پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جي ريلي

چمبڙ: چمبڙ ۾ يوريا ڀاڻ مھانگو وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ ھاري ڪميٽي جي ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ ڏامرو مل، ڪامريڊ اقبال ۽ ڪامريڊ ارباب رستماڻي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوالھيار-ٽنڊو غلام علي روڊ بچاڻي پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته يوريا ڀاڻ جو سرڪاري اگھه 1750 رپيا آھي، پر دڪاندار 2900 کان 3000 ھزار رپيا في ٻوري بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن. چمبڙ ۾ ڀاڻ جي ٻوري جي سرڪاري قيمت کان به ٻيڻ تي ڊيلر ڀاڻ وڪرو ڪري آبادگارن کي ٻنهي ھٿن ڦري رهيا آهن. آبادگار اڳ ئي وڏي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رهيا آهن، ڀاڻ سميت زرعي دوائون، ٻج ۽ زراعت سان لاڳاپيل ٻيون شيون 2 نمبر ۽ بليڪ تي وڪرو ڪري معيشت کي تباهھ ڪيو ويو آهي. ياد رھي ته 3 مھينا اڳ تعلقي چمبڙ ۾ ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي ھئي ۽ آبادگارن جا ڪروڙين جا فصل سڪي تباهھ ٿي ويا ھئا ۽ انتظاميا برسات جو پاڻي وقت سر نيڪال نه ڪرائي سگھي، زرعي زمينون اڃان تائين پاڻي جي گھيري ۾ آھن، مٿان وري انتظاميا جي نااھلي سبب آبادگارن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. ھنن وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button