پاڪستانسنڌ

ڍورونارو ۾ ثقافتي پروگرام، شاگردن ڪلام ٻڌائي بيت پڙهيا

ڍورونارو: ماما جمن دربدر جي اسڪول گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي پي ايس اسڪول روحل واءِ ۾ ڇهه ماهي ٽيسٽ ٿي، ذهين شاگردن کي شيلڊون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاگردن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪري سنڌي ڪلام ٻڌائي بيت پڙهيا. مقابلن ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ تهذيب ساند، حفزه ساند، ملهار، عُذير، مصور، موئز ۽ ٻين شاگردن کي انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي هيڊ ماستر غلام مصطفى ساند، علي محمد، سرور ساند ۽ حاجي حيدر چيو ته هي پروگرام اسان ان ڪري رکيو آهي ته جيئن ذهين شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، ان سان شاگردن جي نشونما ٿئي ٿي. ڳوٺن ۾ ٻارن لاءِ تفريح نه هئڻ برابر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button