ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمران طبقي جي سياست جو منجهي پيل سٽ

Editorial-Article- Yameen Jatoi

23 ڊسمبر جي آمد آمد آهي، سرد مهيني ۾ حڪمران طبقي جي عوام دشمن مڪروهه سياست ۾ گرماگرمي آهي. جيتوڻيڪ ٽنهي ڌرين يعني اسٽيبلشمينٽ، نيازي اينڊ ڪمپني ۽ پي ڊي ايم جي بنيادي ايجنڊا هن اسٽيٽسڪو کي قائم رکي مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن جي ڦرلٽ جي سلسلي کي جاري رکڻ آهي پر اهي ٽيئي پنهنجي اها ايجنڊا عوام عوام جي لفاظي ڪري پوري ڪري رهيو آهن، تنهنڪري، سمجهڻ گهرجي ته اهي ٽيئي قوتون عوام جون خيرخواهه نه پر بدخواهه آهن. هاڻي سندن سياست جو سٽ ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ نه ٽوڙڻ واري معاملي تي اچي منجهي پيو آهي.
رپورٽون آهن ته پنجاب ۾ مخالف ڌر جي پارٽين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، بي اعتمادي واري رٿ تي 150 اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن. عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ چيو ويو آهي ته وڏو وزير پرويز الاهي ايوان جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري هو اسيمبلي مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺي. پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ چيو ته “اسان وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اسان ايوان کي بچائڻ ۽ ان جي بالادستي جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ نمبر پورا آهن ۽ حڪومت کي 186 نمبر ڏيکارڻا پوندا، آصف علي زرداري جنهن کي چاهي اهو ئي ايندڙ وڏي وزير طور ايندو.” ٻئي طرف آصف علي زرداري چيو آهي ته “پنجاب اسيمبلي بچائڻ جي جدوجهد جاري رکنداسين، ايندڙ وقت ڏڦيڙ جي سياست ڪندڙ قوتن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جمهوري استحڪام ۽ پارليامينٽ جي بالادستي خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.”
شهبازشريف مسلسل ٻئي ڏينهن به لاهور ۾ سياسي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکيو، سندس صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي تحليل کي “روڪڻ” ۽ ايندڙ حڪمت عملي جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته شهباز شريف 24 ڪلاڪن ۾ شجاعت سان سندس گهر وڃي ٻي ملاقات ڪئي.
جڏهن ته شجاعت کي عام چونڊون “تڪڙيون” ٿيندي نظر نه پيون اچن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته “پنجاب ۾ سٺو ٿيڻ وارو آهي، ٽينشن وڌيڪ آهي پر مسئلي جو حل جلد نڪري ايندو، مون کي عام چونڊون تڪڙيون ٿيندي نظر نه پيون اچن، پرويز الاهي جيڪڏهن فيصلو ڪري ٿو ته 4 کان 5 مهينا ٻيا ڪڍي سگهي ٿو. منهنجو پي ڊي ايم سان نه پر آصف زرداري ۽ شهباز شريف سان رابطو آهي، منهنجي ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات سٺي رهي ۽ ڪا به ناڪاري ڳالهه نه ٿي، ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن تائين سياسي رابطا ۽ ملاقاتون جاري رهنديون، جنهن ۾ مستقبل جو سياسي لائحه عمل گڏجي طئي ڪنداسين. پيپلزپارٽي (ن) ليگ وارا بي اعتمادي رٿ ۽ اعتماد جي ووٽ واري آپشن تي غور ڪري رهيا آهن، هنن وٽ ٻيا به آپشن هوندا، مون کي ته ٻنهي پارٽين ٻه آپشن ٻڌايا آهن. جن وٽ بي اعتمادي رٿ جا ووٽ پورا نه آهن، اهي پنهنجو نمبر پورو ڪندا ۽ پو جنهن وٽ ووٽ پورا ٿيا اهو بچي ويندو.”
ٻئي طرف عمران نيازي جو چوڻ آهي ته “پرويز الاهي اجايو دٻا ۾ اچي ويندو آهي، هو اڃا به اسان سان گڏ آهي، مونس الاهي به اسيمبلين جي معاملي تي ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ايندڙ جمعي تي دما دم مست قلندر ٿيندو. اسان جڏهن به چونداسين پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ لا سمري اُماڻي ڇڏيندو ۽ جمعي تي دما دم مست قلندر ڪنداسين.”
ليگي اڳواڻ سعد رفيق چيو آهي ته “صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جو واحد مقصد دٻاءُ وڌائي نااهلي ۽ گرفتاري کان بچڻ آهي، اڪيلي فرد جي ضد تي ٻن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرايون ويون ته ان جا نتيجا تڪراري رهندا. نئين حڪومت چونڊن جو جواز ڳوليندي پنهنجو مدو ۽ قوم جو قيمتي وقت وڃائي ڇڏيندي، استحڪام لاءِ تڪرار کان پاڪ چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، نااهلي ۽ گرفتاري کان ڊڄڻ بدران ڪيسن کي عدالت ۾ منهن ڏين، جيڪڏهن سچا آهن ته ڊپ ڇا جو اٿن، قومي اسيمبلي ۾ اچو، سياسي قوتن سان ڳالهيون ڪري ئي رستو نڪرندو. ذاتي مفادن لاءِ اسيمبليون ٽوڙڻ آمرن جي روايت آهي.”
هوڏانهن عمران نيازي جي جا تي وائيس چيئرمين شاهه محمود قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جو پارليماني ليڊر قرار ڏنو ويو آهي. اسپيڪر سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي ميمبر جي حيثيت سان عمران نيازي جو ڪردار ختم ڪري ڇڏيو، اسيمبلي ميمبرن جون گڏيل استعيفائون قبول ڪرڻ جو اختيار ناهي رهيو. ٻئي پاسي استيعفائن جي منظوري لاءِ پي ٽي آ جي ميمبرن جو اربع يا خميس تي قومي اسيمبلي اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.
جڏهن ته مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) جي رابطن ۽ سرگرمين کي ڏسي تحريڪ انصاف به سياسي طور تي متحرڪ ٿي وئي آهي، چوڌري پرويز الاهي سان ايندڙ اتحاد ۾ دير بدران اڳڀرائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سيٽ ايڊجسٽمنٽ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. عمران نيازي سان پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن دوران (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ (ق) ليگ جي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته چوڌري پرويز الاهي سان اتحاد لاءِ ڪميٽي جوڙڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي وئي، عمران نيازي چونڊن ۾ چوڌري پرويز الاهي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ پرويز خٽڪ کي شامل ڪيو ويو آهي. اها ڪميٽي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ڪري عمران نيازي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪندي. (ق) ليگ سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ 15 کان 20 سيٽن تي ايڊجسٽمينٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۾ انهن تڪن کي ترجيح ڏني ويندي، جتان (ق) ليگ کٽيو هو.
جڏهن ٿه تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته “پي ٽي آ جا ايم اين ايز قومي اسيمبليءَ مان استعيفائون ڏئي چڪا آهن، جمعي تي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون ٽٽي وينديون ته امپورٽيڊ حڪمرانن وٽ نين چونڊن کان سواءِ ٻيو ڪو به دڳ نه رهندو.”
هوڏانهن توشي خاني وارو معاملو به هاڻي وڌندو پيو وڃي. ميڊيائي خبرن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ اندر توشاخاني مان خريد ڪيل سمورن تحفن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت ۾ جسٽس عاصم حفيظ توشا خانا مان تحفا وٺندڙن جي تفصيل لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. شهري منير احمد پاران داخل درخواست ۾ سوال ڪيو ويو هو ته توشا خاني مان 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪنهن ڪنهن تحفا ورتا، انهن جا تفصيل عام ڪيا وڃن، عدالت کان اپيل ڪئي وئي ته حڪومت کان تحفا وٺڻ جو تفصيل طلب ڪيو وڃي. شنوائي دوران وفاقي حڪومت توشا خاني جي تحفن بابت تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي سرڪار جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته توشا خاني جي تحفن جي ڄاڻ ڳجهي آهي، تنهن ڪري تفصيل فراهم نٿو ڪري سگهجي. هاءِ ڪورٽ چيو ته جڏهن ٽيڪس ريٽرنز ۾ تحفو ظاهر ٿي ويو ته پوءِ ڪيئن ڳجهو رهي سگهي ٿو؟ اوهان تفصيل پيش ڪريو، اهو عدالت طئي ڪندي ته معاملو ڳجهو آهي يا نه. عدالت وفاقي حڪومت کي 16 جنوري تائين تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button