ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عِمراني سياست جو جُمعي کان اڳ جُمعاڻو!!

Editorial-Article- Irshad Leghari

سڄي جڳ جھان کي اھا خبر ھئي تھ عمران خان ٻيھر آڻڻ لاءِ نھ لاٿو ويو آھي پر ان خبر تي اڃان تائين بھ جيڪڏھن ڪو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي تھ اھو آھي پاڻ عمران خان!! عمران خان کي اڃان تائين اھو يقين شايد نھ پيو اچي تھ ھو ھاڻ انھي اسٽبلشمينٽ جو دادلو ناھي رھيو، جيڪا اسٽبلشمينٽ مُند جي حساب سان پنھنجا دادلا مَٽائيندي رھي ٿي. مُند جي اھڙي مٽا سٽا سبب اسٽبلشمينٽ جي مُنھن ڦيرڻ جو ئي اھو نتيجو آھي جو ھاڻ انھن گُجراتي چوڌرين جي حويلين جي درين دروازن مان بھ عسڪري آوازن جا پڙاڏا اچڻ شروع ٿي ويا آھن، جيڪي چوڌري ڪلھه تائين عمران خان کي ملڪ جو آخري سھارو سڏي رھيا ھئا. پاڻ جڏھن احوالي ٿي رھيا آھيون تنھن کان اول ئي اوھان سڀني تائين اھا خبر تھ پھچي بھ چڪي ھوندي جنھن ۾ پنجاب جي ھِنن سٽن لکڻ تائين وڏي وزير چوڌري پرويز الاھي، عمران خان کي اھو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آھي تھ جيڪڏھن عمران خان جنرل باجوا خلاف ڳالھائڻ بند نھ ڪيو تھ پوءِ قاف ليگ اھو ڪجهھ ڳالھائيندي، جنھن جي تحريڪ انصاف سَٽ نھ سھي سگھندي. چوڌري پرويز الاھي جي ان اوچتي ڦِريل لھجي جي ڪڙاڻ جو ذائقو يقينن عمران خان محسوس تھ ڪري ورتو ھوندو، جڏھن چوڌري اھو چئي رھيو ھو تھ تحريڪ انصاف وارا آخر پنھنجي پاڻ کي سمجھن ڇا ٿا؟ ھو ڪي اَوتار تھ ناھن ۽ نھ ئي ڪو آسمان تان لٿا آھن. ٻيو تھ عمران خان پنھنجي مُحسنن خلاف ڳالھائي، منھنجي دِل رنجائي آھي.
ھاڻ ٻڌايو تھ ڪيئن گُجرات جا چوڌري اڃان بھ عمران خان جي ونگار وھندا!؟ چوڌري جيڪڏھن عمران خان جي ڪيمپ ۾ آيا ھئا تھ اھو بھ اسٽبلشمينٽ جي ئي چوڻ تي ۽ اڄ جيڪڏھن ھو پوئتي ھٽڻ لڳا آھن تھ اھو بھ ان ئي اسٽبلشمينٽ جي چوڻ تي. تڏھن تھ پرويز الاھي اھو چئي رھيو آھي تھ پنجاب اسيمبلي جا نوانوي سيڪڙو ميمبر اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ ناھن. تھ بس پوءِ جمعي ڏينھن عمران خان پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبيلون ٽوڙڻ واري اعلان جو اھو ئي حشر ٿيڻو ھو، جيڪو پاڻ پرويز الاھي کي گورنر پاران لکيل ان خط مان سمجھي سگھون ٿا، جنھن ۾ پنجاب جي گورنر پرويز الاھي کي لکيو آھي تھ اوھان کي ايوان مان ھڪ ڀيرو ٻيھر اعتماد جو ووٽ وٺي، اھو ثابت ڪرڻو پوندو تھ اوھين پنجاب جي وڏ وزارت جي اھل رھيا آھيو بھ يا نھ؟ اھو ان ڪري جو قاف ليگ جي سربراھه چوڌري شجاعت سان غداري ڪري اوھين پارٽي جو اعتماد وڃائي چڪا آھيو ۽ ٻيو تھ اوھان جي ڪابينا مان ھڪ ٻن وزيرن جون استعيفائون بھ اھو ثابت ڪن ٿيون تھ اوھين تڪراري آھيو.
ھڪڙي پاسي پنجاب جو گورنر جو اھو خط ۽ ٻئي طرف پنجاب ۾ گڏيل مخالف ڌر پاران پرويز الاھي خلاف عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائڻ وارو عمل اشارو آھي عمراني سياست جي لاءِ جمعي کان اڳ انھي جمعاڻي جو، جنھن جو شايد عمران خان کي يا تھ اندازو نھ ھو يا ھو ھاڻ پنھنجو توازن ئي وڃائي چڪو آھي ۽ عدم توازن واري اھڙي ذھني بحران ۾ وٺجي، ھو ھڪ ٻئي پٺيان اھڙا فيصلا ڪندو ٿو وڃي، جيڪي سندس لاءِ تڪڙي زوال جو ڪارڻ بڻجي رھيا آھن. واضح ڪندا ھلون تھ ڳالهھ رڳو ھيستائين بھ ختم نھ پئي ٿئي. اڄ جڏھن پاڻ ھي سٽون لکي رھيا آھيون، تڏھن عمران خان جي انھن ڪيسن جي ٻڌڻي بھ آھي، جن ڪيسن ۾ کيس ڳالھايل ڪجھه ڪوڙ سچ ثابت ڪرڻا آھن. جيڪڏھن اھي ڪوڙ بدليل حالتن جي تناظر ۾ ڪوڙ ئي رھجي وڃن ٿا تھ پوءِ عمران خان نااھل پڻ ٿي سگھي ٿو ۽ گھڻا تڻا امڪان آھن بھ اھي تھ عمران نااھل ٿي وڃي.
ھاڻ اچو تھ ان سموري تناظر ۾ ڪجھه ان سچائي ڏانھن بھ ڏسون، جيڪا ھن ملڪ جي سياست جي سڀ کان وڌي سچائي رھي آھي. اھا سچائي جنھن ۾ پاڻ مُني صدي کان اھو ڏسندا پيا اچون تھ جنھن جي پاسي اسٽبلشمينٽ ھوندي، اقتدار انھي جي ئي حصي ۾ ايندو. تڏھن تھ پرويز الاھي جنرل باجوا کي پنھنجو مُحسن سڏي رھيو آھي ۽ حد اھا آھي تھ گجراتي چوڌري جي اھڙي بيان تي گڏيل مخالف ڌر مان ڪنھن بھ اڳواڻ اھو ناھي چيو تھ عوامي سياست ڪندڙن جا محسن عسڪري ڪيئن ٿا ٿي سگھن!؟ عوامي جمھوري سياست ۾ جيڪڏھن محسن جو ڪوئي مقام بيھي ٿو تھ اھو اڳي پوءِ عوام آھي، جنھن جي حمايت سان اوھين پارليامينٽ تائين پھچو ٿا. پر نھ پرويز الاھي جي بيان تي سڀ ماٺ ان ڪري آھن جو ھن وقت عوام کي مُحسن چوڻ جو مقصد پنھنجي لاءِ ٻيھر مشڪلاتون پيدا ڪرڻ آھي ۽ گڏيل مخالف ڌر، جنھن لاءِ مس مس اقتدار جون راھون ھموار ٿيون آھن، سا عوام سان محبت جي ايتري قيمت ادا ڪيئن ٿي ڪري سگھي جو اقتدار ھٿ مان وڃائي ويھي. تھ پوءِ پاڻ اھو چئي سگھون ٿا تھ ھن ۾ ملڪ ۾ واري واري سان اقتدار ۾ ايندڙ سڀني ڌرين جي مُحسن اسٽبلشمينٽ ئي رھي آھي.
ڇا پاڻ کان ميان نواز شريف جي دادلائپ وارو دور وسري ويو آھي؟ جڏھن ميان صاحب جا مُحسن کيس محترمھ شھيد بينظير ڀٽو خلاف تيار ڪري رھيا ھئا. اھو ميان صاحب جنھن جي ڪنڌ ۾ ايتري تھ ڪِلي ھوندي ھئي جو ھو وڏي وزير جي حيثيت ۾ تنھن وقت جي وزيراعظم شھيد محترمھ کي پنجاب جي دوري دوران ملڻ بھ نھ ايندو ھو ۽ اڳيان اسلامي جمھوري اتحاد ٺھرائيندڙ جا ميان صاحب مٿان اھي احسان ٿيا جو نوي واري اليڪشن ۾ ھر چونڊ نتيجي جو جيڪو اعلان پئي ٿيو، تنھن ۾ پيپلز پارٽي ھارايو ٿي ۽ انھي ھار کي اڄ ڏينھن تائين پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ڀوڳيندي پئي اچي. سو سائين منھنجا اھا مُحسن اسٽبلشمينٽ عمران خان کي سامھون آھي، جنھن جا احسان وساري عمران خان بُت مان نڪري ويو. ڇا اھا حد ناھي تھ جڏھن عمران خان خلاف عدم اعتماد واري رٿ اچي رھي ھئي تھ ھو اسٽبلشمينٽ کي سڌو مخاطب ٿي اھو چئي رھيو ھو تھ سندس حمايت ۾ اسٽبلشمينٽ کي اڳيان اچڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن اھا پاڻ کي نيوٽرل رکي ٿي تھ پوءِ اھو ياد رکڻ گھرجي تھ نيوٽرل فقط جانور ٿيندو آھي. ھاڻ واري حالت اھا آھي جو اھو ساڳيو عمران خان ساڳي اسٽبلشمينٽ کي اھو چئي رھيو آھي تھ اوھين نيوٽرل رھو ۽ جيڪڏھن نٿا رھو تھ پوءِ اھا ملڪ سان وڏي دشمني ھوندي. ھاڻ اھڙي مَت مُوڙھل ماڻھو جي سياست ۾ گنجائش نڪري بھ تھ آخر ڪيئن نڪري؟ سو عمران جو قصو ھاڻ پورو سمجھڻ گھرجي.
ھاڻ مسئلو آھي ان ايندڙ وقت جي اشارن جو، جيڪي آمريڪا پاڪستان ۾ ايندڙ حڪومت جي جُڙت کان اول ئي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن ۽ جيڪڏھن ايندڙ حڪومت آمريڪا جي اھڙن اشارن تي ھلي ٿي تھ عين ممڪن آھي پاڪستان جو اھو معاشي بحران بھ وقتي طور ٺاپر ۾ اچي وڃي، جنھن بحران ڪروڙين عوام جو ساھه منجھائي ڇڏيو آھي. آمريڪا جي انھن اشارن بابت آمريڪا جو تازو اظھار افغانستان مان پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگردي جي مذمت ڪندي پاڪستان جي مدد ڪرڻ واري آڇ آھي ۽ ٻي اھم ڳالهھ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ واري آڇ آھي. سچ بھ اھو آھي تھ اھي ٻئي معاملا ايترا تھ حساس ۽ اھم آھن، جو انھن کي حل ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان مٿان معاشي توڙي سياسي غيريقيني واري تلوار سدائين لٽڪيل ئي رھندي. ان ڏس ۾ ميان صاحب جي ليگ توڙي پاڪستان پيپلز پارٽي ٻئي ڪم اچي سگھن ٿيون. ھونئن بھ ميان صاحب جيڪا پنھنجي اڳوڻي حڪومت وڃائي ھئي، تنھن جي ڪجھه سببن مان ھڪ سبب انڊيا سان تڪرار گھٽائڻ واري پاليسي بھ ھئي. ساڳي ريت افغانستان جو مسئلو بھ آھي. ان ڏس ۾ بھ جيستائين پاڪستان پنھنجي پاليسي تبديل نٿو ڪري تيستائين دھشتگردي ختم ٿي سگھي ئي نٿي. بَنون وارو تازو ڪيس ان جو واضح مثال آھي، جنھن ۾ گھيري ھيٺ آيل دھشگردن چيو آھي تھ کين افغانستان نڪرڻ لاءِ محفوظ رستو ڏنو وڃي تھ ھو پوءِ يرغمالين کي ڇڏي سگھن ٿا. ان جو مطلب تھ پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪندڙن لاءِ افغانستان اڄ بھ محفوظ ٺڪاڻو آھي.
بھرحال جيڪا ھن وقت تائين جي صورتحال آھي، تنھن مان لڳي اھو ئي ٿو تھ اسيمبليون پنھنجو مدو پورو ڪنديون ۽ ايندڙ حڪومت جي پاليسي پاڙيسرين سان وڌيڪ ڦٽائڻ کان پاسو ڪندي، پراڻا تڪرار بھ حل ڪرڻ واري ھوندي تھ جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا ڪي امڪان بچيا آھن تھ اھي بحال ٿي سگھن. اھڙي پاليسي جو ھڪڙو ننڍڙو اشارو اھو مليو آھي جو پاڪستان ملڪ ۾ بصرن جو حد کان ٽپي ويل بحران گھٽائڻ لاءِ ڀارت مان بصر گھرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. باقي آھي عمران خان سو ھاڻ رڳو الزام ھڻڻ لاءِ ئي وڃي بچندو. ياد رکو تھ اھي الزام بھ وقت سان گڏ ان ڪري وقعت وڃائي ويھندا جو ساڻس ھا ۾ ھا ملائڻ وارا رھندا ئي ڪونھ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button