پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن طرفان ڌرتي کي ڀيٽائون

سرھاڙي: سرهاڙي ۾ سيف جي سهڪار سان خانگي ايم صديق هائي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافت بابت تقريرون ڪري ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي گيتن تي رقص پڻ ڪيو. تقريب ۾ گلن جهڙن معصوم شاگردن اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪن سان ثقافتي لباس پهري شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرنسپال رميز حسن راجپوت، استاد منور رند، استاد اسد زرداري، استاد عارف بروھي، استاد غلام مصطفيٰ زرداري، استاد رمضان انڙ، طفيل جمالي، استاد عبدالحفيظ، خوشدل شيراز مشوري، طلحه راجپوت، عبدالنبي شاھه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال قديمي آھي، سنڌ جي ثقافت کي دنيا آڏو اجاگر ڪري فخر محسوس ڪندا آھيون. شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ وڏو ٽيلنٽ آھي، جيڪي تعليم ۽ ثقافت جي حوالي سان گھڻو اڳتي آھن. اسڪول ايڊمن حامد خانزاده ۽ استادن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. آخر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ استادن ۽ پرنسپال ميڊل ۽ ٽرافيون ورهايون. ڪوريج لا آيل نيشنل پريس ڪلب جي صحافين بلاول خان جمالي، رياض زرداري، اسد زرداري، الطاف حسين ڀنگوار ۽ عبدالرئوف ڪيريو کي ايڊمنسٽريٽر حامد خانزاده ميڊل پارايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button