پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان،اربين رپين جي ضرورت آهي:شهباز شريف

خيرپور: وزيراعظم شهباز شريف خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو. وزيراعظم ميان شهباز شريف جي وساڻ هائوس ڪوٽڏيجي پھتو. جتي ٻوڏ، بحالي ۽ امدادي قدمن تي اين ڊي ايم اي سميت ٻين ادارن جي عملدارن بريفنگ ڏني. ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير احسن اقبال، خورشيد شاهه، سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه، صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ، ايم اين جاويد شاهه جيلاني، ايم پي اي منور وساڻ، ڪمشنر سکر غلام مصطفيٰ ڦل، ڊي سي خيرپور شرجيل نور چنا، ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر موجود هئا. چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال ۽ متاثر علائقن ۾ بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم امدادي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ متاثر علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ اضافي مشينري ۽ وسيلن کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صوبائي حڪومت ۽ ادارن جون ڏينهن رات ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي مطالبي تي ڪامسيٽ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ مدد ڪئي وڃي، ٻوڏ سبب سنڌ ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سڄي صوبي جو انفراسٽرڪچر بري طرح متاثر ٿيو آهي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي سهڪار ڪرڻ گهرجي. ٻوڏ متاثرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ وادي مهراڻ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اهڙي آفت مون پنهنجي زندگي ۾ نه ڏٺي آهي. ٻوڏ واري صورتحال ناقابل بيان هئي، لکين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، فصل تباهه ٿيا، صوبائي حڪومتن، وفاقي ادارن سان گڏجي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي، ٻوڏ تمام وڏي هئي ۽ وسيلا گهٽ هئا، وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏنا، اين ڊي ايم اي 18 ارب رپين جو امدادي سامان فراهم ڪيو، سنڌ حڪومت به اربين رپيا خرچ ڪيا. ڪافي حد تائين بحالي جو ڪم به ٿي چڪو آهي، پر اڄ به خيرپور ۽ دادو سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي. شهباز شريف چيو ته اڄ به 80 لک خاندان پاڻي کان متاثر آهن، 2 ڪروڙ ماڻهو امداد جا مستحق آهن، 90 لک ٻار اڃا تائين ٻوڏ سبب متاثر آهن، سياري جي موسم شروع ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺا آهن، اسان کي اربين رپين جي ضرورت آهي. ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم چيو ته يورپي ملڪن مان تمام گهڻي امداد اچي چڪي آهي. ترڪي، يو اي اي، قطر ۽ ٻين دوست ملڪن به امداد ڏني آهي. عمران خان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته عمران خان ڪعبي جي ماڊل واري واچ وڪرو ڪئي، جيڪڏهن تحفو وڪرو ڪري غريبن جي حوالي ڪري ها ته مان ساراهه ڪريان ها، وزيراعظم فنڊ ۾ 5 ارب رپيا جمع ٿي ويا آهن، جنهن سان سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گهر ٺاهينداسين، سنڌ حڪومت ان لاءِ زمين فراهم ڪندي ۽ ڪامسٽ يونيورسٽي لا به زمين ڏيندي. هن چيو ته ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ صوبن سان صلاح مشورا ڪيا آهن جتي مان ٻوڏ متاثرن جو ڪيس پيش ڪندس ۽ دنيا کي ٻڌائيندس ته پاڪستان هن مصيبت ۾ آيو آهي، پر ان جو قصور ڪجهه نه هو، ڇو ته اسان ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ ايترو حصو نٿا وجهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button