طور ڪجھه چوڻ غلط ٿيندو باقي ظاهر طور چين، سعودي وارو پلڙو ڀاري نظر اچي ٿو. اهو ان ڪري جو سعودي عرب خليجي توڙي اسلامي دنيا ۾ تمام وڏو اثر رکندڙ ملڪ آهي. ان جي ذريعي چين ڪافي فائدا وٺي سگهي ٿو. ان جي ابتڙ انڊيا پنهنجي ريجن ۾ انڊين ڊومينيشن قائم ڪرڻ جو خواهشمند ۽ خيالي پلاءُ پچائڻ وارو ملڪ آهي. جنهن کي پنهنجي خطي جا ملڪ به حقارت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. بهرحال هتي هڪڙي ڳالهھ چڱي ريت سمجھه ۾ اچي ٿي ته طاقت جي بي رحم گيم ۾ ڪوبه ڪنهن جو نه حتمي ۽ مستقل دوست آهي نه دشمن آهي. هتي ڪير به ڪنهن جو به ڪڏھن به دشمن يا دوست ٿي سگهي ٿو.